نوٽيفڪيشن تي وزيراعظم آفيس وضاحت ڏيڻ مناسب نه سمجهي:راڻا ثنا

اسلام آباد(م ڊ)وزيراعظم جي مشير سينيٽر راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته ميان نواز شريف سينئر سياستدان آهن، جڏهن به هو پنهنجا خيال ظاهر ڪندا آهي ته ان ۾ ڪو رک رکاءُ نه ڪندو آهي، جيڪو ڪجهه نواز شريف هاڻي چئي رهيوآهي، اهو اڳ به چئي چڪا آهن۔ هن ڳالهه کي ڪنهن ٻئي معاملي سان ڳنڍڻ غلط آهي،هن چيو ته جيڪا آئيني ترميم حڪومت ڪئي آهي، اها نواز شريف سان مشاورت کان پوءِ ٿي، ۽ نواز شريف مڪمل طور تي آن بورڊ آهي۔ آئيني ترميم نواز شريف جي مرضي موجب ڪئي وئي آهي،هن چيو ته ڪجهه پروسجيورل ديرون ٿي رهيون آهن، اهو ٻه ٽن ڏينهن جي ڳالهه هئي، پر جيڪڏهن ان ۾ وڌيڪ وقت لڳي رهي آهي ته ان کي ٻي معنيٰ ڏيڻ غلط آهي، هن چيو ته  وائس چيف آف آرمي اسٽاف جو سوال تڏهن ايندو جڏهن چيف آف ڊي فنس فورسز پنهنجو عهدي سنڀاليندو، وائس چيف جو عهدو چيف آف ڊفينس اسٽاف جي صوابديد تي آهي ته ڇا هو پنهنجي مدد لاءِ ڪنهن کي مقرر ڪرڻ چاهين ٿا يا نه، اهڙي صورت ۾ به چيف آف ڊي فنس فورسز ئي وائس چيف آف آرمي اسٽاف جو نالو ڏيندا،هن چيو ته چيف آف ڊي فنس فورسز جي نوٽيفڪيشن تي اختلاف جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، اهڙي ڪا ڳالهه ناهي۔ اهو چوڻ ته 27 نومبر تي چيئرمين جوائنٽ چيفس جي آفيس ختم ٿي ۽ ان ڏينهن ئي اهو ٿيڻ گهرجي ها، غلط آهي۔اها هڪ نئين آفيس آهي، قانون ٺهيل آهي، رولز تيار ٿي رهيا آهن، ۽ جيڪڏهن ان ۾ وقت لڳي رهيو آهي ته ان ۾ ڪا غلطي ڪهڙي آهي؟ آئيني شين تي اختلاف ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟هن چيو ته چيف آف ڊفينس فورسز جي عهدي جي نوٽيفڪيشن جي ٽائمنگ بابت وزيراعظم آفيس اڃا تائين نه وضاحت ڪئي آهي نه وضاحت ڪرڻ مناسب سمجهي آهي،هن چيو ته مان اندازي سان چئي سگهان ٿو ته ايندڙ ٻن ٽن چئن ڏينهن ۾ نوٽيفڪيشن اچڻ گهرجي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.