هٽڙي ٿاڻي حيدر آباد جي حد واڻڪي وسي ۾ چوريون ڏوهه عام ٿي ويا آھن، ڪا رات خالي ناهي جو چوريون نه ٿينديون هجن شفقت ولد استاد حبيب لغاري جي گهر مان ۽ تان چوري ڪئي وئي لکين رپين جي بورنگ مشين چوري ڪئي وئي محبوب لغاري رٽائر فوجي جي گهر مان لڳ ڀڳ پنجويهه لکن جي چوري ٿي هٽڙي پوليس ڪجهه نه ڪيو ڏاڏو ججهه جي بورنگ مشين چوري ڪئي وئي رٽائر استاد عبدالعليم لغاري جو لوهه چوري ڪيو ويو. استاد ممتاز بڙدي جي سي ڊي چوري ڪئي وئي واڻڪي وسي هوش محمد شيدي لائبريري جي سولر پليٽ چوري ڪئي وئي. ڪريم بخش جي گهران به سولر پليٽ چوري ڪئي وئي. بلوچ خان لغاري ۾ نوحا خوان استاد بشير لغاري جي پاڻي جو موٽر سولر مشين محسن لغاري جي سولر پليٽ سميت ڪيترن ئي گهرن مان انيڪ چوريون ٿيون ائين چورين جو هڪ سلسلو جاري آھي.
پوليس ڪنهن به چوري کي برآمد نه ڪرائي سگهي. چورن کي نه پڪڙي سگهي مڪمل طرح ناڪام آھي پوليس جي سرپرستي ۾ آئيس جهڙي خطرناڪ منشيات سميت هر قسم جو نشو وڪرو ٿي رهيو آھي پر ڪير به ٻڌڻ وارو نه آھي پوليس فريادين جو فرياد ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي ڪيتريون ئي درخواستون لکيون ويون آھن انهن تي ڪو عمل ناهي ٿيو مسڪين ماڻھن جون ننڊون حرام ٿي ويون آھن. ڪا رات خالي ناهي جنهن ۾ چور ڦورو سرگرم نه هجن رات جو رستن تي نڪرڻ ممڪن ناهي ڏوهاري ڦرون ڪن ٿا ايس ايس پي حيدر آباد توڙي ٻيا عملدار کوکليون دعوائون ڪرڻ ۾ پورا آھن. ڏوهارين جي سرپرستي ٿي رهي آھي. ڪير پڇڻ وارو نه آھي. سماج ۾ مڪمل لاقانونيت آھي. عوام وٽ احتجاج ڪرڻ کان سواءِ ڪو رستو ناهي