پيٽرول جو اگهه آخر ڪٿي دنگ ڪندو؟

خادم حسين مشوري

زماني جي تيز رفتاري انسان کي ايترو ته مشينن جو محتاج بڻائي ڇڏيو آهي، جو هاڻي زندگيءَ جو هر پهلو ڪنهن نه ڪنهن گاڏي، ڪارخاني، موٽر، مشين يا سفر سان جڙيل نظر اچي ٿو. انسان جي صبح جو آغاز به سفر سان ٿئي ٿو ۽ شام جي ٿڪاوٽ به ڪنهن نه ڪنهن سواريءَ جي ذريعي گهر پهچي ختم ٿئي ٿي. اهڙي دور ۾ پيٽرول رڳو هڪ سياھ مادو ناهي رهيو، پر اهو جديد زندگيءَ جي رڳن ۾ ڊوڙندڙ رت جيان بڻجي چڪو آهي. دنيا جون معيشتون، صنعتون، ڪاروبار، ٽرانسپورٽ، زراعت، ۽ روزمرهه جون بي شمار ضرورتون ان سان سلهاڙيل آهن. پر جڏهن به پيٽرول جي قيمت وڌي ٿي، تڏهن اهو صرف گاڏين جي ٽئنڪن تي اثر نٿو پوي، پر سڄي سماج جي ساهن تي وزن بڻجي وڃي ٿو.

اڄ جڏهن ماڻهو پيٽرول پمپ تي بيهي جڏھن اگهه ٻڌي ٿو، تڏهن سندس اکين ۾ حيرت کان وڌيڪ خوف ڇائنجي وڃي ٿو. اهو خوف ايندڙ ڏينهن جي خرچن، ٻارن جي ضرورتن، روزگار تائين پهچڻ ، ۽ زندگيءَ جي وڌندڙ ڏکيائين جو آهي. هر واڌ سان ماڻهوءَ جي دل مان هڪ ئي دانهن نڪري وڃي ٿي ته. پيٽرول آخر ڪٿي دنگ ڪندو؟ هي سوال رڳو هڪ عام شهري جو سوال ناهي، پر اهو پوري سماج جي بيچينيءَ جو آواز بڻجي چڪو آهي. مزدور، هاري، شاگرد، سرڪاري ملازم، ريڙهي هلائيندڙ، ٽرانسپورٽر، واپاري، ۽ روزانو سفر ڪندڙ هر ماڻهو ان ڳڻتيءَ ۾ مبتلا آهي ته جيڪڏهن اڄ اهو حال آهي ته سڀاڻي ڇا ٿيندو؟

پيٽرول جي مهانگائيءَ جو سڀ کان وڏو اثر غريب ۽ وچولي طبقي تي پوي ٿو. امير ماڻهو ته اڄ به وڏين گاڏين ۾ سفر ڪن ٿا، سندن محلن جا ايئرڪنڊيشن بند نٿا ٿين، سندن قافلا گهٽ نٿا ٿين، پر هڪ غريب مزدور لاءِ ٻه ليٽر پيٽرول به عذاب بڻجي وڃي آھي. جيڪو ماڻهو صبح سوير مزدوريءَ لاءِ شهر وڃي ٿو، تنهن لاءِ موٽر سائيڪل ۾ پيٽرول ڀرائڻ هاڻي روزگار کان به وڌيڪ ڳرو محسوس ٿيڻ لڳو آهي. هڪ استاد جيڪو پنهنجي محدود پگهار ۾ گهر هلائي ٿو، جڏهن هر پندرهن ڏينهن کان پوءِ پيٽرول جي نئين واڌ ٻڌي ٿو، تڏهن سندس گھر جا حساب ڪتاب بگڙي وڃن ٿا. هڪ شاگرد جيڪو تعليم لاءِ روزانو ڪيترائي ميل سفر ڪري ٿو، تنهن لاءِ به هي مهانگائي خوابن جي راهه ۾ ڪنڊا بڻجي رهيا آهن. غريب پيءُ جيڪو اڳ ئي ٻارن جي فيسن، دوائن، بجليءَ جي بلن ۽ راشن جي فڪر ۾ مبتلا آهي، سو هاڻي پيٽرول جي اگهن اڳيان به بي وس بيٺو آهي.

اصل ۾ پيٽرول رڳو هڪ شيءِ جي قيمت ناهي وڌائيندو، پر اهو پوري مارڪيٽ کي ساڙي ڇڏيندو آهي. جڏهن پيٽرول مهانگو ٿئي ٿو ته ٽرانسپورٽ جا خرچ وڌن ٿا، ۽ جڏهن ٽرانسپورٽ مهانگي ٿئي ٿي ته هر شيءِ مهانگي ٿي وڃي ٿي. سبزيون، ميوا، اٽو، کنڊ، چانور، دوائون، ڪتاب، ڪپڙا، تعميراتي سامان، ۽ روزمرهه جون سڀ شيون عام ماڻهوءَ جي پهچ کان پري ٿيڻ لڳن ٿيون. ماڻهوءَ جي پگهار ساڳي رهي ٿي، پر خرچن جا جبل وڌندا وڃن ٿا.

ڳوٺاڻو هاري جيڪو پنهنجي زمين کي پاڻي ڏيڻ لاءِ موٽر هلائي ٿو، تنهن لاءِ به پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافو وڏو عذاب بڻجي چڪو آهي. اڳي جيڪو هاري ٿوري آمدنيءَ ۾ پنهنجي فصل کي سنڀالي وٺندو هو، سو هاڻي ٻارڻ جي وڌندڙ خرچن سبب قرضن ۾ ٻڏي رهيو آهي. زرعي خرچ وڌڻ ڪري اناج مهانگو ٿئي ٿو، ۽ پوءِ اهو ئي بار وري عام ماڻهوءَ جي مٿان اچي پوي ٿو. ٽرانسپورٽ جو شعبو به سخت متاثر ٿئي ٿو. بسون، ويگنون، رڪشا، ٽرڪون، ۽ مال بردار گاڏيون جڏهن وڌيڪ خرچ برداشت ڪن ٿيون ته ڀاڙا وڌي وڃن ٿا. روزانو سفر ڪندڙ ماڻهو، خاص ڪري مزدور ۽ شاگرد، پنهنجي آمدنيءَ جو وڏو حصو صرف اچ وڃ تي خرچ ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا. ڪي ماڻهو ته نوڪريون ڇڏي ڏين ٿا، ڇاڪاڻ⁠ ته سفر جو خرچ سندن اجوريءَ کان به وڌيڪ ٿئي ٿو.

دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ پيٽرول رياستي پاليسين سان سستو رکيو ويندو آهي ته جيئن عوام کي رليف ملي، صنعت هلندي رهي، ۽ معيشت مستحڪم رهي. پر اسان جهڙن ملڪن ۾ حالتون مختلف آهن. هتي هر نئون بحران عوام جي کيسي تي لاٿو وڃي ٿو. حڪمران عالمي منڊي، ڊالر جي اگهه، قرضن، ٽيڪسن، ۽ معاشي دٻاءَ جا حوالا ڏين ٿا، پر عوام جي برداشت جي حدن جو ڪو احساس نٿو ڪيو وڃي.

اهو به هڪ دردناڪ سچ آهي ته پيٽرول جي هر واڌ کان پوءِ صرف شين جا اگهه نٿا وڌن، پر ماڻهن جي نفسياتي حالت به متاثر ٿئي ٿي. ماڻهو بيچين ٿين ٿا، گهرن ۾ پريشاني وڌي ٿي، مايوسي پکڙجي ٿي، ۽ سماج ۾ هڪ خاموش غصو جنم وٺي ٿو. نوجوان جيڪي اڳتي وڌڻ جا خواب ڏسن ٿا، سي هاڻي روزگار کان وڌيڪ خرچن جي فڪر ۾ مبتلا آهن. ماڻهو هاڻي سفر ڪرڻ کان اڳ فاصلا نه پر خرچ ڳڻين ٿا.

پيٽرول جو بحران دنيا جي سياست سان به ڳنڍيل آهي. عالمي طاقتون، تيل پيدا ڪندڙ ملڪ، جنگيون، پابنديون، ۽ واپاري مفاد سڀ هن مسئلي تي اثرانداز ٿين ٿا. جڏهن دنيا ۾ ڪا جنگ ٿئي ٿي يا تيل پيدا ڪندڙ علائقن ۾ ڇڪتاڻ وڌي ٿي ته ان جو اثر سڌو سنئون غريب ملڪن جي عوام تي پوي ٿو. وڏيون طاقتون پنهنجا مفاد بچائين ٿيون، پر عام ماڻهوءَ جي زندگي وڌيڪ ڏکي بنجي وڃي ٿي.

اڄ دنيا متبادل توانائيءَ ڏانهن وڌي رهي آهي. برقي گاڏيون، سولر توانائي، ونڊ پاور، ۽ ٻين ذريعن تي ڪم ٿي رهيو آهي. ڪيترائي ملڪ آهستي آهستي پيٽرول تي دارومدار گهٽائي رهيا آهن. پر غريب ۽ ترقي پذير ملڪن جا ماڻهو اڃا تائين انهن سهولتن کان پري آهن. هتي ماڻهو پراڻين موٽر سائيڪلن، خسته حال گاڏين ۽ محدود آمدنيءَ سان زندگيءَ جو سفر ڪن ٿا. انهن لاءِ پيٽرول رڳو ٻارڻ نه، پر جيئڻ جو وسيلو بڻجي چڪو آهي.

هڪ عجيب تضاد اهو به آهي ته عوام کي سادگيءَ جا درس ڏنا وڃن ٿا، پر اقتدار جي ايوانن ۾ فضول خرچي ختم نٿي ٿئي. وڏن وڏن قافلن، پروٽوڪولن، ۽ آسائشن تي خرچ جاري رهي ٿو، جڏهن⁠تہ عام ماڻهو پنهنجي موٽر سائيڪل ۾ اڌ ٽانڪي ڀرائڻ کان اڳ سوچي ٿو. هي فرق ئي عوام جي دلين ۾ مايوسي ۽ بي اعتمادي پيدا ڪري ٿو.

پيٽرول جي مهانگائيءَ صرف معاشي مسئلو ناهي رهيو، پر اهو سماجي ۽ اخلاقي مسئلو پڻ بڻجي ويو آهي. جڏهن ماڻهو پنهنجي بنيادي ضرورتن لاءِ پريشان ٿين ٿا ته سماج ۾ بيچيني، چڙ، ۽ عدم برداشت وڌي وڃي ٿي. گهرن ۾ جهيڙا وڌن ٿا، ماڻهو ذهني دٻاءَ جو شڪار پڻ ٿين ٿا، ۽ زندگيءَ مان سڪون گهٽجي وڃي ٿو.

شايد اهو سوال ته پيٽرول آخر ڪٿي دنگ ڪندو؟ صرف اگهن بابت ناهي، پر اهو ان بي رحم نظام بابت سوال آهي، جتي عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ کي انگن اکرن ۾ ماپيو وڃي ٿو. ماڻهوءَ جي ساهن، اميدن، خوابن، ۽ تڪليفن کي معاشي پاليسين جي فائيلن ۾ دفن ڪيو وڃي ٿو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومتون صرف اگهه وڌائڻ کي حل نه سمجهن، پر عوام لاءِ حقيقي رليف جا رستا پيدا ڪن. سستي عوامي ٽرانسپورٽ، متبادل توانائيءَ جي سهولتن، زراعت ۽ صنعت لاءِ رعايتن، ۽ غيرضروري خرچن ۾ گهٽتائيءَ تي ڌيان ڏنو وڃي. جيڪڏهن بار هميشه غريب جي ڪلهن تي وڌو ويندو ته پوءِ سماج اندر مايوسي ۽ نفرت وڌندي رهندي.

اڄ به هڪ مزدور شام جو پنهنجي خالي کيسي کي ڏسي سوچي ٿو ته سڀاڻي ڪم تي وڃڻ لاءِ پيٽرول ڀرائي يا گهر لاءِ اٽو وٺي؟ هڪ شاگرد ڪتاب خريد ڪري يا ڀاڙو بچائي؟ هڪ هاري فصل بچائي يا قرض لاهي؟ ۽ انهن سڀني سوالن جي وچ ۾ هڪ سوال اڃا به فضائن ۾ گونجي رهيو آهي:

پيٽرول آخر ڪٿي دنگ ڪندو؟ شايد ان جو جواب صرف تيل جي کوهن وٽ ناهي، پر انصاف، ايمانداري، ذميواري، ۽ عوام دوست پاليسين وٽ آهي. جيستائين حڪمرانيءَ جو محور عوام جي ڀلائي نه بڻجندو، تيستائين پيٽرول سان گڏ ماڻهن جون پريشانيون به وڌنديون رهنديون. ۽ شايد تاريخ هڪ ڏينهن اهو لکي ڇڏيندي ته انسان ترقيءَ جا وڏيون دعوائون ته ڪيون، پر پنهنجي ئي عوام کي هڪ ليٽر پيٽرول جي عذاب کان بچائي نه سگهيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.