¨ حقيقي معنيٰ ۾ ۽ نظرياتي طور ڏسجي ته طاقت جو سرچشمو عوام ئي هوندو آهي پر ان الميي تي ماتم ئي ڪري سگهجي ٿو ته هتان جي اقتداري جماعتن هميشه اسٽيبلشمينٽ کي ڏاڪڻ بڻائي اقتدار ماڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
¨ اڃان به ايئن چئجي ته اقتداري پارٽين هميشه اسٽيبلشمينٽ جي ونگار وهندي ان جي ايجنڊا تي ڪم ڪيو آهي. جنهن جو آخري نقصان انهن کي ئي ٿيو آهي ۽ اڳتي به ٿيندو رهندو.
¨ تحريڪ انصاف جي عمران خان کي مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ جي خلاف اسٽيبلشمينٽ ئي ميدان تي آندو ۽ ان جي چوڻ تي عمران خان سياست ڪئي جنهن جو نتيجو اوهان جي آڏو آهي.
¨ ايئن پ پ عمران خان خلاف جيڪا بي اعتمادي جي رٿ ڪامياب ڪرائي تنهن پٺيان به جنرل باجوا جي ايجنڊا هئي. ان ايجنڊا تي هلڻ ڪري پ پ نه هاڻي ”هيڏانهن“ جي يعني عوام جي رهي نه ”هوڏانهن“ يعني اسٽيبلشمينٽ جي رهي آهي. ساڻس ڪم لٿو ڊکڻ وسريو واري ڪار ٿي وئي.
¨ ماضيءَ جي تجربن مان سکڻ بدران هاڻي به مسلم ليگ (ن) وري اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد سان اقتدار ۾ اچڻ جو پروگرام ٺاهيو آهي جيڪو سڀني کي ظاهر ظهور نظر اچي رهيو آهي. اها ڀلي اقتدار ۾ اچي به وڃي پرعوامي مقبوليت وڃائي ويهندي.
¨ جيستائين اهي اقتداري جماعتون اسٽيبلشمينٽ جي ونگار وهنديون رهنديون ۽ عوام بدران اسٽيبلشمينٽ کي طاقتو جو سرچشمو سمجهنديون رهنديون ته پوءِ اهي عوامي مقبوليت به وڃائينديون رهنديون.
¨ جيڪي به اقتداري پارٽيون اسٽيبلشمينٽ جي اسائنمينٽ تي هليون آهن تن کي ئي ليول پلينگ فيلڊ نه ملڻ جون شڪايتون هونديون آهن. پر جيڪڏهن اهي عوامي اشوز تي سياست ڪن ته کين ليول پلينگ فيلڊ نه ملڻ جي ڪا شڪايت نه رهندي.
¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته عوامي طاقت تي ويساهه نه رکندڙ اقتداري جماعتن جي سياسي معيار جو عالم اهو آهي ته اهي هاڻي ليول پلئينگ فيلڊ وٺڻ جو مطالبو به اسٽيبلشمينٽ کان ئي ڪري رهيون آهن.