بجلي مهانگي ڪرڻ جون تياريون،آءِ ايم ايف پاران 40 سيڪڙو ٽئڪس لڳائڻ تي زور

اسلام آباد: (م ڊ) حڪومت طرفان بجلي جي قيمتن ۾ هڪ دفعو ٻيهر واڌ جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن. پاڪسان کي بجلي جي  قيمتن ۾ هڪ دفعو ٻيهر واڌ ڪرڻي پئجي سگهي ٿي ۽ آءِ ايم طرفان گردشي قرض ۽ مالياتي انگن اکرن تي حڪومتي موقف کي نه مڃڻ کان پوءِ ٽن مهينن لاءِ 417 ارب روپين جي پرائمري بجيٽ سرپلس تي به نظرثاني ڪرڻي پئجي سگهي ٿي. آءِ ايم ايف طرفان اسپشل انويسٽمينٽ فيسلينيشن ڪائونسل جي ڪردار، اختيارن ۽ مينڊيٽ تي به سوال اٿاريا ويا آهن ۽ ڪائونسل جي واڌ جي ڪردار ۽ احتساب کان ڇوٽ تي به خدشن جو اظهار ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي حڪومت پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن جي خريد ۽ وڪرو سان بينڪن کي حاصل ڪيل منافعي تي 40 سيڪڙو ٽيڪس لڳائڻ تي غور ڪري رهي آهي. اهڙي قدم سان ايف بي آر کي 44 ارب روپين جي آمدني ٿيندي. ذريعن ٻڌايو آهي ته بجلي جي قيمتن ۾ واڌ ٽن مهينن لاءِ گردشي قرضن جي حد ۽ مالياتي خساري تي پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ڪابه هڪ جهڙائي نه آهي. ذريعن ٻڌايو ته آءِ ايم ايف طرفان جولاءِ ۾ ڪيل بجلي جي قيمتن ۾ واڌ کي ناڪافي قرار ڏيڻ کان پوءِ هڪ دفعو ٻيهر بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جا امڪان وڌي ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.