اسلام آباد ( م ڊ ) مسلم ليگ ن جي سڌ سماءَ واري ڊپٽي سيڪريٽري عطا تارڙ چيو آهي ته پيپلزپارٽي سان اختلاف ايترا سخت نه آهن جو ٻيهر ڳالهيون نه ٿي سگهن. ووٽ کي عزت ڏيڻ وارو بيانيو ختم ڪري ڇڏيو، ڳالهه ختم ٿي وئي، ايندڙ وزير اعظم رائيونڊ مان ٿيندو. اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته چونڊن ۾سمورين پارٽين کي ليول پليئنگ فيلڊ ملڻ گهرجي.اداري جي غير جانبدار ٿيڻ سان ووٽ کي عزت ڏيڻ وارو بيانيو ختم ٿي ويو آهي، اپريل ۾ اداري جي سربراهه پاڻ چيو ته ادارو غير جانبدار ٿي ويو آهي، ان ڪري اسان جو مطالبو به ختم ٿي ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ عطا تارڙ چيو ته شاهد خاقان عباسي سان ايترا اختلاف ناهن ته هو پارٽي ڇڏي يا نئين پارٽي ٺاهي. شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته هو چونڊ نه وڙهندو. پي ٽي آءِ چيئرمين جو تجربو ناڪام ٿي ويو آهي، ايندڙ وزيراعظم رائيونڊ جو هوندو.