ڪراچي(ويب ڊيسڪ) گارڊن پوليس ڪامياب ڪارروائي ڪندي منشيات وڪرو ڪندڙ عورت کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
پوليس جي دعويٰ آهي ته جوابدار عورت انمول عرف پنڪي کان پستول، ڪروڙين رپين جي ماليت جي ڪوڪين، ڪيميڪلز ۽ ٻي منشيات هٿ ڪئي وئي آهي.
پوليس موجب، انتهائي گهربل ۽ 10 ڪيسن ۾ روپوش جوابدار عورت شهر ۾ منشيات ڊيلنگ ۽ سپلائي جي نيٽ ورڪ کي آپريٽ ڪري رهي هئي.
جوابدار عورت آن لائن منشيات کي مخصوص رائڊرز ذريعي سپلائي ڪندي هئي، ان کانسواءِ هوءَ عورت رائڊرز جو به استعمال ڪندي هئي.
آن لائن منشيات نيٽ ورڪ خلاف وڏي ڪارروائي، ڪراچي ۾ عورت رائڊرز ذريعي نشو وڪرو ڪندڙ انمول عرف ”پنڪي“گرفتار
You might also like