190 ملين پائونڊ اسڪينڊل: عمران خان جي جسماني رمانڊ جي درخواست رد

اسلام آباد ( م ڊ ) اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ڪيس ۾ قومي احتساب  بيورو (نيب) جي جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.احتساب عدالت جي جج محمد بشير ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. نيب جو اسپيشل پراسيڪيوٽر ذوالفقار عباسي ٽيم سميت عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته چيئرمين پي ٽي آءِ جو وڪيل بئريسٽر سلمان صفدر، بئريسٽر عمير نيازي عدالت ۾ پيش ٿيا.  احتساب عدالت عمران خان جي جسماني رمانڊ جي نيب جي درخواست رد ڪري ڇڏي. نيب جي جاچ ٽيم پي ٽي آءِ چيئرمين کان اڊيالا جيل ۾ پڇا ڳاڇا ڪندي. اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان جي وڪيل سردار لطيف کوسو چيو ته نيب پي ٽي آءِ چيئرمين جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي هئي، جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.