ڪراچي (ويب ڊيسڪ) منشيات ڪيس ۾ گرفتار جوابدار عورت انمول عرف پنڪي جي ليڪ ٿيل مبينا آڊيو منظر عام تي اچي وئي آهي.
آڊيو ۾ جوابدار انمول چئي رهي آهي ته اوهان ماڻهن جي عقل گوڏن ۾ آهي، اٺ نو سال منهنجي پويان هئا، رٽائرڊ ٿي وڃو ٿا پر پڪڙي نٿا سگهو.
مبينا آڊيو ۾ جوابدار انمول چيو ته جنهن ڏينهن دماغ سان سوچڻ شروع ڪندئو پنڪي وانگر برانڊ بڻجي ويندئو، خبر ناهي ڪٿان کان اُٿي اچن ٿا ته پنڪي کي پڪڙينداسين.
آڊيو ۾ جوابدار عورت چئي رهي آهي ته هوءَ سڄي ڪراچي ۾ ڪم ڪري رهي آهي، گرفتار ڪيو جي ڪري سگهو ٿا ته.
ياد رهي ته ڪراچي ۾ گارڊن پوليس اڄ ڪامياب ڪارروائي ڪندي منشيات وڪرو ڪندڙ عورت کي گرفتار ڪيو هو.
پوليس جي دعويٰ آهي ته جوابدار عورت انمول عرف پنڪي کان پستول، ڪروڙين رپين جي ماليت جي ڪوڪين، ڪيميڪلز ۽ ٻيون نشي آور شيون هٿ ڪيون ويون آهن.
پوليس موجب، انتهائي گهربل ۽ 10 ڪيسن ۾ روپوش جوابدار عورت شهر ۾ منشيات ڊيلنگ ۽ سپلائي جي نيٽ ورڪ کي آپريٽ ڪري رهي هئي.
جوابدار عورت آن لائن منشيات کي مخصوص رائڊرز ذريعي سپلائي ڪندي هئي، ان کانسواءِ هوءَ عورت رائڊرز جو به استعمال ڪندي هئي.
” سڄي ڪراچي ۾ ڪم ڪيان پئي، پڪڙي سگهو ٿا ته پڪڙي ڏيکاريو“ پنڪي جي گرفتاري کان اڳ پوليس کي چئلينج ڪرڻ واري آڊيو ليڪ
You might also like