پنوعاقل ( رپورٽ: رستم انڍڙ) پنوعاقل ۽ شڪارپور جي گڏيل ڪچي واري علائقي ڪوٽ شاهو ٿاڻي جي حد ڳوٺ گھر پنهنجا ۾ عورت جي قتل واري پيش آيل واقعو نئون رخ اختيار ڪري ويو آھي، پرڻيل عورت اورڻ جي پيءُ منظور عرف ڪمدار ڪرسي جتوئي موجب نياڻي جي مڙس ربن ڪوش ۽ ڏيرن گڏجي لٺيون ۽ سروٽا ھڻي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش بنا غسل ڪفن جي گھر ٻاهران ڳجھي ھنڌ تي دفن ڪري ڇڏيو هو. مقتولڻ جي پيءُ جو چوڻ آهي ته اطلاع ملڻ تي پنهنجي مدد پاڻ تحت نياڻي جي لاش جي ڳولا ڪئي، زمين مان مڙهه ڪڍي ڪوٽ شاهو پوليس حوالي ڪيو، پوليس لاش تحويل ۾ وٺي شڪارپور سول اسپتال پھچايو. مقتولا نياڻي جي والد جو وڌيڪ چوڻ ته سندس نياڻي جي 6 مهينا اڳ شادي ٿي هئي، جوابدار مبينا طور هر روز تشدد ڪندا هئا، کيس لٺيون ۽ سروٽا هڻي قتل ڪيو ويو. مقتولا عورت جي والد الزام هنيو ته ڪوٽ شاهو ٿاڻي جي پوليس مبينا طور جوابدارن کان ڳري رشوت وٺي خاموش ٿي وئي آھي. واقعي کي ٽي ڏينهن گذرڻ باوجود جوابدار گرفتار نه ٿي سگھيا آھن، جوابدار ڪيس تان ھٿ کڻائڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن. ھوڏانهن ڪوٽ شاهو ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته عورت جي قتل جي سندس والد جي فرياد تي چئن جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪئي وئي آھي. پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کانپوءِ واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو، ٻئي پاسي مقتولا نياڻي جي والد منظور ڪرسي جتوئي جو چوڻ ھو ته ڪوٽ شاهو پوليس جوابدارن سان ٻٺ بڻيل آھي. هن آءِ جي سنڌ رفعت مختار ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي جوابدارن ۽ ساڻن ٻٺ بڻيل پوليس خلاف ڪارروائي ڪري نياڻي جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.