ميونسپل آفيسرن جون ڀرتيون:سنڌ سرڪار، نيب چيئرمين، پبلڪ سروس ڪميشن کان جواب طلب

حيدرآباد(رپورٽ: حسيب لطيفي) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد جي عدالت، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ميونسپل آفيسرن جي ڀرتين جي لاءِ ورتل  امتحان ۾ ميرٽ جي لتاڙ،نتيجن ۾ هيرا ڦيري ڪرڻ ۽ شفافيت نه هجڻ خلاف داخل درخواست تي چيف سيڪريٽري سنڌ، چيئرمين نيب، چيئرمين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ، سيڪريٽري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۽ ڪنٽرولر کي نوٽيس جاري ڪندي 22 نومبر تي جواب طلب ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ ميونسپل آفيسر جي پوسٽ لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ۾ حصو وٺندڙ 16 اميدوارن نامياري وڪيل سجاد احمد چانڊيو جي معرفت سنڌ ھاءِ ڪورٽ حيدرآباد سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ داخل ڪرايل پٽيشن ۾ عدالت کي اپيل ڪئي آھي ته ميونسپل آفيسرن جي پوسٽ لاءِ ورتل امتحانن جا نتيجا رد ڪري نتيجن ۾ پنھنجا نوازي ۽ ڪرپشن جي جاچ لاءِ چيئرمين نيب کي حڪم جاري ڪيا وڃن.پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ميونسپل آفيسرن لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران جيڪي به امتحان ورتا ويا ۽ نتيجا پڌرا ڪيا ويا اھي سپريم ڪورٽ جي حڪم جي ڀڃڪڙي آھن، سپريم ڪورٽ پاران طئه ڪيل طريقي ڪار موجب سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ھر امتحان ۽ ھر اميدوار جي انٽرويو جي سي سي ٽي وي ريڪارڊنگ جو حڪم ڏنل آھي ساڳي ريت طريقيڪار موجب سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ھر اميدوار جي لکت واري امتحان ۽ انٽرويو جون ڌار ڌار مارڪون جاري ڪرڻ جي پابند آھي، پر ميونسپل آفيسرن جي ورتل امتحان، انٽرويو ۽ نتيجا جاري ڪرڻ ۾ انهن سمورين ھدايتن جي ڀچڪڙي ڪئي وئي آھي، ان ڪري ميونسپل آفيسرن بابت ورتل امتحانن جا نتيجا رد ڪري ڪرپشن ۽ پنھنجا نوازي بابت جاچ لاءِ چيئرمين نيب کي حڪم جاري ڪيا وڃن. اهڙي پٽيشن تي عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 22 نومبر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.