ھونئن ته اسرائيل ۽ فلسطين جي وچ ۾ ھلندڙ ڇڪتاڻ گھڻي پراڻي آھي، جا سالن کان جاري آھي، جنھن ۾ ڪڏھن شدت ته ڪڏھن گھٽتائي ايندي رھي ٿي، پر ھن ڀيري اسرائيل انسانيت جون سڀئي حدون ئي پار ڪري ويو آھي. جيڪو عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي سنگين جنگي ڏوھ ڪرڻ لڳو آھي، پر آمريڪا، برطانيا ۽ فرانس سميت دنيا جا ٻيا طاقتور ملڪ کيس روڪڻ لاءِ ڪا به سنجيده ڪوشش نه ڪئي آھي.
اسرائيلي جنگي جھاز نه رڳو فسلطين جي عام آبادي کي نشانو بڻائي تباه ڪرڻ لڳا آھن، پر اسپتالن تي پڻ لاڳيتو بمباري ڪري انھن کي کنڊرات ۽ قبرستان ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي، اسرائيل جو اھو عمل جنگي ڏوھ جو ارتڪاب ۽ ظلم و بربريت جي خطرناڪ صورت آھي.رپورٽ موجب غزا جي سڀ کان وڏي الشفاء اسپتال جي احاطي ۾ 179 شھيد فلسطنين کي اجتماعي قبر ۾ دفن ڪيو ويو آھي. جن ۾ ست معصوم ٻار ۽ ڪجھه مريض پڻ شامل آھن.
ھڪ اجتماعي قبر ۾ ايترن لاشن جو دفن ٿيڻ موجوده دور جو ھڪ غير معمولي واقعو ۽ ڏکوئيندڙ سانحو آھي، جنھن جي جيتري به مذمت ڪجي، اھا گھٽ آھي.ويجھي ماضي ۾ ڪٿي به ان واقعي جو ڪو مثال نٿو ملي.ايئن صرف پھرين ۽ ٻي مھاڀاري لڙائي ۾ ٿيو ھو، يا ان کان اڳي پراڻي دور ۾ مختلف لشڪرن جي وچ ۾ لڳندڙن معرڪن دوران ھزارين انسان ھڪئي وقت قتل ٿيندا ھا، جن کي پڻ اجتماعي قبرن ۾ دفنايو ويندو ھو. ڇا دنيا ھڪ ڀيرو ٻيھر تباھي ۽ جھالت واري دور ڏانھن واپس وڃي رھي آھي؟
دراصل انسان پنھنجو وجود محفوظ ڪرڻ جي بدران ھميشه خود ئي خطري ۾ وجھندو آيو آھي. ايٽم بم سوڌو ٻيا تباھي پکيڙيندڙ ھٿيار انسان ڪنھن ٻي مخلوق کان بچاءِ لاءِ نه پر ٻين انسانن جي خوف کان ئي ايجاد ڪيا آھن، اھو ھڪ وڏو الميو آھي. جيڪڏھن انسان انھن ھٿيارن تي پئسو خرچ ڪرڻ تي بدران انساني ڀلائي لاءِ ڪتب آڻي ھا ته ھوند دنيا جي لکين انسانن جو جياپو سھنجو ٿي پوي ھا، پر بدقسمتيءَ سان دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ ساليانو ڪروڙين رپيا رڳو ھٿيارن جي خريداري تي خرچ ڪيا وڃن ٿا، جيڪو تعليم، صحت ۽ ٻين عوامي شعبن تي خرچ ٿيڻ گھرجن ھا، جنھن سان عام انسان مستفيد ٿي سگھن ھا.انساني تاريخ ٻڌائي ٿي ته انسان ڪڏھن به ڪٿي امن ۽ سک سان رھيو ئي ناھي. جڏھن ته انسان جي ڀلائي ۽ سلامتي امن سان ئي مشروط آھي.
خبر ناھي اسرائيل سميت دنيا جا ٻيا ملڪ، جيڪي پنھنجي طاقت جي غرور ۾ ايترا ته انڌا ٿي ويا آھن، جو کين انساني تاريخ جو اھو تجربو نظر ئي نٿو اچي ته جنگ سان مستقل ۽ پائيدار امن ممڪن ئي ڪونھي. جيئن باهه کي باهه سان اجھائي نٿو سگھجي، تئين تشدد کي تشدد سان ختم ڪري نٿو سگھجي. باه کي اجھائڻ لاءِ فقط پاڻي ئي ڪارآمد ھوندو آھي. اھڙي طرح اسرائيل ۽ فلسطين جي وچ ۾ ڀڙڪيل باه کي فقط ڳالھين سان ئي اجھائي سگھجي ٿو. جيڪڏھن اسرائيل سمجھي ٿو ته ھو طاقت سان حماس سان مڪمل خاتمو ۽ فلسطينين جي نسل ڪشي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو ته اھا سندن خوشفھمي ۽ وڏي غلطي چئبي. ڇا ڪاڻ ته ماضي ۾ جھروڪن ۾ ليئو پائڻ سان اسان کي اھڙا ڪيترائي مثال ملندا، جتي ننڍن قومن وڏن ۽ طاقتور ملڪن کي تاريخي، ذلت آميز ۽ شرم ناڪ شڪست ڏني.
اسان تاريخ جي دريءَ کولي گھڻو پري نٿا وڃون، ويجھي ماضي ۾ آمريڪا بھادر مختلف ملڪن جي فوج نيٽو سان گڏ افغانستان تي ڪيترائي سال بمباري ڪندو رھيو. آخرڪار طالبان سان ڳالھين تي مجبور ٿيو ۽ افغانستان انھن طالبانن جي حوالي ڪري پنھنجا ٽپڙ گول ڪري ويو، جن سان ھميشه چوندو رھندو ھو ته طالبان دنيا جي لاءِ خطرو آھن. ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته انتھاپسندي دنيا جي امن لاءِ خطرو آھي، پر جيڪا اسرائيل فسلطينين جي خلاف ڪارروائي ڪري رھيو آھي، سا به سڌي سنئين انتھاپسندي ۽ کليل دھشتگردي آھي.ان دھشتگردي کي روڪڻ جي سخت ضرورت آھي، ڇا ڪاڻ ته اسرائيلي عمل عالمي امن تي پڻ اثر انداز ٿي سگھن ٿا. گڏيل قومون اسرائيل کي ڳالھين طرف وٺي اچي، ڇو ته ڳالھين جي ذريعي ئي عالمگير ۽ پائيدار امن قائم ڪري سگھجي ٿو.
-
خودڪشي جي نانءُ تي لڙھي ويندڙ لاش
حيدر آباد ۾ واقع ھڪ فليٽ مان مرڪ جان جو ڦاھو کاڌل لاش مليو آھي. جنھن بابت مختلف قياس آرايون ٻڌڻ ۾ اچي رھيو آھن، جنھن مان ھڪ خودڪشي پڻ آھي. جيتوڻيڪ خودڪشي جي امڪان کي پڻ رد ڪري نٿو سگھجي، پر خودڪشي جا ڪارڻ ضرور معلوم ڪرڻ گھرجن ته آخر معصوم ڇوڪريءَ مرڪ جان کي ڪنھن مرڻ تي مجبور ڪيو؟ شروعاتي رپورٽ موجب مرڪ جو موت لٽڪجڻ ۽ ساه گھٽجڻ سبب واقع ٿيو آھي.
دنيا ۾ ڪيئي قتل نھايت ئي چالاڪي سان خودڪشي جي انداز ۾ ڪيا ويا آھن، جن مان اڪثر مقتولن جا لاش لڙھي ويا، رياستي نظام ساڻن انصاف نه ڪري سگھيو ۽ سندن قاتلن کي جوڳي سزا نه ملي سگھي. سنڌ ۾ نمرتا ڪماري ۽ نائلا رند سميت ٻين ڪيترن ئي ڇوڪرين جا لاش خودڪشي جي آڙ ۾ لوڙھيا ويا. ڇا ڪاڻ ته جاچ ڪندڙ ادارا به لاش تي خودڪشي جو ليبل لڳل ڏسي خاموش ٿي ويندا آھن ۽ اھا فائيل بند ڪري ڇڏيندا آھن. خدشو آھي ته مرڪ جو خون پڻ لوڙھيو ويندو، ڇو ته ان کي پڻ خودڪشي جو نالو ڏنو پيو وڃي.
ان معاملي جي ھر رخ کان جاچ ڪئي وڃي ۽ جيڪڏھن خودڪشي آھي ته ان جا ڪارڻ منظر عام تي آڻي ذميدارن کي سزا ڏني وڃي، ته جيئن مستقبل ۾ اھڙن واقعن کي ٻنجو اچي سگھي.