ٽنڊو الهيار ويجهو غيرت جي نالي تي ڀاءُ هٿان ڀاءُ تشدد ڪري قتل، جوابدار گرفتار

ٽنڊوالهيار (رپورٽ : حسرت لغاري) ٽنڊوالهيار ويجهو غيرت جي نالي تي ڀاءُ پنھنجي ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو، لاش واري جي دڙن تان هٿ آيو، پوليس ھڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، بڪيرا شريف  ٿاڻي جي حد ڳوٺ دريا خان مسرڪ ڀرسان زرعي زمين ويجهو واري جي دڙن تان نوجوان جو تشدد ٿيل لاش ڏسي وارثن ۽ ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺي ٽنڊوالهيار جي سول اسپتال پهچايو، لاش جي سڃاڻپ ڳوٺ دريا خان مسرڪ واسي 40 ورھين جي محمد صديق مسرڪ طور ٿي، پوليس موجب نوجوان جي ڳچيءَ تي تشدد جا نشان آهن، شايد کيس گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آهي، پوسٽ مارٽم رپورٽ جي اچڻ بعد وڌيڪ حقيقتون سامهون اينديون، ٻي پاسي مقتول محمد صديق مسرڪ جي ڀيڻ مسمات حليمان زال مير محمد مسرڪ جي فرياد تي ٽن ڄڻن محمد صالح عرف حاجن مسرڪ، عمر مسرڪ ۽ عثمان مسرڪ مٿان بڪيراشريف ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو، ذريعن موجب بڪيراشريف پوليس ڪيس ۾ نامزد جوابدارن مان هڪ مُک جوابدار کي پڻ گرفتار ڪري ورتو، ذريعن موجب نوجوان محمد صديق کي جوابدار مبينا طور غيرت جي نالي تي قتل ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.