ڪراچي ۾ مهيني اندر 42 شهري قتل، سوين فونون ڦر

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ڏوهن جي شرح ۾ وڌيڪ واڌ اچي وئي، هڪ مهيني ۾ 42 شهري قتل ٿي ويا، 1500 کان وڌيڪ فون  ڦريا ويا، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته شهر ۾ موبائل فون ڦر جا واقعا به وڌي ويا جن ۾ هڪ مهيني اندر 1500 کان وڌيڪ موبائل فون ڦريا ويا، سيٽيزن پوليس لائيسن ڪميٽي جي رپورٽ موجب اپريل ۾ 469 موٽر سائيڪلون ۽ 22 گاڏيون ڦر ڪيون ويون، جڏهن ته ڀتا خوري جا 9 ۽ ڀنگ لاءِ اغوا جو هڪ واقعو رپورٽ ٿيو، رپورٽموجب مارچ ۾ 1265 موبائل فون ڦر ٿيا هئا، جڏهن ته اپريل ۾ اهو انگ وڌي 1624 تائين پهچي ويو، موٽر سائيڪلن جي چوري ۾ ڪجهه گهٽتائي ڏٺي وئي، مارچ ۾ 3027 ۽ اپريل ۾ 2723 واقعا رپورٽ ٿيا، جڏهن ته گاڏي چوري جا ڪيس به گهٽجي 111 تائين پهتا، قتل جي واقعن ۾ معمولي گهٽتائي آئي، مارچ ۾ 44 ۽ اپريل ۾ 42 ماڻهو قتل ٿيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.