جسم جي ڪهڙن حصن تي پرفيوم نه لڳائڻ گهرجي؟ ڄاڻيو

پرفيوم جو استعمال ڪيترين ئي ماڻهن جي روز مرهه جي زندگي جو اهم حصو هوندو آهي، ڪيترائي ماڻهو ان کي روز استعمال ڪندا آهن، جڏهن ته ڪجهه ماڻهو ڪنهن خاص تقريب يا آفيس ۾ وڃڻ کان اڳ پراعتماد ۽ فريش محسوس ڪرڻ لاءِ پرفيوم جو استعمال ڪندا آهن.
پر ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته پرفيوم جو استعمال جسم لاءِ نقصانڪار به ٿي سگهي ٿو؟
جي ها! جسم جي ڪجهه حصن تي پرفيوم لڳائڻ خطرناڪ آهي، اچو ته ڄاڻون اهي ڪهڙا حصا آهن.
چهرو
ڪيترائي ماڻهو غلطي سان پنهنجي وات يا ڳلي ڀرسان پرفيوم لڳائيندا آهن، خوشبو ۾ موجود الڪوحل يا ٻيا ڪيميڪل منهن تي الرجي، داڻن، ساڙي يا خشڪي جو ڪارڻ بڻجي سگهن ٿا.
انڊر آرمز
انڊر آرمز ۾ عام طور تي پگهر گهڻو ايندو آهي، تنهن ڪري ماڻهو ان جاءِ تي گهڻي پرفيوم لڳائيندا آهن پر ان ۾ موجود ڪيميڪل پگهر ۾ جذب ٿي الرجي يا ساڙي جو سبب بڻجي سگهن ٿا.
ڪَٽيل يا سڙيل حصو
جيڪڏهن توهان جي جلد سڙيل، ڪٽ يا ڪو ٻيو انفيڪشن آهي ته ان جاءِ تي پرفيوم نه لڳايو، پرفيوم ۾ موجود ڪيميڪل ان جاءِ کي وڌيڪ نقصان پهچائي سگهن ٿا، جنهن ۾ سور وڌڻ، سوڄ وغيرا شامل آهن.
اکيون
پرفيوم لڳائيندي اهو خيال رکڻ گهرجي ته اها اکين ۾ نه پئي، ان سان اکيون سڙڻ، پاڻي وهڻ يا نظر خراب ٿيڻ جو خدشو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.