سعودي، پاڪستان لاءِ 3 ارب ڊالرز ڊپازٽ جي مدي ۾ واڌ ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب پاڪستان لاءِ 3 ارب ڊالرز جي ڊپازٽ جي مدي هڪ ڀيرو ٻيهر وڌائي ڇڏي آهي.
اسٽيٽ بئنڪ جي ذريعن موجب، سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ 3 ارب ڊالرز جي ڊپازٽ جو مدو وڌيڪ هڪ سال تائين وڌايو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سعودي عرب جا ٽي ارب ڊالرز اسٽيٽ بئنڪ وٽ موجود آهن، جن جي ڊپازٽ جي مدي اڄ ختم ٿي رهي هئي.
ياد رهي ته سعودي عرب 2021ع ۾ پاڪستان کي 3 ارب ڊالرز جي ڊپازٽ فراهم ڪرڻ جو معاهدو ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.