طبي ماهرن چيو آهي ته دل جو دورو اوچتو ناهي ٿيندو، ان کان اڳ ڪيتريون ئي علامتون ظاهر ٿينديون آهن پر انهن کي اڪثر نظرانداز ڪيو ويندو آهي.
دل جي دوري کي عام طور تي اوچتو پيش ايندڙ واقعو سمجهيو ويندو آهي پر ماهرن موجب جسم ان کان اڳ ڪيتريون ئي تنبيهي علامتون موڪليندو آهي.
اهي علامتون ڪجهه ڪلاڪ، ڏينهن يا وري ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه سال اڳ به ظاهر ٿي سگهن ٿيون پر انهن علامتن کي اڪثر معمولي سمجهي نظرانداز ڪيو ويندو آهي.
دل جي مرضن بابت ماهر ڊاڪٽر جوئي سائيبال چئي ٿو ته دل جو دورو اوچتو ناهي ٿيندو، جسم عام طور تي ان کان اڳ ئي مسئلن جو اشارو ڏيڻ لڳندو آهي.
ماهرن خبردار ڪيو آهي ته انهن علامتن تي وقت سر ڌيان ڏيڻ ضروري آهي ته جيئن دل جي دوري جهڙي خطرناڪ صورتحال کان بچي سگهجي.
اوچتو علامتون
دل جي دوري کان اڳ سامهون ايندڙ علامتن ۾ شديد سور يا دٻاءُ محسوس ٿيڻ، ساهه کڻڻ ۾ تڪليف، چڪر اچڻ يا بيهوشي جون علامتون شامل آهن.
شروعاتي تنبيهي علامتون
ماهرن موجب دل جي دوري کان اڳ شروعاتي طور تي سامهون ايندڙ تنبيهي علامتن ۾ سيني تي بار محسوس ٿيڻ، ٿڪاوٽ يا بدهاضمي جهڙيون علامتون ظاهر ٿيڻ شامل آهي پر اهڙي قسم جي علامتن کي اڪثر ماڻهو معمولي سمجهي نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهن.
اڳواٽ علامتون
ڪجهه ماڻهن کي دل جي دوري کان ڪجهه ڏينهن يا هفتو اڳ غير معمولي ٿڪاوٽ، سيني ۾ دٻاءُ يا ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي جهڙا آثار محسوس ٿيندا آهن، ڇو ته اهي علامتون عام ۽ غير واضح هونديون آهن، تنهن ڪري انهن جي سڃاڻپ شروعاتي ۾ ڏکي هوندي آهي پر ماهرن جو چوڻ آهي ته انهن کي سمجهڻ ۽ سنجيدگي سان وٺڻ انتهائي ضروري آهي ته جيئن وقت تي علاج ممڪن ٿي سگهي.
دل جي بيمارين جي ماهر سڊ داس جو چوڻ آهي ته اڄ جي صحت جي نظام ۾ اسان جي دوري جو علاج ته ڪندا آهيون پر ان جي اڳواٽ روڪٿام تي ڌيان گهٽ ڏيندا آهيون، حقيقت اها آهي ته دل جو نظام ڪيترا سال اڳ ئي خطري جا اشارا ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي.
ماهرن موجب جيڪڏهن ڪنهن شخص کي اهي علامتون محسوس ٿين تي فوري طور معائنو ڪرائڻ ضروري آهي.
You might also like