فيبروري 2024ع جي چونڊن کان اڳ ملڪ ۾ نئين ‘ڪنگز پارٽي’ جا چرچو عام آهي. ڪنگز پارٽي جو اصطلاح عام طور تي اسٽيبلشمينٽ جي مڪمل حمايت واري جماعت لاءِ ڪتب اچي ٿو. سمجھيو ويندو آھي تھ ان جماعت لاءِ اليڪشن ۾ ڪا ڏکيائي نھ ٿيندي آھي،نھ رڳو ايترو پر سھولتڪاري سبب ان جماعت کي اڪثريت حاصل ڪرڻ آسان ھوندو آھي.2018ع ۾ اها پوزيشن تحريڪ انصاف وٽ هئي. هاڻي چيو پيو وڃي ته مسلم ليگ (ن) ڪنگز پارٽي آهي.
پاڪستاني سياست ۾ اهو هڪ مشڪل سوال آهي ته ڪا سياسي پارٽي عوام سان رابطي، سڌي تعلق ۽ پنهنجي سياسي منشور جي بنياد تي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڇو نٿي ڪري ؟ ان جو بنيادي سبب سياسي معاملن ۾ اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت آھي. اھا اهڙي حقيقت طور قبول ڪيو ويو آهي، جنهن کي ڪا به سياسي پارٽي تبديل نٿي ڪري سگهي. ملڪ جي ماحول ۾ اھا غلط فهمي ۽ تلخي جي اھڙي ستي وڌي وئي آھي.جو هر سياسي پارٽي اقتدار لاءِ اھو ئي آسان رستو اختيار ڪرڻ ضروري سمجهي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ عوام جي راءِ جي اهميت گهٽجي وئي آهي. ۽ اسٽيبلشمينٽ سان دوستاڻا لاڳاپا رکڻ يا ان کان فيض حاصل ڪرڻ جي سخت خواهش ئي رھي ٿي. هر سياسي ڌر ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان اسٽيبلشمينٽ جي ويجهي ٿيڻ ۽ نتيجي ۾ اقتدار حاصل ڪرڻ چاھي ٿي. جيڪا پارٽي اهو مقصد حاصل ڪري ٿي، اھا سرھي ٿئي ٿي پر اھڙي قبوليت حاصل نھ ڪري سگھندڙ پارٽيون اھڙي ڪنگز جماعت تي تنقيد جي تير وسائڻ جو ڪو موقعو نٿي وڃائڻ چاھي.
گذريل سال تحريڪ انصاف حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ جي موقعي تي شايد عسڪري قيادت وڪيٽ جي ٻنهي پاسن کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هڪ طرف عمران خان کي حمايت جو يقين ڏياريو ويو ته ٻئي طرف پي ڊي ايم ۽ پيپلز پارٽي کي عمران خان خلاف اتحاد ٺاهڻ ۽ بي اعتمادي رٿ آڻڻ لاءِ قائل ڪيو ويو. جيتوڻيڪ ھاڻي انھن پارٽين جو چوڻ آھي تھ عمران خان پسند جو فوجي اڳواڻ مقرر ڪري هڪ ڊگهي عرصي تائين اقتدار سنڀالڻ جي منصوبابندي ڪري رهيو هو. پر ڪو بھ ان سوال جو پورو جواب نٿو ڏئي ته پوءِ مخالف ڌر جي حيثيت ۾ ھڪ ”غيرمقبول“ حڪومت خلاف بي اعتمادي آڻڻ جي لاءِ اسٽيبلشمينٽ يا فوجي قيادت جو ساٿ ڪرڻ جي ڪھڙي ضرورت ھئي يا وري ڪھڙا وعدا وچن ٿيا ھئا جنھن لاءِ اھا واٽ ورتي وئي.
پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هاڻي مسلم ليگ (ن) تي ”نئين ڪنگز پارٽي“ بڻجڻ جو طعنو ڏئي ٿو.ھو پنھنجي سياسي مھم جوئي کي نوازشريف خلاف ڌيان جو مرڪز بڻائي رھيو آھي، پاڻ بھ ان ئي پارٽيءَ سان اتحادي حڪومت ۾ پرڏيهي وزير طور ڪم ڪندو رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري جي ان رويي جو سبب آصف زرداري جي ”خدمتن“ باوجود اسٽيبلشمينٽ شايد بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ڇاڪاڻ جو مسلم ليگ (ن) پنجاب ۾ پيپلز پارٽيءَ جي مقابلي ۾ مقبوليت حاصل ڪيل آهي ۽ تصور ڪيو پيو وڃي ته مسلم ليگ (ن) ۽ نواز شريف ئي مضبوط اميدوار آهن جيڪي تحريڪ انصاف جي قوت کي ٽوڙي سگهن ٿا يا وري طاقتورن سان نواز شريف جي ماضي جي تجربن بابت خدشن باوجود شهباز شريف آصف زرداري کان وڌيڪ ’قابل قبول‘ آهي.
پيپلز پارٽي ان حقيقت کي قبول ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي. ان ڪري ن ليگ کي ڪنگز پارٽيءَ جو طعنو ڏنو پيو وڃي.جيتوڻيڪ پيپلز پارٽي پاڻ ’ڪنگز پارٽي‘ بڻجڻ جي خواهش رکي ٿي ۽ ان جي ناڪاميءَ کانپوءِ هاڻي مسلم ليگ (ن) خلاف مهم هلائڻ تي مجبور ٿي آهي.
ساڳي ڳالهه پيپلز پارٽيءَ کان سواءِ تحريڪ انصاف پاران ڏسڻ ۾ اچي پئي.اهي ٻئي پارٽيون پاڻ کي اسٽيبلشمينٽ مخالف سياسي قوتن جي طور تي لانچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، پر هو پنهنجي خواهش لڪائي بھ نه رهيون آهن ته جيڪڏهن فوجي قيادت کين ملڪي معاملا طئي ڪرڻ لاءِ پاڻ سان گڏ وٺڻ چاهي ته اھي بھ خوشيءَ سان اھڙي خدمت ڪرڻ تي راضي ٿي وينديون.
سياست جو اهوٻھھ روپ اصل ۾ملڪ ۾ ’ڪنگز پارٽي‘ پيدا ڪرڻ جوسبب بڻجي ٿو،جنھن سان اصل حقدار جو حق مري ٿو وڃي. ماڻهن اهو تماشو بار بار ڏٺو آهي. هاڻي ٻيهر ان جو اسٽيج تيار آھي. اهو طريقو غلط آهي. پر ان کي تبديل ڪرڻ لاءِ سڀني سياسي پارٽين کي متفق ٿي ڪري اھو ڪرڻو پوندو.تھ ڪا به سياسي پارٽي اسٽيبلشمينٽ کي چونڊن ۾ مداخلت ڪرڻ جو حق نھ ڏيندي ۽ اهڙي حمايت حاصل ڪندڙ ڪنھن بھ جماعت يا گروهه سان سياسي اتحاد نه رکيو ويندو. اهڙي وسيع بنياد تي اتفاق راءِ جي کوٽ سبب سموريون سياسي پارٽيون ”ان درجون سوالي“ بڻجن ٿيون، جنھن تي ڪنھن کي ‘خيرات ۾ اقتدار’ ۽ ڪنھن کي دلاسو ڏنو ويندو آھي. هن وقت تحريڪ انصاف جي قسمت ۾ ”ڌتڪار“ آهي.
ڪنگز پارٽي بڻجڻ جو فوري فائدو اقتدار جو آسان حصول آھي بهرحال ملڪ هن وقت معاشي مشڪل کي منهن ڏئي رهيو آهي، ان ۾ اهڙو ڪو بندوبست شايد ئي پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃڻ جو سبب ٿي سگهي.اھو ئي ڪنگز بڻائيندڙن گروھ کي اقتدار ڏيڻ جو نقصان آهي. ڪنگز پارٽيءَ جي منصب تي فائز پارٽيءَ کي اها حقيقت نه وسارڻ گهرجي ته اهڙي ڪا به سياسي حڪمت عملي جمهوري نظام جي آئيني تقاضائن جي خلاف آهي، نھ رڳو اھو پر عوام ۾ اهڙين سياسي قوت خلاف ڪاوڙ پيدا ٿي رھي آھي.انڪري اسٽيبلشمينٽ مخالف نعرا سياسي مقبوليت جو آسان رستو سمجهيا وڃن ٿا.
اھو بھ سمجھڻ گھرجي تھ اسٽيبلشمينٽ هڪ ئي وقت ڪيترن ئي سياسي گروهن کي آسرو ڏئي رکندي آھي. هن وقت به مسلم ليگ (ن) واحد ’پسند جي جماعت‘ ناهي، جهانگير ترين جي استحڪام پارٽي ۽ پرويز خٽڪ جي، پي ٽي آءِ پارليامينٽرينز به اميدوارن ۾ شامل آهي. چونڊن ۾ انهن ٽنهي پارٽين وچ ۾ سياسي اتحاد قائم ڪرڻ جي ڪوشش کي بھ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.
تازو روزاني” ڊان“ اخبار خبر ڏني آهي ته نواز شريف ذاتي طور تي ان تي ناراض آهي ته مسلم ليگ (ن) کي مستقبل جي ڪنگز پارٽي قرار ڏئي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. خبر موجب هن پارٽي جي منشور ڪميٽي کي چيو آهي ته پارٽي پروگرام پيش ڪري اهو تاثر ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. بهرحال، اهڙو تاثر رڳو منشور ۾ انقلابي جملا ڏيڻ سان غائب نه ٿيندو. نواز شريف هڪ وسيع نظر وارو سياستدان آهي. بهرحال کيس ڪنھن گروهه جو اڳواڻ ٿيڻ بدران قومي اڳواڻ بڻجي ملڪ ۾ مفاهمتي سياسي ڪلچر کي هٿي ڏيڻ گھرجي.
پر نواز شريف اڃا تائين پي ٽي آءِ جي ناانصافي کي ختم ڪرڻ ۽ پيپلز پارٽيءَ جي خدشن کي ختم ڪرڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آھي.ان رويي مان لڳي ٿو ته نوازشريف پنهنجي سياسي زندگيءَ جي آخري اننگ کيڏندي به شايد ڪامياب نھ ٿئي.جنھن سان ھن کي ڪنھن وڏي قومي ليڊر جو درجو ۽ مقام عطا ٿي سگھي.