غزا: الشفا اسپتال ۾ 179 شهيد فلسطينين جي اجتماعي تدفين،اسرائيل جي وحشياڻي بمباري

غزا(م ڊ)غزا جي سڀ کان وڏي الشفا اسپتال جي احاطي ۾ 179 شهيد فلسطينين کي اجتماعي قبر ۾ دفن ڪيو ويو.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسپتال جي احاطي ۾ دفن ٿيلن ۾ 7 ٻارڙا شامل آهن جيڪي آءِ سي يو ۾ فوت ٿيا  ۽ 29 مريض به شامل آهن،غزا جي پٽي تي اسرائيلي فوج جي وحشياڻي بمباري جو سلسلو جاري آهي. 7 آڪٽوبر کان وٺي هن جنگي بمباري ۾ شهيد ٿيندڙ فلسطينين جو انگ 11 هزار 500 تائين پهچي ويو آهي.خابرو اداري موجب آمريڪا ۽ برطانيا حماس سان لاڳاپيل ماڻهن ۽ گروپن تي وڌيڪ پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته غزا ۾ برسات بي گهر فلسطينين لاءِ زحمت بڻجي وئي،  هڪ اندروني يو ايس اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ميمو ظاهر ڪري ٿو ته صدر بائيڊن غلط معلومات پکيڙي رهيو آهي.ميمو ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسرائيل غزا ۾ جنگي ڏوهه ڪري رهيو آهي،هوڏانهن ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) چيو آهي ته غزه جي 36 اسپتالن مان 22 غير فعال آهن، جڏهن ته غزه جي ڏکڻ ۾ خان يونس تي اسرائيلي هوائي حملن ۾ ٻارن سميت 10 ڄڻا شهيد ٿي ويا هوڏانهن اسرائيلي فوج اولهندي ڪناري جي اتر شهر طولڪرم جي ڀرپاسي ۾ 5 فلسطيني نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو ٻئي طرف اسرائيلي فوج غزه پٽي ۾ جباليه ڪئمپ ۾ شيلنگ دوران 31 فلسطينن کي شهيد ڪري ڇڏيو. هوڏانهن  گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي، ته اسرائيل طرفان غزه ۾ اچ وڃ جا رستا بند ٿيڻ سبب انساني صورتحال وڌيڪ سنگين ٿيندي پئي وڃي، ڇاڪاڻ ته ٻارڻ جي گهٽتائي سبب امدادي سامان کڻي ويندڙ ٽرڪن جي اچ وڃ بند ٿي سگهي ٿي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.