سڀاڻي کان چترال ۾ چئن ڏينھن لاءِ ’چلم جوشيءَ جو ميلو‘ مچڻ وارو آهي. چلم جوشي فيسٽيول، ڪالاش / ڪئلاش واديءَ جو سڀ کان وڏو ۽ اهم مذھبي ۽ ثقافتي ميلو آهي ، جنھن کي ڏسڻ لاءِ نه رڳو پاڪستان پر پوري دنيا مان سيّاح ڪَھي اينداآهن. ان سان هن علائقي جي معيشت کي هٿي ملندي آهي ۽ دنيا کي ڪالاش جِي هزارين سال پراڻي ۽ منفرد تھذيب کي ويجهي کان ڏسڻ جو موقعو ملندو آهي. چلم جوشي عام طور تي هر سال 13 مئي کان 16 مئي تائين چئن ڏينھن لاءِ ملهايو ويندو آهي. جنھن جُون تقريبون انهن چئن پنجن ڏينھن کانپوءِ به ڪيترن ئي ڏينهن تائين جاري رهنديون آهن. هي هڪ رنگين مذهبي گاڏڙ ثقافتي ميڙاڪو آهي، جيڪو هر سال چترال جي ٽنهي وادين (بمبوريت، برير ۽ رمبور) جي روايتي کليل ميدانن ۾ منعقد ٿيندو آهي، جن ميدانن کي مقامي ٻوليءَ ۾ ”چارشُو“ چيو ويندو آهي. هي اهي قديم مذهبي ميدانَ آهن، جيڪي صدين کان مقامي ناچ ۽ عوامي گڏجاڻين لاءِ استعمال ٿيندا رهن ٿا. چلم جوشي ميلي سميت پوري ”ڪئلاشي ثقافت“ (Suri Jagek جي روايتي نظامَ ۽ ثقافتي رسمن) کي ”يونيسڪو“ (UNESCO) پاران 2018ع ۾ انسانيت جي غير مادي ثقافتي ورثي (Intangible Cultural Heritage) واريءَ فھرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي. جنھنجو مطلب اهو آهي ته ”يونيسڪو“ هن ميلي، ان ۾ شامل سنگيت، ناچَ ۽ مقامي روايتن کي عالمي اهميت وارو قرار ڏئي، انھن جي تحفظ جي ذميواري کڻي چڪو آهي.
’چلم جوشي‘ ڪالاشي ٻوليءَ جو لفظ آهي. ”چلم“ لفظ جي معنيٰ آهي ’کير‘، جڏهن ته ”جوشي“ لفظ جو مطلب آهي ’عيدَ‘ يا ’ميلو‘. ته هن مرڪب لفظ جو مطلب ٿيو: ”کير وارو ميلو“. هي ميلو بھار جي آمد جي خوشيءَ ۾ ملهايو ويندو آهي. ڪالاشي قبيلي جا ماڻهو هن ميلي ذريعي پنھنجي مالوند هئڻ تي خدا جو شڪر ادا ڪندا آهن ۽ فصل جي ڪامياب لاباري جو جشن ملهائيندا آهن. هن ميلي ملهائڻ جو بنيادي مقصد، فطرت سان محبت جو اظھار ۽ ايندڙ مَوسم ۾ پنھنجي ڍور ڍڳن جي سلامتيءَ لاءِ دعا ڪرڻ هوندو آهي.
ڪئلاشي لوڪن جو مذهب ’قديم ڪالاش‘ (Kalasha) آهي، جيڪو دنيا جي قديم ترين مذهبن مان هڪ آهي. هي هڪ فطرت جي پوڄا ڪندڙ مذهب / ”اينيمسٽ“ (Animist) سمجهيو ويندو آهي. ڪئلاشي ماڻهو هن ميلي کي پنھنجي قديم مذهبي عقيدن جو حصو سمجهندا آهن. هو پنھنجن ديوتائن آڏو سِر نوائي، باسُون باسيندا آهن ۽ دعائون گهرندا آهن ته جيئن سندن چوپايو مال بيمارين کان محفوظ رهي ۽ چراگاهن ۾ ساوڪ هجي. فطرت ۽ ’ديزو‘ ديوتا جي پوڄاري ڪالاشي ماڻهن جو عقيدو آهي ته بھار جِي مند ۾ سندن ديوتا ’ديزو‘ (Dezau) زمين تي لھي ايندو آهي. تنھنڪري هو پنھنجو پاڻ کي صاف سٿرو رکندا آهن ۽ سڄي واديءَ ۾ خوشبوءِ جي ڌُوڻي ڏيندا آهن، ته جيئن بدرُوحن کي ڀڄائي، برڪت حاصل ڪري سگهجي.
هن ميلي ۾ مختلف ڏينھن تي مختلف رسمون ادا ڪيون وينديون آهن، پر نرت ۽ سنگيت هن ميلي جي سڀ کان وڏي سڃاڻپ ۽ جان هوندا آهن. جنھن ۾ اتان جا لوڪ رقصَ ۽ گيتَ هن ميلي جي سُونھن هوندا آهن. مرد توڙي زالون روايتي ڪئلاشي لباس پھري، هڪٻئي جي هٿن ۾ هٿ ڏئي ۽ ڪُلهن ۾ ٻانھون اٽڪائي، ڀاڪُرَ وجهي، وڏي گهيري ۾ دُھلَ جي ڌڌڪي تي نچندا آهن. هن مخصوص نرت کي ’گوش‘ (Gosh) چيو ويندو آهي. هن ناچ جي سنگيت ۾ ٻن قسمن جا دُهلَ استعمال ٿيندا آهن، جن کي ’داؤ‘ (Dahw) ۽ ’ترنگ‘ (Trang) سڏيو ويندو آهي. ڪالاشي ناچ صرف تفريح ناهي، پر اتان جي ماڻهن جي مذهبي عبادت جو حصو آهي. هن رقص سان گڏ ’شور‘ نالي ڪٿا خوانيءَ جو به رواج هن ميلي ۾ عام آهي، جنھن ۾ مردَ پنھنجي ۽ پنھنجن وڏن جي بھادريءَ جا قصا لوڪ گيتن جي صورت ۾ نرت سان گڏ ڳائيندا آهن، جيڪي لوڪ گيت سِينا به سِينا کين ورثي ۾ مليا آهن.
هن ميلي ۾ هن خطي جي لباس جو به خاص نماءُ ٿيندو آهي. ناريون ’سيمز‘ (Cemis) نالي پنھنجو خاص ڪارو لباس پھرينديون آهن، جنھن تي رنگين ڌاڳن سان ڀرت ڀريل هوندو آهي. انهن جي مٿي تي ’ڪوپاس‘ (Kupas) نالي سھڻن موتين سان جڙيلَ خاص ٽوپي هوندي آهي، جيڪا هن ميلي جِي سُونھن ۽ رونق کي وڌيڪ دلڪش بڻائيندي آهي.
جيئن ته ’چلم جوشي‘ جي معنيٰ ئي ’کير جو ميلو‘ آهي، تنھنڪري هن ميلي جي اڌ مذهبي ۽ اڌ ثقافتي رسمن منجهان اهم ترين رسمَ، ’کِير جي رسم‘ / کِير جي پاڪائيءَ واري رسم هوندي آهي. ميلي جي شروعات کان اڳ، ڪئلاشي ماڻهو پنھنجي چوپائي مال جي سلامتيءَ لاءِ کير جي هيءَ رسم ادا ڪندا آهن، جنھن ۾ هُو پنھنجن گهرن ۽ مال جي واڙن کي کير سان ڌوئيندا آهن. سندن عقيدو آهي ته کير پنھنجي پاڪائيءَ سبب ايندڙ موسم ۾ برڪت آڻيندو. هن رسم لاءِ ميلي کان 10 ڏينھن اڳ کان وٺي جهجهي مقدار ۾ کير گڏ ڪيو ويندو آهي ۽ ميلي وارن ڏينھَن ۾ اهو کير سڄي قبيلي ۾ ورهايو ويندو آهي. هنن ڏينھن ۾ ڪالاشي ماڻهو پنھنجن گهرن ۾ کير ۽ کير مان ٺھيل شين جو استعمال پڻ وڌيڪ ڪندا آهن ۽ اهو کير پنھنجن مھمانن کي به پيئاريندا آهن. ان کانسواءِ ”غلباڻيءَ“ جِي رسم به هن ميلي جي تمام اهم رسم آهي. جنھن ۾ مالوندَ ماڻهو پنھنجين ٻڪرين ۽ رڍن جو پھريون کير ڪڍي، اُن مان پنير ٺاهيندا آهن. اهو خاص مٺو (سُئيٽ ڊش) صرف ميلي دؤران ورهايو ويندو آهي. ”غلباڻي“ نالي هن تقريب يا رسم جو مقصد قديم چوپائي مال واري تھذيب کي جيئرو رکڻ آهي. هندو ڌرم وانگر ڪئلاشين وٽ به چوپايو مال انتھائي اهميت ۽ عقيدت جو باعث آهي.
هن ميلي جِي ٻي اهم رسم گلن جو چُونڊو به آهي. ميلي جي پھرين ڏينھن، ڪالاشي نؤجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون جبلن تي ويندا آهن ۽ اتان بھارَ جا تازا گل ۽ پَنَ پٽي آڻيندا آهن. اهي گلَ، گهرن جي دروازن ۽ بالڪونين تي هڻندا آهن، جيڪي بھار جي ڀليڪار ۽ زندگيءَ جي نئين رنگ جي علامت سمجهيا ويندا آهن.
چلم جوشي صرف مذهبي نه پر هڪ سماجي ميلو پڻ آهي. ڪالاشي سماج ۾ شاديءَ لاءِ ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ ٻنهي جي مرضيءَ کي اهميت ڏني ويندي آهي. هن ميلي دؤران نؤجوانَ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پنھنجي پسند جي جيون ساٿيءَ جي چونڊ ڪندا آهن، هڪٻئي کي پسند ڪندا آهن ۽ وڏڙن جي موجودگيءَ ۾ پنھنجي رشتي جو اعلان ڪندا آهن يعني جوڙن پاران اهڙي چونڊ جي پاڻ ۾ حتمي راضپي ۽ والدين جي منظوريءَ کانپوءِ اڪثر سڱابندين جا اعلان ۽ پڌريُون به هن ئي ميلي جي موقعي تي ڪيون وينديون آهن. ان عمل کي هتان جي مقامي رواج موجب هڪ جشن وانگر ملهايو ويندو آهي، جيڪو هن ميلي جو اهم حصو هوندو آهي. هيءَ رسم هندو ڌرم جي ”سويمبر“ جي رسم سان ملندڙ جُلندڙ آهي.
چلم جوشيءَ جو ميلو ملهائجڻ جي شروعات ڪڏهن کان ٿي، ان جي نقطهء آغاز بابت ڪو پتو نٿو ملي. پر اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته هن ميلي ملهائجڻ جي روايت هزارين سالَ پراڻي آهي. ڪالاشي قبيلي بابت چيو وڃي ٿو ته هو سڪندر يونانيءَ جي دؤر کان به اڳ هتي آباد ٿيل آهن ۽ تڏھن کان ئي هي ميلو سندن قديم مذهبي عقيدن جو حصو آهي، جيڪو صدين کان پيڙھي در پيڙھي ملهائبو پيو اچي. هن ميلي ۾ هر سال لڳ ڀڳ 20 کان 30 هزار ماڻهو شرڪت ڪن ٿا، جن ۾ مقامي ڪئلاشي ماڻهن سان گڏوگڏ، پاڪستان جي مختلف شھرن کان ايندڙ سيّاح توڙي وڏي تعداد ۾ بين الاقوامي (خاص ڪري يورپ ۽ جاپان کان آيل) سيّاح به شامل هوندا آهن. هن ميلي ۾ هن ملڪ واسين جي شرڪت لاءِ ڪابه رسمي ٽڪيٽ ناهي رکيل، البته غير ملڪي سيّاحن کي علائقي ۾ داخل ٿيڻ وقت سيڪيورٽي رجسٽريشن ڪرائڻي پوندي آهي.
وفاقي سرڪار جو سيّاحت جي واڌاري لاءِ قائم ڪيل ادارو ’پاڪستان ٽُوئرزم ڊويلپمينٽ ڪارپوريشن‘ (PTDC) ۽ ’خيبر پختونخوا ڪلچر اينڊ ٽُوئرزم اٿارٽي‘ (KPCTA) هن ميلي جي مڪمل سرپرستي ڪندا آهن. حڪومت پاران سيّاحن جي سھولت لاءِ ڪئمپنگ سائيٽس، سيڪيورٽي، روڊن جي مرمت ۽ بجليءَ جو خاص انتظام ڪيو ويندو آهي. ان کانسواءِ ڪئلاش جي ثقافت کي عالمي سطح تي رُوشناس ڪرائڻ لاءِ سرڪاري سطح تي خاص رقم به جاري ڪئي ويندي آهي. هن ميلي لڳڻ مان سڀ کان وڌيڪ مالي فائدو هتان جي مقامي ماڻهن کي ٿئي ٿو. مقامي هوٽل ۽ گيسٽ هائوس مالڪن کي سيّاحن ۽ مھمانن کي رهائش مھيا ڪرڻ ڪري وڏي ڪمائي ٿئي ٿي. گڏوگڏ مقامي جيپ ڊرائيورن سميت ٻين ٽرانسپورٽرن کي به سٺو روزگار ملي ٿو. هي ميلو مڪاني دستڪاريءَ کي به هٿي ڏئي ٿو. ڪالاشي نارين پاران تيار ڪيل دستڪاريءَ جا نمونا، ٽوپيون ۽ لباس وڏي پئماني تي هن ميلي ۾ وڪامن ٿا. ميلي وارن ڏينھن ۾ مقامي نؤجوانَ، ٻاھران آيلَ سيّاحن کي سُونھي (گائيڊ) طور علائقي جو سير ڪرائي پڻ روزگار ڪمائين ٿا.
چلم جوشيءَ جو هي ميلو انسان ۽ فطرت (جبلن، ندين ۽ ٻيلن) جي انسانن سان گَھِري لاڳاپي کي پڻ ظاهر ڪري ٿو. هي ميلو پوريءَ دنيا لاءِ هڪ پيغام آهي ته ڪيئن هڪ قديم تھذيب اڄ جي جديد دؤر ۾ به پنھنجو وجود برقرار رکيون پئي اچي. چلم جوشي فقط بھار ۽ رنگن جو ميلو ناهي، پر هي ڪالاش جي جبلن ۾ وسندڙ قديم تاريخ جو زندهه آواز آهي.