ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آھي ته سنڌ ھڪ مظلوم صوبو آھي، اسٽيبلشمينٽ ان کي تجربي گاهه بڻائي ڇڏيو آهي، جاگيردار ۽ وڏيرا شاھي نظام عوام کي پنھنجي بنيادي حقن کان به محروم ڪري ڇڏيو آھي، اھڙي سوچ رکندڙن کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي مفاد ۽ وقت جي ضرورت آھي، 16 مھينا پي ڊي ايم حڪومت جا مزا ماڻيندڙ ۽ ھر ڀيري ھڪ ٻئي جا سھولتڪار رھندڙ چونڊون ويجھي ايندي ئي ھڪ ٻئي خلاف بيان بازي ڪري رھيا آھن جيڪو عوام کي بي وقوف بڻائڻ کانسواءِ ڪجهه به نه آھي، 8 فيبروري تي عوام اھڙن دوکيبازن ۽ سنڌ جي سوديبازي ڪندڙن کي ووٽ جي طاقت سان رد ڪري ڇڏي، مھانگائي ۽ امن امان جي صورتحال اھڙي آھي جو عوام جوجيئرو رهڻ به مشڪل بڻجي ويو آھي.15 سالن کان سنڌ ۾ راڄ ڪندڙ پارٽِي پنھنجي ڪارڪردگي ٻڌائڻ بدران ھڪ ٻئي تي الزام ھڻي عوام کي ھڪ ڀيرو ٻيھر دوکو ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي.