عمران خلاف سائفر ڪيس جي جيل ۾ ٻڌڻي روڪڻ جو حڪم

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان خلاف سائفر ڪيس جي جيل ۾ ٻڌڻي روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد  جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف سائفر ڪيس جي اڊيالا جي ۾ ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. ان سلسلي ۾ عمران خان طرفان سلمان اڪرم راجا، ۽ حڪومت طرفان اٽارني جنرل دليل ڏنا. ٻڌڻي دوران جسٽس ميان گل حسن پڇاڻو ڪيو ته اسان ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته اهڙيون ڪهڙيون غيرمعمولي حالتون هيون جو هي ٽرائل اهڙي نموني هلايو پيو وڃي؟ اوهان کي ٻڌائڻو آهي ته حقيقت ٿيو ڇا آهي؟. اٽارني جنرل چيو ته هو تمام لاڳاپيل ادارن کان رڪارڊ وٺي عدالت آڏو رکندو، ان تي جسٽس ميان گل حسن چيو ته سراسري طور ٽئي نوٽيفڪيشنز هاءِ ڪورٽ جي رولز مطابق نه آهن. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ايندڙ ٻڌڻي تي لاڳاپيل رڪارڊ طلب ڪري ورتو ۽ 16 نومبر تائين ڪيس جي جيل ۾ ٻڌڻي روڪي ڇڏي.

بشريٰ بي بي ۽ عمران خان جي 6 ڪيسن ۾ عارضي ضمانت ۾ واڌ

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج طاهر عباس سپرا توشه خانه جعلي رسدن جي ڪيس ۾ بشريٰ بي بي ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي 6 ڪيسن ۾ عارضي ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي. گذريل ڏينهن عدالت بشريٰ بي بي کي توشه خانه جعلي رسدن جي ڪيس ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي 6 ڪيسن ۾ ضمانت جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي بشري بي بي جي وڪيل خالد يوسف چوڌري ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيو جڏهن ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي عدالت پيش نه ڪيو ويو. جنهن کان پوءِ عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي 6 ڪيسن ۾ ضمانت جي درخواست ۽ بشريٰ بي بي جي توشه خانه جعلي رسدن جي ڪيس ۾ عارضي ضمانت ۾ 28  نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.

اڳوڻي وفاقي وزير حفيظ شيخ خلاف ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي بنا ڪارروائي ملتوي

ڪراچي (رپورٽر) احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر حفيظ شيخ جي خلاف پورٽ  قاسم سميت ٻين ۾ سافٽ  ويئر جي تياري جي مد ۾ ڪرپشن جي الزام ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي بغير ڪارروائي جي 9 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، سپريم ڪورٽ جي آرڊر کانپوءِ جوابدارن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا هئا .جوابدارن ڪرپشن جي ذريعي قومي ناڻي کي 11.125ملين ڊالر جو نقصان ڏنو آهي .

لاهور: صنم جاويد جي رمانڊ ۾ 3 ڏينهن جي واڌ

لاهور (م ڊ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ ڪارڪن صنم جاويد جي رمانڊ ۾  3 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ زمان پارڪ پوليس آپريشن دوران اهلڪارن تي تشدد ۽ 9 مئي جي ڏينهن ڀڃ ڊاهه جي ڪيس ۾ نامزد صنم جاويد خلاف ٻڌڻي ٿي، عدالت ٻڌني دوران صنم جاويد جي رمانڊ ۾ 3 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.

ڪڪ بيڪس جا الزام: مونس الاهي جا دائمي گرفتاري وارنٽ جاري

لاهور (م ڊ) احتساب عدالت پي ٽي آءِ صدر پرويز الاهي جي پٽ مونس الاهي خلاف سرڪاري ٺيڪن عيوض ڪڪ بيڪس جي  الزامن واري ڪيس ۾ دائمي گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. لاهور جي احتساب عدالت ڪيس جو لکت ۾ حڪم جاري ڪندي مونس الاهي جا دائمي گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. لکت واري حڪم ۾ چيو ويو آهي ته مونس الاهي عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي اشتهاري قرار ڏنل آهي، سندس گرفتاري لاءِ دائمي وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.