اسلام آباد( م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان چيو آهي ته اڄ تائين عوام جي دادلي کي ڪڏهن اقتدار ناهي ڏنو ويو . ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شاهد خاقان چيو ته ڀٽو عوام جو دادلو هو، شفاف چونڊن سان عوامي نمائندو سامهون اچي ايندو. چونڊون چوري سان ملڪ جون حالتون درست نٿيون ٿي سگهن. جيڪڏهن شفاف چونڊون ٿيون ته عوام جو اصل ڪردار سامهون اچي ويندو. تاريخ جي سڀ کان وڏي چوري 2018 جي اليڪشن ۾ ٿي. هن چيو ته مسلم ليگ ن 16 مهينا اقتدار ۾ رهي، مٿن لڳل ليبل ختم نه ٿيا. اڄ هڪ ڳالهه جي ضرورت آهي، سڀني کي گڏ ٿيڻ گهرجي، 1970ع ۾ عوام جو هڪ دادلو هو، جنهن کي لاڏلو ٿيڻ نه ڏنو ويو. دادلو اهو آهي جيڪو عوام جو پيارو آهي. مان اقتدار خاطر اقتدار ۾ يقين نه ٿو رکان، ڪجهه ضابطا هئڻ گهرجن.