لاهور (عوامي آواز نيوز) يورپي ملڪن سميت اٽڪل 60 غير ملڪي سفيرن نواز شريف سان ملاقات جي خواهش ظاهر ڪئي آهي
.نامياري صحافي گوهر بٽ جو چوڻ آهي ته ن ليگ ذريعن جو چوڻ آهي ته اٽڪل 60 سفيرن نواز شريف سان ملاقات لاءِ رابطو ڪيو آهي پر نواز شريف مصروف هجڻ ڪري سفيرن کي ملاقات جو وقت نه ڏنو آهي.
صحافي موجب سفيرن جي نواز شريف سان ملاقات جي خواهش مان ظاهر ٿئي ٿو ته سفيرن کي به اهو نظر اچي رهيو آهي ته ايندڙ حڪومت ن ليگ جي ٺهي سگهي ٿي.
ان ڪري سفير يقيني طور اهو ڄاڻڻ چاهيندا هوندا ته نواز شريف جي طالبان بابت پاليسي ڪهڙي هوندي يا چين سان مستقبل ۾ ڪهڙي قسم جا لاڳاپا هوندا خاص طور فلسطين ۽ اسرائيل ۾ تازي جنگ بابت به نواز شريف جو موقف سمجهڻ چاهيندا هوندا.
نوٽ:هيءَ خبر روزاني اڱارو عوامي آواز 14 نومبر 2023 تي شايع ٿي