اثاثا وڪڻي ملڪ کي ترقي وٺرائڻ جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا: ثمر جتوئي

ٽنڊوالهيار (رپورٽ : حسرت لغاري ) سنڌ ھاري ڪميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي چيو آھي ته ھتي جا آبادگار ۽ ھاري ھتان  جي سرمائيدارن جي رحم و ڪرم تي آهن، جيڪي پنھجي مرضي جا اگھه مقرر ڪري آبادگارن ۽ ھارين  جو استحصال ڪري رھيا آھن، عوامي آواز سان خصوصي طور ڳالھائيندي ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي چيو ته پاڪستان ٺهڻ شرط محمد علي جناح جي اصولن تي عمل ڪرڻ بدران ملڪ جي ننڍن صوبن ۽ خاص ڪري سنڌ جي قدرتي ۽ معدني  وسيلن، روزگار ۽ شھرن ۾ لکين ايڪڙ زمينن تي وڏي سازش سان قبضو ڪيو ويو، جناح جي سيڪيولر سوچ جي مخالف حڪمرانن ملڪ ۾ انتھا پسندي ۽ جنونيت جي آبياري ڪئي، ون يونٽ مڙھي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ ھاڻي وري سبز انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضو ڪيو پيو وڃي، اسٽيبلشمينٽ جي من پسند نگران سرڪار پنھنجو آئيني ڪردار ادا ڪري نوي ڏينھن اندر اليڪشن ڪرائڻ بدران معاشي ترقي جي نالي ۾ صوبن جي وسيلن تي قبضا ڪري رھي آھي، ملڪ جا اثاثا وڪڻي ملڪ کي ترقي وٺرائڻ جي پاليسي جا انتھائي ھاڃيڪار نتيجا نڪرندا، سنڌ ۾ ڌاڙيلن  ۽ نام نھاد قبيلائي  سردارن رياست اندر پنھنجون رياستون قائم ڪري ملڪ جي رٽ کي چئلينج ڪيو آھي، غيرقانوني پرڏيهين کي نيڪالي ڏني وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.