اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته قرآن ۽ سنت ۾ ٻار کي ٻن سالن تائين ماءُ جو کير پيئارڻ جي واضح هدايت موجود آهي.
مذهبي معاملن واري وزارت ۽ يونيسيف جي ڀائيواري سان ماءُ جي کير کي هٿي ۽ تحفظ لاءِ ٿيل مذهبي اڳواڻن جي مشاورتي اجلاس ۾ ڳالهائيندي سردار محمد يوسف چيو ته قرآن ۽ حديث ۾ ماءُ جي کير جي اهميت ۽ ان جا حق بيان ڪيا ويا آهن، ماءُ جو کير ٻار جي پهرين ۽ بهترين غذا ۽ ٻار جو بنيادي حق آهي.
هن چيو ته ماءُ جو کير ٻار کي بيمارين کان محفوظ رکي ٿو ۽ حديثن ۾ کير پيئاريندڙ مائرن لاءِ اجرڪ جي خوشخبري به ملي ٿي، دنيا جا وڏا مذهب به ماءُ جي کير کي مقدس ۽ فطري عمل قرار ڏين ٿا، جيڪو بين المذاهب هم آهنگي کي مضبوط ڪري ٿو.
سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ ٻارن جي غذائي کوٽ، بيماريون ۽ فوتگيون ٿي رهيون آهن، انهن مسئلن جو قدرتي حل ماءُ جو کير آهي پر معاشرتي غلط فهميون ۽ هٿرادو غذائن جي مشهوري کير پيئارڻ جي عمل کي متاثر ڪري رهيون آهن، اهڙين حالتن ۾ عالمن ۽ مذهبي اڳواڻن جو ڪردار بنيادي حيثيت رکي ٿو، انهن جو هڪ بيان لکين گهراڻن جو رويو تبديل ڪري سگهي ٿو.
You might also like