سپريم جڊيشل ڪائونسل پاران جسٽس طارق مسعود ۽ جسٽس مظاهر نقوي کي نوٽيس

  اسلام آباد(م ڊ) سپريم جڊيشل ڪائونسل جو اجلاس 20 نومبر تي طلب ڪيو ويو آهي، شڪايت ڪندڙن ۽ ججن کي نوٽيس پڻ جاري ڪيا ويا آهن. ذريعن موجب جسٽس مظاهر نقوي ۽ جسٽس سردار طارق مسعود کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس سردار طارق ۽ جسٽس مظاهر نقوي خلاف شڪايت ڪندڙ کي لاڳاپيل مواد سميت پيش ٿيڻ جو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته 27 آڪٽوبر تي جسٽس مظاهر نقوي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪيو هو. جسٽس مظاهر نقوي پنهنجي جواب ۾ سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي تي اعتراض ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.