ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، ڪڻڪ پوکيندڙن جي مدد ڪرڻ جي پروگرام 2025 جي جائزي واري اجلاس جي صدارت ڪندي آبادگارن کي وقت سر سهڪار فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ اڪائونٽن جي تيزرفتار ايڪٽيويشن ۽ فنڊز جي منتقلي کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون. هن سختي سان سنڌ بئنڪ کي هدايت ڪئي ته تصديق، اڪائونٽ ايڪٽيويشن ۽ ادائگين جي اجرائي عمل ۾ وڌيڪ تيزي آندي وڃي ڇاڪاڻ ته ڊي اي پي ڀاڻ سبسڊي جي دير سان ادائگي سبب ڪيترائي آبادگار اهم پوکائي وارا دور وڃائي چڪا آهن۔ وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ صوبائي وزير زراعت سردار محمد بخش خان مهر، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، سيڪريٽري ٽو سي ايم عبدالرحيم شيخ، سيڪريٽري زراعت محمد زمان ناريجو، سنڌ بئنڪ جي صدر انور شيخ ۽ ٻيا اهم آفيسر شامل هئا،سنڌ بئنڪ کي هدايت ڪئي وئي ته ايڪٽيويشن ۾ وڌيڪ تيزي آندي وڃي، فنڊز جي منتقلي جلد ڪئي وڃي، مستفيدن کي وقت سر اطلاع ڏنو وڃي، رقم ڪڍرائڻ بابت باقاعدي اپڊيٽ فراهم ڪئي وڃي ۽ زراعت کاتي سان روزاني بنيادن تي ڊيٽا شيئر ڪيو وڃي۔ ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ لاءِ هاڻي بئنڪن ۽ زراعت کاتي وچ ۾ روزاني ڊيٽا شيئرنگ معمول بڻائي وئي آهي