ناليواري تاريخ دان محقق پروفيسر محمد پنهل ڏهر جو وڇوڙو

محمد رمضان پيرزادو

ڏهرڪي جي سرزمين علم و ادب جي حوالي سان هميشه زرخيز رهي آهي، پر گذريل ڏينهن هن ڌرتي هڪ اهڙو انمول هيرو وڃائي ڇڏيو، جنهن جي کوٽ ڪڏهن به پوري نه ٿي سگهندي. نامياري تاريخ نويس، محقق، اديب ۽ سنڌ ريسرچ لائبرري جي باني پروفيسر محمد پنهل ڏهر جو اوچتو لاڏاڻو رڳو هڪ خاندان جو نقصان ناهي، پر اهو سنڌ جي علمي ۽ تحقيقي دنيا لاءِ هڪ وڏي سانحي کان گهٽ ناهي.

پروفيسر محمد پنهل ڏهر 1959ع ۾ ڏهرڪي ويجهو ڳوٺ غلام علي ڏهر ۾ جنم ورتو. هن پنهنجي تعليمي سفر جي شروعات انتهائي ڏکين حالتن ۾ ڪئي. غربت ۽ وسيلن جي گهٽتائي باوجود هن ڪڏهن به علم کان منهن نه موڙيو. هن ٻني ٻاري جي ڪم ۾ پنهنجي والد جو هٿ ونڊائڻ سان گڏوگڏ پنهنجي تعليم جاري رکي. سندس تعليمي سفر پرائمري اسڪول کان شروع ٿي ايم اي (اسلامي تاريخ) ۽ ايم ايڊ تائين پهتو، جنهن دوران هن ثابت ڪيو ته جيڪڏهن جذبو سچو هجي ته منزلون پري ناهن هونديون.

هڪ استاد جي حيثيت ۾ پروفيسر صاحب جون خدمتون وسارڻ جوڳيون ناهن. هن 1982ع ۾ پرائمري استاد طور پنهنجي ڪيريئر جو آغاز ڪيو ۽ اڳتي هلي پنهنجي محنت ۽ قابليت جي بنياد تي ڪاليج سائڊ تي پروفيسر جي عهدي تائين پهتو. هو گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڏهرڪي ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور رٽائر ٿيو. مرحوم رڳو ڪتابن جو گڏ ڪندڙ نه، پر هڪ اعليٰ پايي جو لکاري پڻ هو. سندس لکيل ۽ ترتيب ڏنل ڪتابن ۾ سلطان العارفين سچو سرمست تي تحقيق، صوفي عثمان فقير لغاري جو ڪلام، ڀڳت ڪنور رام، پير عنبر شاهه ۽ قلندر لعل شهباز تي ڪيل ڪم شامل آهن. سندس آخري تحقيقي پورهيو "ڄام ڀنڀو خان ڏهر جي زندگي” ۽ "ڏهرڪي اوٻاوڙي جي ادبي تاريخ” هو، جنهن تي هو لاڏاڻي وقت تائين ڪم ڪري رهيو هو.

سنڌ ريسرچ لائبرري: تاريخ ۽ ثقافت جو گڏيل سنگم

پروفيسر محمد پنهل ڏهر جو سڀ کان وڏو ڪارنامو "سنڌ ريسرچ لائبرري” جو قيام آهي. اها رڳو ڪتابن جو مجموعو ناهي، پر سنڌ جي تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي ورثي جو هڪ کليل عجائب گهر آهي. ويهه هزار کان مٿي ڪتابن تي ٻڌل هن لائبرري جي انفرادي صورت اها آهي ته هتي سنڌ سان گڏ پنجاب، سرحد، بلوچستان ۽ خاص ڪري سرائڪي بيلٽ جي تاريخ ۽ ادب جو اڻ ميون ذخيرو موجود آهي.

قرآن پاڪ جا قلمي نسخا: قديمي ۽ ناياب نسخا جيڪي مرحوم جي مذهبي لڳاءُ جو مظهر آهن. اسلامي تاريخ جو ذخيرو: اسلام جي شروعات کان جديد دور تائين جي مڪمل تاريخ. شخصيتن جو فوٽو البم: ضلعي گهوٽڪي جي سياسي، علمي ۽ ادبي شخصيتن جو هڪ تاريخي تصويري البم، جيڪو هڪ صديءَ جي تاريخ کي محفوظ ڪري ٿو. ناياب رڪارڊ: ڏهاڪن پراڻيون اخبارون ۽ علمي رسالا جيڪي اڄ ڪٿي به ملڻ مشڪل آهن.

هڪ بين الصوبائي تحقيقي مرڪز

پروفيسر محمد پنهل ڏهر ڪڏهن به علم کي حدن ۾ قيد نه ڪيو. سندس لائبرري سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي محققن لاءِ هڪ گڏيل پل جو ڪردار ادا ڪندي رهي آهي. سنڌي، اردو، پنجابي، سرائڪي، بلوچي، عربي ۽ فارسي ٻولين ۾ موجود مواد سبب سڄي ملڪ جا اسڪالر اڪثر ڏهرڪي جو رخ ڪندا هئا، جتي پروفيسر صاحب ذاتي طور سندن ميزباني ڪندو هو.

پروفيسر محمد پنهل ڏهر جي وفات سان سنڌ هڪ اهڙي شخص کان محروم ٿي وئي آهي، جيڪو بنا ڪنهن لوڀ ۽ لالچ جي علم جي خدمت ڪري رهيو هو. ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي پاران سندس لائبرري کي سرڪاري سرپرستي ۾ وٺي محفوظ بنائڻ جو اعلان هڪ خوش آئند عمل آهي، پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن علمي خزاني کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ عملي قدم کنيا وڃن. مرحوم پنهنجي ذاتي ڪمائي مان جيڪو هي علمي قلعو اڏيو آهي، اهو اڄ اسان جي قومي امانت آهي. سندس لکيل ڪتاب ۽ قائم ڪيل لائبرري هميشه کيس زندهه رکندي.

"ساهڙ ٻوڙيو سڀ ڪو، لوڏا ڏيئي لک،

هِيءَ تان هُنِيَنِ جِي بُک، جنهن کي سڪ سمنڊ جي.”

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.