بلوچستان جون 30 کان وڌيڪ سياسي شخصيتون ن ليگ ۾ شامل

ڪوئيٽا ( م ڊ ) مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف بلوچستان ۾ سياسي سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن، 30 کان وڌيڪ سياسي شخصيتن مسلم ليگ ن ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪوئيٽا ۾ مسلم ليگ (ن) ۾ سياسي شخصيتن جي شموليت جي تقريب ٿي، جنهن ۾ نواز شريف، شهباز شريف، مريم نواز، پرويز رشيد ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي 30 کان وڌيڪ سياسي شخصيتن ن ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، جن ۾ بي اي پي، بي اين پي مينگل، نيشنل پارٽي، پي ٽي آءِ، پ پ جا اڳوڻا ايم پي ايز به شامل آهن. ن ليگ ۾ شامل ٿيندڙن ۾ اڳوڻو وڏو وزير ڄام ڪمال، اڳوڻو وزير مير سليم کوسو، نور محمد دمڙ، ربابه بليدي، بي اي پي جو سردار عبدالرحمان کيتران، محمد خان لهڙي، سردار مسعود لوني، شعيب نوشيرواڻي، عاصم ڪرد، رامين محمد حسني شامل آهن. ان کان اڳ بلوچستان عوامي پارٽي (بي اي پي) جي خالد مگسي، نيشنل پارٽي جي ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ، پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي نواب اياز جوگيزئي ۽ جميعت جي مولوي غلام سرور، عثمان  باديني ٻين سياسي اڳواڻن ملاقات ڪئي. ان دوران نواز شريف سڀني سان گڏ هلڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته ماضي ۾ به هميشه سڀني سان گڏ هلڻ جي روايت آهي، هو مستقبل ۾ به سڀني سان گڏ هلڻ جي روايت تي عمل ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.