شايد هاڻ ڪنهن کي ياد به نه هجي ته 1977ع ۾ ڪيري پيڪر عالمي سيريز لاءِ پاڪستان جي اهم رانديگرن عمران خان، ماجد خان، ظهير عباس ۽ مشتاق محمد معاهدو ڪري ڇڏيو هو. پاڪستان (۽ انگلستان) قومي ٽيم کي ڇڏي ”پئسن جي لاءِ“ معاهدو ڪندڙ انهن رانديگرن تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي هئي. 78-1977 واري انگلستان پاڪستان واري سيريز ۾ پڻ انهن تي پابندي هئي. پاڪستان ۾ هلندڙ ان سيريز ۾ پهريان ٻئي ٽيسٽ ڊرا (برابر) ٿي چڪا هئا. عوام طرفان زور هو ته آخري ٽيسٽ جيڪا ڪراچي ۾ ٿيڻي هئي، ان ۾ اهي رانديگر ضرور کيڏن. امڪان پيدا ٿي ويا ته ”عمران، مشتاق ۽ ظهير “ شايد آخري ٽيست کيڏن.
انگلستاني ڪئمپ ناراض هئي ته اِهو نه ٿيڻ کپي، ڇو جو ٻنهن ملڪن جي ڪرڪيٽ بورڊن پاڻ ۾ واعدو ڪيو هو ته هُو ڪيري پيڪر ويندڙ رانديگرن کي نه کيڏائيندا. چون ٿا ته جڏهن هڪ رانديگر مرحوم وسيم راجا (جيڪو رميز راجا جو وڏو ڀاءُ ۽ بهتر آل رائونڊر ڪرڪيٽر هو) کي مشتاق محمد، جيڪو پاڪستان جو ڪئپٽن پڻ رهي چڪو هو ۽ حنيف محمد ۽ صادق محمد جو ڀاءُ هو) جي اچڻ جي خبر پئي ته توائي ۾ پنهنجي ڏاڙهي پڻ ڪوڙائي ڇڏيائين! خير آخري ٽيسٽ ۾ انهن باغي رانديگرن کي کيڏايو نه ويو.
چوڻ جو مقصد آهي ته پاڪستاني ڪرڪيٽ ۾ لاهيون چاڙهيون اينديون رهيون آهن. ڪڏهن ڪئپٽن جي خلاف ته ڪڏهن بورڊ جي خلاف محاذ جُڙندا رهيا آهن. هن دفعي جڏهن پاڪستان جي ٽيم هندستان عالمي ڪپ لاءِ وڃڻي هئي، ان کان هڪ رات اڳ، معروف صحافي ۽ وي لاگر سيد عمران شفقت مطابق، سڄي ٽيم ڪئپٽن جي سربراهي ۾ وڃڻ کان نابري واري بيٺي! سڀني چيو ته اسان جو جيستائين نئون معاهدو (ڪانٽريڪٽ) نٿو ٿئي، تيستائين نه وينداسون! ان تڪرار کي رات جي اونداهي ۾ چيئرمين ۽ لاڳاپيل ماڻهن جي ننڊ ڦٽائي معاهدي تي صحيحون ڪري جهلو ڏنو ويو!
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، پاڪستان جي ٻين سرڪاري ادارن جيان سياسي، حڪمرانن ۽ ’وڏن ماڻهن‘ جي ترجيحن مطابق هلندو رهيو آهي. ڪو چڱو ماڻهو، جنهن کي ڪرڪيٽ جي انتظام ڪاري بابت بهتر ڄاڻ هئي ۽ اڳواڻي جون صلاحيتون پڻ هيون ته اهڙي قابل ماڻهو کي يا ته ڪم ڪرڻ نه ڏنو ويو آهي يا ته وري ان جي ڪم کي محدود ڪيو ويو آهي. اسان اڪثر ڏٺو آهي ته جيئن حڪومت ۾ تبديلي ايندي آهي، نوان حڪمران ايندا آهن ته بورڊ ۾ پڻ تبديلي اچي ويندي آهي! بهتري جا ڊگهي عرصي وارا گس ۽ ڪم، هميشه اڌ ۾ ئي رولڙي جو شڪار ٿيندا رهيا آهن.
پاڪستان هڪ ترقي پذير ۽ غريب ملڪ آهي، شايد اسان وٽ نه نوجوان ترجيح آهن ۽ نه ئي رانديون، نه ئي وري ايترا وسيلا ناهن جو پنهنجي راندين جي نظام کي بهتري ڏانهن وٺي وڃون! شايد ان ڪري اسان راندين ۾ عالمي طور تي ڪو خاصو نالو پيدا ڪري نه سگهيا آهيون. وسيلن جي نه هجڻ کان وڌيڪ جيڪا اسان جي هر سطح تي هلندڙ طرز حڪمراني آهي، ان باقي شعبن جيان راندين کي پڻ پوئتي ڌڪيو آهي. اسان جي ادارتي طرز حڪمراني جو محور ”پنهنجن ۽ سڃاڻ وارن کي نوازڻ،“ ”اسان کان بهتر ڪنهن کي خبر ناهي،“ ۽ ”ٻي ڪنهن جو ڪهڙو واسطو، اسان ئي مالڪ آهيون!“ جهڙا مفروضا آهن.
ڪرڪيٽ راند سان گڏ هڪ فن ۽ سائنس پڻ آهي. باب وولمر جو ڪتاب ”آرٽ اينڊ سائنس آف ڪرڪيٽ“ هڪ انتهائي اهم ڪتاب آهي. ڇهه سئو صفحن کان مٿي لکيل هِن ڪتاب کي شايد ڪرڪيٽ سان لاڳاپيل فيصلا ڪندڙن پڙهيو ئي نه هجي! باب وولمر پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جو 2007ع واري عالمي ڪپ ۾ ڪوچ هو. پاڪستان رانديگرن ۽ عوام ۾ پڻ مقبول هو. پاڪستان 2007ع ۾ جنهن طريقي سان هارايو، ان پاڪستاني قوم سان گڏ شايد سندس ڪوچ جي دل کي به ٽوڙي وڌو هو. باب وولمر جي ”دل جي دوري“ جا شايد ٻيا سبب هجن، پر اِهو ٿيو پاڪستان جي شڪست کانپوءِ هو!
پنهنجي لکيل ان ڪتاب ۾ باب وولمر (جنهن جا ٻه ٻيا ليکڪ نوڪس ۽ موفيٽ پڻ هئا) اِن راءِ جو اظهار ڪيو آهي ته ڪرڪيٽ ۾ ڪاميابي جو دارومدار 90 سيڪڙو پيشاوراڻي راند (جنهن ۾ ذهني ادراڪ ۽ مهارت، مينٽل اسڪل اهم حيثيت رکن ٿا) جي ڪري ٿئي ٿي ۽ صرف ڏهه سيڪڙو ڪچي ٽيلينٽ (را ٽيلينٽ) جي ڪري آهي. عجيب ڳالهه ته اِها آهي جو تقريباً سڀئي رانديگر ڪارڪردگيءَ سان لاڳاپيل جسماني عنصرن ۽ ٽيڪنڪ تي پيا وقت ڏيندا آهن. جڏهن ته ڪاميابي جي لاءِ 90 سيڪڙو اهميت رکندڙ ذهني صلاحيت، ادراڪ ۽ راند جي فهم جهڙن نفسياتي پهلوئن کي بهتر ڪرڻ لاءِ وقت ئي نه ڏيندا آهن. ان ڪري ڏٺو ويو آهي ته بهترين ٽيلينٽ ۽ مالڪ جي طرفان عطا ڪيا فن ۽ صلاحيتن وارا رانديگر جن پنهنجي ذهني مهارت تي ڪم نه ڪيو، اڳتي نه وڌي سگهيا!
جڏهن به ڪا مئچ ٿيندي، ڪو مقابلو ٿيندو ته هڪ ٽيم کٽيندي ته ٻي هارائيندي! هارائڻ ۽ کٽڻ ته راند جو حصو آهي. پر جيڪڏهن ڪا ٽيم نه مقابلو ڏيکاريندي، نه ڏکين حالتن مان نڪرڻ جي صلاحيت رکندي، نه ئي ڪئپٽن طرفان ”راند جي ادراڪ“ جو مظاهرو ٿيندو ۽ وقت کان اڳ ئي هانوَ هاري ويهندي ته پوءِ اهڙي ٽيم جي هارائڻ تي سوال ضرور اُڀرندا. پاڪستان جي ٽيم جي ايشياڪپ کان وٺي هاڻوڪي ڪارڪردگيءَ تي اهڙا سوال ڪرڻ ضروري آهن. سوالن کانسواءِ غلطين کي ڳولي نه سگهبو ۽ نه ئي بهتري ممڪن ٿي سگهندي. جيڪڏهن ان سڄي مامري کي طرز حڪمراني (گورنس) جي تناظر ۾ ڏسنداسين ته اسان جو زور اڄ به ان ڳالهه تي آهي ته ”اسان وارا طريقا ئي بهتر آهن. بس ايئن ئي ڪري سگهجي ٿو!“ جڏهن ته عالمي تجربن، تحقيقن کي ڏسنداسين ته اُهي ٻڌائين ٿيون ته ”راندين جي ميدان ۾ ڪاميابي ۽ اڳڀري حيثيت حاصل ڪرڻ لاءِ چار عنصر: جسماني، ٽيڪنيڪي، حڪمت عملي (ٽيڪٽيڪل) ۽ ذهني صلاحيت/مهارت (مينٽل اسڪل) انتهائي اهم آهن. جڏهن رانديگر عالمي سطح تائين پهچن ٿا ته سڀن جا ٽيڪنيڪي، جسماني ۽ حڪمت عملي وارا صلاحيتي گُر ٿوري گهڻي گهٽ وڌائي سان هڪ جهڙا هوندا آهن. بس جن جي ذهني سگهه، صلاحيت ۽ راند بابت ادراڪ وڌيڪ هوندو آهي، اُهي ئي اڳيون جايون ماڻيندا آهن! ’ذهني مهارت‘ انساني نفسيات جي تربيت ذريعي بهتر ڪري سگهجي ٿي.
اسان کي خبر آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ٽيم ۽ رانديگرن کي بهتر ڪرڻ لاءِ عالمي ماهر ڪوچ، فزيو، نفسيات ۽ ٻيا ماهر ڀرتي ڪندو آهي، پر انهن ماهرن کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سياسي ترجيحن ۽ ادارتي حالتن ۾ ڪم ڪرڻو هوندو آهي! اهي ويچارا ادارتي ڪمزورين کي ڪيترو مُنهن ڏئي سگهندا! پاڪستاني ٽيم ۽ قيادت ۾ ذهني پختگي، راند جي ادراڪ ۽ ذهني مهارت جون چٽيون ڪمزوريون عالمي ڪپ جي مقابلن دوران ظاهر ٿيون آهن. ان تي تمام گهڻي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
اميد ته هاڻوڪي شڪست مان سبق حاصل ڪرڻ ۾ پاڪستان جا لاڳاپيل فيصلا ڪندڙ نه ڪيٻائيندا. ڪرڪيٽ بورڊ کان وٺي رانديگرن جي چونڊ تائين هر مرحلي کي شفاف رکيو ويندو. پاڪستان جي هر علائقي جي نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين/رانديگرن کي اڳتي اچڻ جو موقعو ڏنو ويندو. ڪرڪيٽ جي ڍانچي کي تعلقي، ضلعي، صوبي ۽ ملڪ تائين فعال نموني جوڙيو ويندو جو ڪو به قابل رانديگر ”پسند ناپسند“ جي ور نه چڙهي. شهرن جون زمينون رهائشي منصوبن، وڏن بلڊرن ۽ ڏاڍن ماڻهن جي حوالي نه ڪيون وينديون بلڪه هر ڳوٺ، هر شهر ۾ راند جا ميدان جوڙيا ويندا. سفارش ۽ پنهنجن کي کڻڻ واري روش کي ختم ڪري سڀن کي موقعو ڏنو ويندو. آخرڪار سڀ پاڪستاني پنهنجا ئي ته آهن!