ڪراچي: پي ايف يو جي طرفان سکر جي قتل ٿيل صحافي جان محمد مهرجي قاتل جي گرفتاري واري ريلي کي روڪڻ لاءِ ڪراچي انتظاميا طرفان آچر ڏينهن کان سومر جي صبح تائين پي ايف يو جي اڳواڻن مٿان هر هر ريلي نه ڪڍڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو، ان سلسلي ۾ سومر جي منجهند جو ڊپٽي ڪمشنر سائوٿ ڪيپٽن ريٽائرڊ الطاف حسين ساريو، اي سي صدر ٽائون شائسته سرهيو ڪراچي پريس ڪلب پهچي ڪلب جي صدر سعيد سربازي، پي اي يو جي اڳواڻ لالا اسد، سيڪريٽري شعيب احمد ۽ ٻين کي ريلي پروگرام ملتوي ڪرڻ ۽ ڪلب تائين محدود رکڻ جي گذارش ڪئي. ريلي جڏهن گورنر هائوس وٽ پهتي ته ايس ايس پي سائوٿ عمران قريشي ۽ ٻين پوليس آفيسرن ريلي جي اڳوڻي ڪندڙ مظهر عباس کي ريلي روڪڻ ۽ ڳالهيون ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو، ريلي جڏهن رينجرز هيڏ ڪوارٽر جي سامهون پهتي ته انتظاميا پوليس گاڏيون بيهاري رستا روڪ ڪئي پر سوين صحافي نعرا هڻندا جڏهن وزير اعلي هائوس طرف روانا ٿيا ته انتظاميه رڪاوٽون هٽائي ڇڏيون.
ريلي ۾ شرڪت لاءِ صبح جو ئي سڄي سنڌ مان قافلا پهچڻ شروع ٿي ويا
ڪراچي. پي ايف يو جي طرفان قتل ٿيل صحافي جان محمد مهرجي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ريلي ۾ شرڪت لاءِ سومر جي صبح جو ئي صحافين جا قافلا ڪراچي پريس پهچڻ شروع ٿي ويا هئا، جن جي ويهڻ ۽ ماني جو بندوبست ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڪيو ويو هو. ريلي ۾ صحافي عورتن به شرڪت ڪئي.