ٻوليءَ جي بقا….اسانجو فرض

بختاور منصور

ٻوليءَ جي بقا لاءِ ضروري ھجي ٿو ته ان جا ڳالھائيندڙ، لکندڙ ۽ پڙھندڙ ان جي نِجُ پڻي ۾ ڪا تبديلي نه ڪن. توڙي جو ھر ڪجهه ڪلوميٽرن کانپوءِ ٻوليءَ جي تلفظ ۾ فرق اچي ٿو جيڪا ٻولي جي سونھن پڻ ليکي سگهجي ٿي پر پوءِ به ان جي اصلوڪي شڪل خاص ڪري ان جي صورتخطيءَ ۽ پڙھڻيءَ ۾ فرق نه اچڻ کپي.

سنڌي ٻولي، ٻين ٻولين جيئن مختلف دورن مان گذري جنھن جاءِ تي ھن وقت بيٺي آھي اتي ان ماءُ جي ھنج جيان ڪيترين ئي ٻين ٻولين جي لفظن کي انتھائي سولائيءَ ۽ سھڻي نموني سان ماڻي، پنھنجو ڪيو آھي. پوسٽ ماڊرنزم جي ھن ڌارا ۾ جتي ھاڻي گهڻا ماڻھو شھرن ۾ ھجڻ ڪري پنھنجي ٻارن جي اسڪولن کي راضي ڪرڻ لاءِ،  فيشن طور ۽ ڪي وري سماجي رتبي جي چڪر ۾ به پنھنجي ٻارن سان سنڌي ۾نه ٿا ڳالھائن. تنهنڪري  ٻارن کي سنڌي سمجهائڻ لاءِ اسانکي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرڻو پوي ٿو. ٻار سنڌي پڙھن نه ٿا ان ڪري لکي به نه ٿا سگهن جيڪا ڳالھه سمجهي سگهجي ٿي. ان ۾ ڏوھ ٻارن جو بلڪل ناھي پر ڪوتاھي جيڪڏھن چئجي ته مائٽن جي حصي ۾ ضرورايندي. مان ان کي پنھنجي نسلن سان تمام وڏي زيادتي تصور ڪريان ٿي ڇو ته اڻڄاڻائيءَ ۾ اسان پنھنجي ٻوليءَ جي فنا ۾ حصيدار ٿي رھيا آھيون.

ھي ته ٿيو تصوير جو ھڪ پاسو، ٻيو پاسو جيڪو اڃان وڌيڪ دکدائڪ آھي سو آھي پڙھيلن ڳڙھيلن جي پاران بنيادي چڪون ڪرڻ، ڪنھن ھڪ اڌ جاءِ تي ڪا ٽائپو (ٽائپنگ جي غلطي)  نه پر دانسته ۽ مستقل طور تي ان جو ورجاءُ ٿيڻ.

ڪجهه چڪون جيڪي عام طور ٿين پيون انھن جا ڪجهه مثال ھيٺ ڏجن ٿا.

ھم آواز اکرن مثال طور ” ت ۽ ط” ، ”ث، س، ص”  ، ذ، ز، ض ۽ ظ” ۽ اھڙن ٻين اکرن جو استعمال عام جام ٿي رھيو آھي.

ان کانسواءِ اکرن ”ڃ ۽ ڱ” جي لفظن لکڻ ۾ اضافي ”ن” جو استعمال ڪرڻ: مثال طور ” لڱ کي لنڱ، سڱ کي سنڱ، سڱر کي سنڱر ”  ۽ اڃ کي انڃ، رڃ کي رنڃ، ساڱري کي سانڱري، مڱريو کي منڱريو، ڄاڃي کي ڄانڃي” وغيره جھڙن لفظن لکڻ ۾ ”ن” جو غير ضروري استعمال ڪيو پئي وڃي.

ساڳيءَ ريت ”ٽ، ڊ ” جي لفظن کي لکندي انھن ۾ اضافي ”ر” لکڻ جيڪا صرف اچارڻ ۾ محسوس ٿيندي آھي پر لکبي ناھي؛ مثال طور ”سئوٽ لکبو پر اڪثر ماڻھو ان کي سئوٽر لکن ٿا. ساڳيءَ ريت ”پاٽِ کي پاٽر،  ماٽَ کي ماٽر، لکن ٿا .

اھڙيون چڪون جيڪڏھن گهٽ پڙھيو لکيو يا ٻوليءَ ۾ گهٽ مھارت رکندڙ ڪري ٿو ته وري به نظرانداز ڪري سگهجي ٿو پر جيڪڏھن ڪو ٻوليءَ جو ماھر يا ڪو نامور تحقيق دان ڪري ٿو ته ڳڻتيءَ جھڙي ڳالھه ضرور آھي ڇو ته ھو وري مڃڻ لاءِ به تيار ناھن ھوندا.

ويجهڙ ئي سنڌ جي ھڪ سينئر محقق پاران لکيل لطيف تي تحقيقي ڪتاب منهنجي نظر مان گذريو جنھن ۾ ”سر سامونڊي ” ۾ لفظن ”سمنڊ ۽ سامونڊي”  کي ھر ھر ”سمنڊر ۽ سامونڊري” ڪري لکيو ويو آھي. اھڙيون ٻيون به ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون غلطيون اسان جي نظر انداز ڪرڻ جي ڪري ماڻھن ۾ پڪيون ٿي رھيون آھن.

منھنجو خيال ۽ ذاتي راءِ آھي ته سنڌي ھجڻ جي ناتي سان اھواسان جو فرض آھي ته اسان ان جي بنيادي ڍانچي کي برقرار رکڻ ۾ جيڪو ڪري سگهون ٿا سو ڪرڻ گهرجي.

(مٿي ڏنل مشاھدن کي مون پنھنجي معلومات جي حساب سان لکيو آھي. مقصد اھو آھي ته جيڪڏھن منھنجي معلومات ۾  به سڌاري يا اصلاح جي گنجائش ھجي ته ضرور ڪجو)

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.