ھر ماڻھو پنھنجي سوچ ۽ سطح تائين ڳالھين کي ڏسندو ۽ سمجھندو آھي جيڪو جھڙي سوچ ۽ سطح جو ھوندو آھي اھو اھي ئي ڪم ڪندو آھي. اٻوجهھ پنھنجي اڻ ڄاڻائي کان اڳتي ناھي وڌندو ۽ چالاڪ پنھنجي شاطرپائين کان ناھي مڙندو ۽ ايئن چرخو ھلندو رھندو آھي.
اسانجي ملڪ ۾ ٿوري ٿوري وقت کانپوءِ مھانگائيءَ جو طوفان ايندو ۽ غريب طبقي کي تباھ ڪندو آھي ۽ وري اوچتو وٺ سٺ ڪري اگھن ۾ لاٿ ڪري عوام جي زخمن تي پھا رکي ساراھ جا سڀ سڪا حڪمران ميڙي وٺندا آھن پر ڪير به اھو ناھي پڇندو، ڏسندو يا سوچيندو ته اھو سڀ ٿيو ڪيئن؟ ڇو ۽ ڇالاءِ ۽ ختم ڪيئن ٿيو؟ طوفان آيو ڪيئن ۽ ويو ڪاڏي؟ مھانگائي جو جن بوتل مان نڪتو ڪيئن؟ کيس ڪڍيو ڪنھن ۽ وري واپس بند ڪيئن ۽ ڪنھن ڪيو؟
اھي سڀ سوال ٻه ويلا مانيءَ لاءِ پريشان اٻوجھ عوام سمجھي ناھي سگھندو اھو ته بس اگھن جي لاٿ تي لک شڪر ۽ شڪريا ڪندو آھي عوام کي خوش ڪرڻ جا شاھي نسخا تقريباً ھر حڪومت ۽ حڪمران وقت سر عوام تي آزمائيندا رھندا آھن جن سان عوام جي دل وقتي طور خوب وندرائي ويندي آھي. جيئن ھن ننڍڙي قصي ۾ عوام ڪري رھيو آھي.
”ھڪ ڀيري تندور واري کي ماني 5 روپين مان ڏھ روپيا ڪرڻي ھئي پر بادشاھ جي اجازت کانسواءِ نه پئي ڪري سگھيو سو نيٺ بادشاھ وٽ آيو ۽ چيائين بادشاھ سلامت مان ماني جي قيمت پنجن مان ڏھ روپيا ڪرڻ ٿو چاھيان، بادشاھ چيس تون ٽيھه روپيا ڪري ڇڏ، تندور واري چيو بادشاھ سلامت ايئن ته گھڻو گوڙ مچي ويندو، بادشاھ چيس تون ان جو فڪر نه ڪر منھنجي بادشاھ ھجڻ جو ڪھڙو فائدو؟ تون ماني ٽيھه روپيا ڪر ۽ منافعو ڪماءِ، ٻئي ڏينھن ان قيمت وڌائي ته وڏو گوڙ مچي ويو عوام چڙ مان بادشاھ وٽ دانھن کڻي آيو ته تندور وارو وڏو ظالم آھي ۽ ظلم ڪري رھيو آھي ماني ٽيهھ روپيا وڪڻي رھيو آھي. بادشاھ سپاھين کي حڪم ڏنو ته تندور واري کي مون وٽ پيش ڪيو وڃي. جيئن ئي تندور وارو درٻار ۾ آيو ته بادشاھ ڪاوڙ مان چيس تو ماني ايڏي مھانگي ڪنھن جي اجازت سان ڪئي آھي؟ ڪنھن کان پڇيو اٿئي؟ ھي منھنجي رعايا آھي ڇا تون انھن کي بک مارڻ ٿو چاھين؟ بادشاھ وڌيڪ ڳالھائيندي تندور واري کي حڪم ڏنو ته سڀاڻي کان تون ماني اڌ قيمت تي وڪڻندين نه ته تنھنجو سر قلم ڪري ڇڏيندس. بادشاھ جو حڪم ٻڌي عوام وڏي واڪي بادشاھ سلامت زنده باد، بادشاھ سلامت زنده باد جا نعرا ھڻڻ لڳو.
ٻئي ڏينھن کان ماني ٽيهھ روپين بجاءِ پندرنھن روپين ۾ وڪامڻ لڳي ۽ ايئن تندوري به خوش، بادشاھ به خوش ۽ عوام به خوش“ ۽ سڀ کان وڏي ڳالهھ ته ڪالم پڙھي اسانجو پاڪستاني عوام به خوش ڇو ته اڪثر قصن ۽ ڪھاڻين ۾ لڪل يا چيل سچايون اسانجي سماج جو چٽو عڪس لڳنديون آھن جن جي اسان پاڻ وٽ حقيقت ڏسي اسين به خوش ٿيندا آھيون پر اھو به سچ آھي ته انھيءَ خوشيءَ پٺيان لڪل ڏک بيان ڪرڻ وڏو ھوندو آھي ڇو ته اھو ڏک ڌوڪي ۽ فريب جي تندور ۾ لڪل ھوندو آھي.