ملڪ جي ٻن وڏين جماعتن وچ ۾ شروع ٿيل ڇڪتاڻ کي گھٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪجھھ ڪوششون تھ ٿيون آھن.جنھن دوران ميڊيا جي خبرن موجب مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطا ٿيا آهن ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.ان سلسلي ۾ ڪراچي ۾ مسلم ليگ ن جي وفد پ پ جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه سان ملاقات ڪئي آھي.مسلم ليگ ن جي وفد ۾ اياز صادق، خواجا سعد رفيق ۽ بشير ميمڻ شامل هئا.جڏھن تھ پ پ جي وفد ۾ سيد خورشيد شاهه، نويد قمر ۽ غلام مصطفيٰ شاهه شامل هئا. ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ تي ڳالهيون ٿيون.
پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي وفدن وچ ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ٻنھي وچ ۾ تلخين کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.چيو ٿو وڃي تھ اھو سڀ ڪجهھ پاڪستان پيپلزپارٽي پاران مسلم ليگ ن کي اسٽيبلشمنيٽ جي “لاڏلي “ واري پروٽوڪول بعد پيپلزپارٽي طرفان ان کي بنيادي پوائنيٽ قرار ڏيندي پ پ پ جا اڳواڻ جتي ڪٿي مسلم ليگ ن تي ان حوالي سان تنقيد جا تير وسائڻ شروع ڪيا ھئا.جنھن جو مسلم ليگ ن جي قيادت نھ رڳو نوٽيس ورتو پر ان بابت منشور ڪميٽي کي خاص ھدايت ڪئي وئي آھي تھ ان منشور ۾اھڙو مواد شامل ڪيو وڃي جنھن سان اھڙي تاثر کي زائل ڪري سگھجي.
مبصرن جو خيال آھي تھ اسٽيبلشمنيٽ وٽ موجود ماھرن اھڙي تھ ڪاريگري سان مسلم ليگ ن جي سموري اسٽرڪچر تي ”لاڏلي جو ٽيگ“ ٽنگيو آھي جو ان کي آساني سان لاھڻ انھن جي وس جي ڳالھھ نھ آھي.
ڊگھي سياسي تجربي بعد بھ ميان نوازشريف ھن ڀيري جڏھن ملڪ موٽيو آھي تھ ان کان اڳ جي سندس سرگرمين توڙي مسلم ليگ جي قيادت ۾ 16 مھينن جي اتحادي حڪومت جي مزي ماڻڻ دوران ميان شھبازشريف جي ھر حڪم تي ”لبيڪ“ ھي آوا ز سان اھو سڀ ڪجھھ پڌرو ٿيندو رھيو آھي جنھن کي ھاڻي لڪائڻ ڪنھن جي وس جي ڳالھھ نھ رھي آھي.
جيتوڻيڪ اندورني طور تي مسلم ليگ ن ملڪ جي اسٽيبلشمنيٽ سان ڪافي بھتر محسوس ٿي رھي آھي پر عوام ۾ ان جي ردعمل سان پارٽي کي ان طرف ڌيان ڌرڻ جي ضرورت محسوس ٿيڻ لڳي آھي.
مسلم ليگ ن جي قائد ميان نوازشريف کي سموري پروٽوڪول بعد ملڪ جي سمورين سياسي ڌرين توڙي مبصرن وٽ اھو ئي تاثر قائم ٿيو آھي تھ ھن وقت ان جماعت تي طاقتور ڌرين جو خاص ”ڪرم“ آھي.ھاڻي جيڪڏھن اھو سڀ ڪجھھ نوازشريف کي ڪکي ٿو تھ پاڻ ان کي عملي طور تي ثابت ڪري ڏيکاري تھ جيڪو ڪجھھ ماڻھون سمجھن ٿا ائين نھ آھي.ٻي ڪا بھ ڪوشش مسلم ليگ ن جي مٿان ”ٽنگيل“ ان ٽيگ کي ھٽائڻ ۾ ڪامياب نھ ٿيندي.
اسٽيبلشمينٽ وٽ وڌيڪ وسيلا ۽ وڌيڪ معلومات آھي ان ڪري اھا ھڪ ئي وقت ھڪ کان وڌيڪ گھوڙن تي شرط رکي ريس ڪورس ۾ ڇڏيندي آھي، مٿان وري اھا بھ ڪاريگر ھوندي آھي جو ان جو انت نھ ڏيندي آھي آخر ۾ جيڪو بھ گھوڙو شرط کٽندو اھو ئي اصل مالڪن جو ھوندو آھي.
ھن وقت بھ ميدان ۾ رڳو ھڪ مسلم ليگ ن نھ آھي، ميدان ۾ تھ جزوي طور اسٽيبلشمينٽ جي ”ٽيگ“لڳل ڌرين ۾ جھانگير ترين جي جماعت استحڪام پارٽي بھ آھي تھ وري پرويز خٽڪ جي ھٿان ٽوڙي جدا ڪيل پاڪستان تحريڪ انصاف پارليامنيٽريز بھ آھي.ساڳي ريت پنجاب ۾ ھن وقت ڪافي ڪمزور ٿي ويل ھڪ پيڪيٽ مسلم ليگ ق بھ آھي.
ان جو بھترين حل ھي آھي تھ سموريون ڌريون پاڻ ۾ ويھي ڪري اھو فيصلو ڪن ۽ ان تي عمل بھ ڪن تھ ڪا بھ جماعت اسٽبلشمنيٽ وٽ در جھلي نھ ويھندي تھ کيس خيرات ۾ ”اقتدار جي ڪرسي“ ڏني وڃي.
خبر ناھي تھ مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف پاڻ مٿان ۽ سندس جماعت تان اھو ”لاڏلي جو ٽيگ“ ڪئين لاھيندو پر ھن پارٽي جي نئين منشور تيار ڪندڙ ڪميٽي کي هدايت ڪئي آهي منشور کي حتمي شڪل ڏيڻ دوران ان ”لاڏلي جي ٽيگ“ مان جند ڇڏائڻ جي لاءِ منشور ۾ ڪي چست ۽ متحرڪ لفظن جي جادوگري ڪئي وڃي.
ٻئي طرف ميڊيا موجب مسلم ليگ (ن) طاقتور حلقن سان پنهنجي لاڳاپن جو دفاع ڪندي ان ڳالهه تي حيراني جو اظهار ڪري رهي آهي ته جڏهن پارٽي کي ڪڏهن به چونڊن ۾ ليول پلئنگ فيلڊ فراهم نه ڪئي وئي ھئي تھ هاڻي ڇو اهڙو سوال اٿاريو پيو وڃي.
پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آءِ پاران پيدا ڪيل تاثر کان سبب گھڻو ڳڻتي ۾ ورتل آھي. جنھن موجب هو فوجي اسٽيبلشمينٽ جي نئين” ڪٺ پتلي“ آهي ۽ انهن ڪيسن ۾ عدالتن مان ڪلين چِٽ ملڻ بعد اقتدار ۾ واپس اچڻ لاءِ تيار آهي، جنهن ۾ کيس سزا پڻ مليل آھي.
جيتوڻيڪ تجربي جي لحاظ سان پاڪستان مسلم ليگ ن جو اڳواڻ ٻين سمورن سياسي اڳواڻن کان سينئر آھي ان ھوندي بھ ھن ڀيري کيس اسٽيبلشمنيٽ جي مليل رعايت بعد ھو پنھنجي ڪالھوڪي سموري ڪمائي وڃائي رھيو آھي.ھي واحد اڳوڻ آھي جيڪو جيڪڏھن چاھي تھ ملڪ جي سمورين سياسي ڌرين کي پاڻ سان گڏ ويھاري ڪري ان معاملي جو بھتر حل ڳولي سگھي ٿو پر نوازشريف شايد ھن ڀيري ڪنھن وڏي مزاحمت تان ھٿ کڻي ويو آھي.ان ڪري ئي پنھنجي اڳوڻي نعري مٿان منڌيئڙو ڏئي ڪري ھاڻي وري نوان نعرا ڏئي رھيو آھي.
ھو ملڪ جو وڏو اڳواڻ بڻجي سگھي ٿو جيڪڏھن پنھنجي ماضي جي تجربن کي نظر ۾ رکي ڪري ڪجھه انھن مان سکي ۽ فيصلن جو سمورو ذمو پاڻ کڻي ۽ پنھنجي ئي علم عقل موجب ڪي ملڪي ۽ سياسي ڌرين جي قبوليت وارا اھڙا فيصلا ڪري جيڪي عوامي ۽ قومي ڀلائي جو عڪس ھجن.
ھاڻي ميان نوازشريف جي ذھن تي هڪ ڀيرو سياسي ڌرين پاران ”لاڏلي “ ھئڻ جي طعني ايڏو وڏو اثر ڪيو آھي جو ھو حقيقي معنيٰ ۾ پريشان ٿي ويو آھي تھ پوءِ کيس اھو ”ٽيگ“ ھٽائي ڇڏڻ گھرجي، ڪٿي ائين نھ ٿئي جو ان مان فائدو گھٽ ۽ نقصان وڌيڪ ٿي پئي.