آءِ جي سنڌ پاران غيرقانوني پرڏيهين خلاف ڪارروايون تيز ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي(رپورٽر)آءِ جي سنڌ پوليس رفعت مختار راجا سنڌ پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته غيرقانوني پرڏيهين خلاف ڪارروائيون تيز ڪيون وڃن. عام چونڊن دوران امن امان ۽ سيڪيورٽي جي حوالي سان جامع رٿابندي تيار ڪئي وڃي. آءِ جي سنڌ پوليس جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ غيرقانوني پرڏيهين جي واپسي، اينٽي اسمگلنگ مهم ۽ ايندڙ عام چونڊن تي ٻڌل ايجنڊائن کي پوائنٽ ٽو پوائنٽ بحث هيٺ آندو ويو ۽ بعد ۾ بريفنگ ۾ وڌيڪ هدايتون ڏنيون ويون ۽ فيصلا ڪيا ويا.آءِ جي سنڌ هدايتون ڏنيون ته غيرقانوني طور تي ترسيل پرڏيهين جا سڃاڻپ ڪارڊ ،فيملي ٽري نادرا کان چيڪ ڪرايا وڃن هن  چيو ته صوبي ۾ جاري اينٽي اسمگلنگ مهم کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث گروهن، سندن سهولتڪارن ۽ سرپرستن تي مضبوط هٿ وڌو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.