پاڻي چوري ۾ واٽر بورڊ آفيسر ملوث آهن: ايم ڊي واٽر بورڊ جو اعتراف

ڪراچي ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ايم ڊي واٽر بورڊ صلاح الدين اعتراف ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ پاڻي چوري ۾ واٽر بورڊ آفيسر ملوث آهن،  جن خلاف ڊپارٽمينٽل رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي. جاچ ۾ ڪيترن ئي واٽر سيوريج بورڊ جي ايڪسيئن خلاف پاڻي چوري ۾ ملوث هئڻ جا ثبوت مليا آهن.پاڪستان رينجرز هيڊ ڪوارٽر ۾ سيڪٽر ڪمانڊر نيول رينجرز برگيڊيئر ڪبير ۽ ايم ڊي واٽر بورڊ صلاح الدين گڏيل پريس بريفنگ ۾ ٻڌايو ته  شهر ۾ 17 سيپٽمبر کان پاڻي چورن خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پاڪستان رينجرز سنڌ سان گڏ ڪراچي واٽر بورڊ به شريڪ آهي سچل رينجرز جي سيڪٽر ڪمانڊر  چيو ته غير قانوني هائيڊرنٽس خلاف آپريشن جو وڏو حصو مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي غير قانوني ڪنيڪشنز خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته چوري ٿيل پاڻي نه رڳو صنعتي ۽ گهريلو صارفين کي سرڪاري اگهه کان ٻه کان ٽي ڀيرا وڌيڪ اگهه تي وڪرو ڪيو پيو وڃي پر پاڻي چوري سبب ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ کي هر مهيني اربين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي .ايم ڊي واٽر بورڊ چيو ته شهر ۾ پاڻي چوري خلاف آپريشن دوران 196 هائيڊرنٽس ڊاهي پٽ ڪيا ويا، 400 غير قانوني ڪنيڪشن ڪٽيا ويا، پاڻي چورن خلاف 125 ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون ۽ 80 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.