عبدالقيوم ”زخمي“ جون ساروڻيون

ڊاڪٽر سليمان شيخ

هالا نوان جي مجاور گهٽي جو رهواسي عبدالقيوم هالا جو  مشهورمزاحيه شاعر هو، هو علم و ادب جي محفلن جي جان هو. 1960ع جو ڏهاڪو هالا جي ادبي ماحول جو يادگار دور هو هن دور ۾ مشاعرا ۽ ادبي علمي محفلون عام جام ٿينديون هيون جناب مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ روح روان هو اسان چند دوستن ان دور ۾ انجمن فروغ ادب هالا جو بنياد وڌو هو.

جناب عبدالقيوم صاحب اسان جي ان سٿ جو سرگرم ڪارڪن هو. ان وقت هالا جي موجوده طارق روڊ تي عبدالمجيد صاحب جي هوميوپيٿڪ ڪلينڪ هوندي هئي. عشا  نماز کانپوءِ اتي محفل مچندي هئي جنهن ۾ في البديع مشاعرا مشهور ٿيا. اتي جواتي طرح مليل طرح تي شعر لکبو هو ۽ پڙهبو هو. اها مشغولي خصوصاً اسڪول/ڪاليج جي موڪلن واري عرصي دوران ٿيندي هئي. عبدالمجيد صاحب پڻ ان ۾ سرگرم رهندو هو.

اسان انجمن پاران محبوب علي چنا صاحب پرنسپال سروري ڪاليج جي سربراهيءَ ۾ ماهوار ادبي محفلون منعقد ڪندا هئاسين عجيب دور هو. اسان جا اهي ساٿي گهڻو ڪري عدم جا راهي ٿي ويا ڪي داڻا بچيا آهن جيڪي پنهنجي واري جو انتظار پيا ڪن. اڄ ڪلهه هالا ادبي لحاظ کان رڃ جو ڏيک ٿو ڏئي بقول زخمي.

هن درد و غم ۽ رنج والم کي وداع ڪجي،

مدت ٿي ويئي آهي ڪا محفل بپا ڪجي.

ان وقت رفيق ڪمپني هالا ۾ هڪ سرگرم ادارو هو جيڪو ماهوار وڏي پيماني تي هالا ۾ مشاعرا ڪرائيندو هو. ان وقت شايد زخمي هيءَ دعا ڪئي هئي ته:

غريب غربي ۽ پير و جوان جو خير هجي،

سڄي جهان سان هالا نوان جو خير هجي.

عبدالقيوم صاحب پنهنجي زندگي لوڪل گورنمينٽ شعبي ۾ يونين ڪائونسل سيڪريٽري طور گذاري ون يونٽ دوران کيس لالا موسيٰ ۾ رکيو ويو جتان ڏاڍا زبردست ادبي خط لکندو هو. اهي جي هٿ اچن ته هڪ ادبي دستاويز طور شايع ڪجن.

عبدالقيوم صاحب پنهنجي ڪتاب ”واڌو ادب حدِ ادب“ ۾ پنهنجي پاران وسيلي پنهنجو تعارف هن دو معني تحرير وسيلي ٿو ڪري.

ڪجهه اهتمام نذرِ گلستان ڪيو اٿم

ڪجهه روح جي رهاڻ جو سامان ڪيو اٿم،

ڪجهه درد دل ڏنو غمِ دوران دوست،

ڪجهه زخم در جگر غمِ جانان ڪيو اٿم.

کولي پٽيون جگر تان وري دل مٿان رکيم،

ان طرح پنهنجي درد جو درمان ڪيو اٿم.

مصر جي ٻڍڙي مائيءَ وانگر منجهيل سُٽ جي ڦوري کڻي، يوسف جي خريدارن ۾ نالو لکائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم…. سو ڪالهه اچي کُٽيءَ کنيم جو ڏينهن تَتي جو يوسف جي در تي پهچي وڃي گهنٽي وڄايم… نالو ته ڪونه لکيائين…. اُٽلندو چيائين ته مون کي خبر هجي ها ته تون آهين ته ڪتو به ڪاهيو اچان هان… سو يوسف کي فقط بادشاهه ئي خريد ڪيو… باقي منزلِ مراد ته هر ڪنهن جي پنهنجي آهي. جن کي ڪام، ڪروڌ، لوڀ، موه ۽ اهنڪار منجهائي ماريو آهي… انهن جي عاقبت به اها ئي ٿي رهي آهي.

نوڪريءَ مان رٽائر ٿيڻ کانپوءِ گاجڻي گهٽيءَ ۾ هوميو پيٿڪ ڪلينڪ کوليائين جتي غريب غربي جو علاج ڪندو هو. باگڙي وڏي تعداد ۾ هن ڪلينڪ مان فيض ياب ٿيا ان ڪري ان کي باگڙين جي ڪلينڪ سڏيندا هئا. جناب مخدوم صاحب جن 1987ع ۾ هالا ۾ مشاعرو ڪرايو ان جي طرح هئي.

مئڪدي ۾ مئڪشن روئي ڏنو“

زخمي صاحب ان طرح کي هن ريت نڀايو:

ديڳ يارهين جي هئي پنڌ ۾،

ٻارنهن ٿي ويا ذاڪران روئي ڏنو.

زخمي صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ سيلف انٽرويو ڇاپيو آهي ان جو مهاڳ اجهو هيئن آهي:

هيڏانهن ٻڌين ٿو؟ ”هون“

جيڪا ڳالهه پڇ ان جو جواب ”هون“.

اهو لکڻ کٽندو يا نه…. پٽهين کي بخار ٿي پيو آهي…. دوا آڻي ڏيندي يا ايڌيءَ وارن کي فون ڪرڻي پوندي؟

بس باقي ٻه صفحا آهن، اجائي ڪاوڙ نه ڪر….

هيءَ سرڪاري لکپڙهه؟… ”ڏسان؟“

تون ڏسي ڇا ڪندينءَ؟

هي ڪهڙا اُبتا سبتا مضمونَ ۽ شعر لکيا اٿئي؟ اهي سيٺ وڏا ڪير آهن جن اناج، گيهه، کنڊ ۽ چانور جا چاليهه ڀانڊا ڀري رکيا آهن ته اجهي ٿا وارا نيارا ٿين!… ڀلا وڏي وَرَ ڌڻيءَ اهو ڪهڙ واڻيون کڻايو آهي. جنهن جي خبر صوبيدار سڻڀي خان کي اڃا تائين پئجي ڪانه سگهي آهي؟

آخر ۾ زخمي صاحب جا دوست هليا ويا جن ۾ خصوصا سوز هالائي، حميد شهيد ۽ يعقوب انيس جي وڃڻ جو هن کي ڏک هو. هو بلڪل اڪيلو ٿي ويو ۽ دوڪان بند ڪري گهر ۾ قيد ٿي ويو.

اسان لاءِ ملاقات مشڪل بڻجي وئي ان کانپوءِ سڃاڻڻ به ڇڏي ڏنائين پاڻ ان لاءِ لکيائين.

جنهن کي سڀئي ڇڏي ويا محبوب يار دوست،

تارا تڪيندي رات گذاريندم ڇا ڪندو؟

ديوانه وار چاڪِ گريبان ڪير گهمي،

زخمي الاجي پاڻ کي ماريندو ڇا ڪندو!

چئجي ٿو کپي کپي کپي ليڪن کپئي نه ٿو،

سو پاڻ کي به نيٺ کپائيندو ڇا ڪندو!.

زخمي صاحب اردو ۾ به شاعري ڪئي آهي هڪ مثال هن ريت آهي:

جب بھی گرھن لگا قمر میں ہے،

درد اٹھا میرے جگر میں ہے،

پتلیون کا یہ کھیل ہے ‘زخمی’

ڈور ھلتی بڑے شھر میں ہے۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.