پوليس کي 48 ڪلاڪن جو الٽيميٽم، نئين جي آءِ ٽي قائم

ڪراچي  (رپورٽر ) آءِ جي سنڌ  رفعت مختار ملڪ، شھيد صحافي جان محمد مھر جي ڀاءُ جي مطالبي تي ڊي آءِ جي سکر جي سربراھيءَ ۾ نئين جي آءِ ٽي قائم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي. نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي ھدايت تي آءِ جي سنڌ رفعت مختار جان محمد مھر قتل ڪيس جي فريادي ڪرم الله سان ملاقات ڪئي، جنھن ۾ صحافين طرفان قائم جوائنٽ ايڪشن ڪميٽيءَ جو ڪنوينر وحيد راڄپر به شريڪ ٿيو. آءِ جي سنڌ جو چوڻ ھو ته سکر پوليس کي ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ مک قاتلن کي گرفتاريءَ جو  الٽيميٽم ڏنو آھي. شھيد جان محمد مھر جي وڏي ڀاءُ ڪرم اللھ مھر جي درخواست تي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر جي سربراھيءَ ۾ نئين جي آءِ ٽي قائم ڪرڻ جو به حڪم ڏنو. آءِ جي سنڌ ڪيس جي فريادي  جي تحفظ لاءِ پوليس ۽ رينجرز جي ڪمانڊوز جي سڪيورٽي خاطر درخواست صوبائي ٿريٽ ڪميٽيءَ کي موڪلڻ جي ھدايت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.