گوگل 2025ع لاءِ پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ سرچ ڪيل موضوعن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي.
گوگل مجموعي طور تي 7 مختلف شعبن ۾ پاڪستانين جون پسنديده سرچز پيش ڪيون آهن.
گوگل ڪرڪيٽ، ايٿليٽس، مقامي خبرون، ٽيڪنالاجي، ترڪيبون (ريسيپيز)، هائو ٽو ۽ ڊرامن سان لاڳاپيل سرچز جون فهرستون جاري ڪيون آهن.
گوگل موجب، اها فهرست هر سال اربين سرچز مان سال دوران سڀ کان وڌيڪ ٽرينڊنگ رجحانن کي نظر ۾ رکندي تيار ڪئي ويندي آهي.
ڪرڪيٽ
ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان مٿان پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي سيريز.
ٻئي نمبر تي پاڪستان سپر ليگ، ٽئين تي ايشيا ڪپ، چوٿين تي پاڪ-ڀارت ميچ، پنجين تي پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ سيريز، ڇهين تي ڀارت-انگلينڊ سيريز، ستين تي پاڪستان-ويسٽ انڊيز مقابلو، اٺين تي ڀارت-آسٽريليا ميچ، نائين تي آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافِي ۽ ڏهين تي پاڪستان يو اي اي مقابلو رهيو.
ايٿليٽس
ايٿليٽس ۾ سڀ کان مٿانهون ڀارتي ڪرڪيٽر اڀيشيڪ شرما آهي، جنهن کي پاڪستانين گهڻو سرچ ڪيو.
ٻئي نمبر تي حسن نواز، ٽئين تي عرفان خان نيازي، چوٿين تي صاحبزادا فرحان، پنجين تي محمد عباس، ڇهين تي صائم ايوب، ستين تي ياسر خان، اٺين تي ڪاشت علي، نائين تي سيف حسن ۽ عبد الصمد ڏهين نمبر تي رهيو.
مقامي خبرون
پاڪستانين 2025ع ۾ سڀ کان وڌيڪ پنجاب سوشو اڪنامڪ رجسٽري سرچ ڪيو.
ان کانپوءِ ڪراچي فلڊز، ايران، آسان ڪاروبار ڪارڊ، چناب درياهه ۾ ٻوڏ صورتحال، فيڊرل بورڊ ميٽرڪ امتحان جا نتيجا، ڪراچي بورڊ ميٽرڪ امتحان جا نتيجا، پرائم منسٽر ليپ ٽاپ اسڪيم، پاڪستان ۾ سون جو اگهه، ۽ نائين جماعت جي چونڊ جي تاريخ ترتيبوار ٻئي کان ڏهين نمبر تائين سڀ کان وڌيڪ سرچ ڪيو ويو.
ٽيڪنالاجي
ٽيڪنالاجي واري شعبي ۾ گوگل جيمنائي جي سڀ کان وڌيڪ ڳولا ڪئي وئي.
ٻئي نمبر تي تماشا، ٽئين تي ڊيپ سيڪ، چوٿين تي ماءِ ڪو، پنجين تي On4t، ڇهين تي گوگل اي آءِ اسٽوڊيو، ستين تي ڪلاڊ، اٺين تي آءِ فون 17، نائين تي گروڪ، ۽ ڏهين تي نان فنجيبل ٽوڪن سرچ ڪيا ويا.
ترڪيبون (ريسيپيز)
گوگل رپورٽ موجب، پاڪستانين طرفان سڀ کان وڌيڪ ڳولي ويندڙ ترڪيب سينڊوچ ٺاهڻ رهي.
ٻئي تي فوڊ فيوزن، ٽئين تي Quinoa، چوٿين تي Dough، پنجين تي مٺا کاڌا ، ڇهين تي مٽن، ستين تي سوليون ترڪيبون، اٺين تي Tofu، نائين تي سوپ ۽ گوشت ٺاهڻ جي ريسپي ڏهين نمبر تي رهي.
هائو ٽو
هائو ٽو ۾ سرفهرست سرچ ڪيل سڀ کان اهم سوال اِهو هو ته ڪراچي جا اِي چالان کي ڪيئن چيڪ ڪجن؟
ٻئي تي انسٽاگرام مان ميڊيجز ڪيئن ان سينڊ ڪيا وڃن، ٽئين تي ڪار انشورنس بابت ڄاڻڻ، چوٿين تي ڪرپٽو مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري، پنجين تي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري جا طريقا، ڇهين تي ڪريڊٽ ڪارڊ لاءِ ڪيئن اپلاءِ ڪجي، ستين تي گبلي فوٽو ٺاهڻ، اٺين تي بهترين وڪيل چونڊڻ، نائين تي فون مان پرنٽ ڪيئن ڪجي، ۽ ڏهين تي بلاگ اپ لوڊ ڪرڻ بابت ڄاڻڻ.