اڄ جي مصروف زندگي ۾ ڪيترائي ماڻهو بيهي کاڌو کائڻ جا عادي بڻجي چڪا آهن.
ماهرن موجب ڪڏهن ڪڏهن ائين ڪرڻ نقصانڪار ناهي پر اها عادت بڻجي وڃي ته ان جا جسم ۽ هاضمي تي ناڪاري اثر پوندا آهن.
غذائي ماهرن جو چوڻ آهي ته بيهي کاڌو کائڻ سان هڪ عرصي کانپوءِ جسم جي خوراڪ هضم ڪرڻ جي نظام تي سڌي ريت اثر پوندو آهي.
ماهرن موجب خاص طور تي آفيسن ۾ ڪم جي دٻاءَ سبب نوجوانن ۾ اها عادت تيزيءَ سان عام ٿي رهي آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته بيهي کاڌو کائڻ سان جسم مصروف حالت ۾ رهندو آهي ۽ اعصابي نظام مڪمل طور پرسڪون ناهي هوندو، جڏهن ته بهترين هاضمو ان وقت ئي ٿيندو آهي، جڏهن انسان ويهي اطمينان سان کاڌو کائي.
پيٽ ۾ کاڌو تيزيءَ سان گذرندو آهي
ان سان پيٽ کي ڀرجڻ جو احساس گهٽ ٿيندو آهي ۽ انسان معمول کان وڌيڪ کائيندو آهي، جيڪو ٿولهه جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
وڏا گرهه ۽ گهٽ چٻاڙڻ
بيهي يا تڪڙي کائڻ وارا ماڻهو عام طور تي وڏا گرهه ۽ گهٽ چٻاڙيندا آهن، جنهن سبب پيٽ تي دٻاءُ وڌندو آهي ۽ بدهضمي، معدي ۾ تيزابيت ۽ کاڌي کانپوءِ بيچيني محسوس ٿيندي آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته بيهي کاڌو کائڻ جا ڪي خاص ميٽابولڪ فائدا ناهن ملندا پر ان سان آرام، ذهني سڪون ۽ غذائي جزا درست نموني جذب ٿيڻ ۾ رنڊڪ پيدا ٿيندي آهي.
غذائي ماهرن چيو آهي ته کاڌو سدائين ويهي، سڪون ۽ ڌيان سان کائڻ گهرجي، هوريان هوريان ۽ چڱي طرح چٻاڙي کائڻ گهرجي، اسڪرين يا ڪم تان ڌيان هٽائي کائو، هر گرهه ۾ وقفو ڏيو ته جيئن هاضمو بهتر هجي ۽ توانائي متوازن رهي.
You might also like