هن وقت تائين يارنهن لک فلسطيني مارجي ويا آھن روزاني جي بمباري ۾ هر ڏينهن ان ۾ واڌارو ٿي رهيو آھي جيڪو خطرناڪ عمل آھي سموري دنيا جا نام نهاد انساني حقن جا چئمپين آمريڪا جي جهولي ۾ آھن هن سموري بربريت تي آمريڪا اسرائيل جو مڪمل ساٿ ڏئي رهيو آھي جنهن جي نتيجي ۾ ھڪ خطرناڪ جنگ ڇڙي پوڻ جو خطرو موجود آھي غزا تي اسرائيل هاڻ ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ تجربا ڪري رهيو آھي آھي
اسرائيلي وزيراعظم بينجامن نيتن ياهو غزا جي سيڪيورٽي جي ذمي واري اڻڄاتل مدي تائين اسرائيل وٽ رھڻ بابت پنهنجي بيان جي اڃا تائين وضاحت ناھي ڪئي، پر ماضيءَ جو تجربو ٻڌائي ٿو ته اسرائيل جي ’سيڪيورٽي‘ واري ڪردار کي فلسطين ۽ عالمي برادري فوجي قبضو ئي سمجھن ٿا. نيتن ياهو ھڪ تازي انٽرويو ۾ غزا ۾ پنهنجي فوجي موجودگيءَ برقرار رکڻ جو اشارو ڏنو ھيو. جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ خطرو ان ڳالهه جو آهي ته اسرائيل پاڻ کي اهڙي ڌُٻڻ ۾ ڦاسائيندو جنهن ۾ هو دشمن سان ھر وقت ويڙھ جي حالت ۾ رهندو.
جيڪڏھن اسرائيل غزا تي حماس جي 16 سال پراڻي حڪومت ختم ڪرڻ ۽ سندس اڏا تباهه ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته پوءِ به غزا ۾ اسرائيلي فوج جي موجودگي بغاوت کي جنم ڏئي سگهي ٿي، جيئن 1967 کان 2005 تائين اسرائيلي فوجن جي موجودگيءَ سبب ٿيو.
’ايسو سي ايٽڊ پريس’ موجب اسرائيل جي جنگي ڪابينا جي ميمبر بيني گينس تسليم ڪيو آھي ته غزا جي حوالي سان اڃا تائين ڪو ڊگهو منصوبو موجود ناهي، ۽ اسرائيل جي سيڪيورٽي کي سامھون رکندي ڪنهن به رٿا تي غور ڪري سگهجي ٿو، پر حماس ان جو حصو نه هوندي. هتي اسان ڪجھ اھڙا طريقا بيان ڪري رھيا آهيون جيڪي امڪاني طور تي غزا ۾ اسرائيل جي سيڪيورٽي ڪردار کي واضح ڪري سگهن ٿا.
1.مڪمل قبضو: وچ اوڀر ۾ 1967 واري جنگ ۾ اسرائيل غزا، الھندي ڪناري (ويسٽ بئنڪ) ۽ اوڀر يروشلم تي قبضو ڪري ورتو ھيو. انھن ئي علائقن ۾ فلسطينين پنهنجي رياست قائم ڪرڻ ٿي چاهي، پر اوڀر يروشلم جي پراڻي شهر ۽ حساس مذهبي ماڳن واري ھنڌ کي اسرائيل سان ڳنڍي ڇڏيو ويو، جيتوڻيڪ عالمي برادري ان ڳانڍاپي کي تسليم نه ڪيو.
- 2. ويسٽ بئنڪ جو ماڊل؛ اسرائيل ۽ فلسطيني اٿارٽي (پي ايل او) وچ ۾ هڪ عبوري ’امن معاهدو‘ 1990 ڌاري ٿيو، جنھن کي ’اوسلو معاهدو‘ چئجي ٿو. ان ٺاھ تحت فلسطيني اٿارٽي ٺھي ۽ اولهندي ڪناري توڙي غزا کي هڪ خودمختيار انتظاميه ملي، جنهن جو مقصد اسرائيل سان گڏجي هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ هيو.
اڳتي ھلي 2007 ۾ فلسطيني اٿارٽي به غزا تي پنهنجو ڪنٽرول وڃائي ويٺي ۽ حماس اُتي اقتدار ۾ اچي وئي، تنھن کان پوءِ فلسطيني اٿارٽيءَ جو اختيار ويسٽ بئنڪ جي 40 سيڪڙو تائين رھجي ويو.
فلسطيني اٿارٽي جا گھڻي ڀاڱي اختيار انتظامي قسم جا آهن. جيتوڻيڪ سندن پوليس فورس موجود آهي، پر سيڪيورٽي جو سمورو بندوبست اسرائيلي فوج جي هٿ ۾ آهي.اولھندي ڪناري ۾ مستقل طور مقرر ٿيل هزارين اسرائيلي فوجي نه رڳو هتي پنج لک يهودي آبادڪارن جي حفاظت ڪن ٿا پر ڇاپا مار ڪاروائيون ۽ فلسطيني ويڙهاڪن سان خوني ويڙهه به ڪن ٿا.
- 3. غزا ماڊل: ڇا غزا ۾ ھڪ اعتدال پسند انتظاميه جي موجودگيءَ ۾ سرحد جي ھُن پاسي ويھي غزا جي سيڪيورٽي جا معاملا سنڀالي سگهجن ٿا؟ ۽ جڏهن اسرائيل چاھي ته مداخلت به ڪري سگھي ٿو؟ان قسم جو طريقو اڳ به آزمايو ويو آهي، جڏهن 2005 ۾ ٻي فلسطيني بغاوت شروع ٿي، تڏھن اسرائيل پنهنجي فوج ۽ اٽڪل اٺ ھزار آبادڪار غزا مان ڪڍي ورتا ھئا.
ان کانپوءِ فلسطيني اٿارٽي غزا جو انتظام سنڀاليو پر ھڪ ته چئني پاسي ھوائي، سامونڊي ۽ زميني حدن تي اسرائيلي قبضو ھيو، ٻيو ته ايندڙ سال غزا ۾ حماس چونڊون کٽي اقتدار ۾ اچي وئي، جنھن جو عالمي برادري بائيڪاٽ ڪيو ۽ غزا سخت مالي گھوٽائي جي ور چڙھي ويو.فلسطيني اٿارٽي ۽ حماس جي وچ ۾ 2007 ۾ جهيڙا پڻ ٿيا، جنھن کانپوءِ مصر ۽ اسرائيل ان ساحلي پٽي جو گهيرو ڪري غزا جي ماڻهن جي سفر ۽ واپار تي سخت پابنديون مڙھيون. اسرائيل انھن ڪاروائين کي حماس کي ڪنٽرول ڪرڻ جا قدم قرار ڏنا.
ھن وقت ويسٽ بئنڪ فلسطيني اٿارٽيءَ جي ماتحت جڏھن ته غزا جي پٽي حماس جي قبضي ھيٺ آهي. ان دوران حماس جون اسرائيل سان چار جنگيون ٿي چڪيون آهن.جيتوڻيڪ اسرائيل لاءِ غزا جي سيڪيورٽي جو اهڙو ماڊل وڻندڙ ته نه ھيو پر ان کي ٻين جي ڀيٽ ۾ بهتر سمجهيو ويو، ڇو ته ان وچ ۾ ڪيترائي سال ڏاڍي امن ۽ سڪون سان پڻ گذري ويا.
- 4. لبنان جو ماڊل: فلسطيني ويڙهاڪن خلاف جنگ ۾ اسرائيل لبنان جي ڏاکڻين علائقن تي 1978 ۽ 1982 ۾ ٻه ڀيرا حملا ڪيا، انھن علائقن تي اسرائيل سندس حامي مليشيا ’سائوٿ لبنان آرمي‘ جي مدد سان 18 سالن تائين قبضو قائم رکيو.
لبنان ۾ 1982 ڌاري ايران جي حمايت سان ’حزب الله‘ قائم ٿي، جنھن جي حملن سبب سن 2000 ۾ اسرائيل لبنان مان پنهنجي فوج ڪڍڻ تي مجبور ٿي ويو، ۽ ’سائوٿ لبنان آرمي‘ جو پڻ خاتمو ٿيو.
سن 2006 ۾ حزب الله ۽ اسرائيل ھڪ ڊگھي جنگ کانپوءِ نيٺ پاڻ ۾ ٺاھ ڪيو. اڄ حزب الله لبنان جي سڀ کان طاقتور ويڙھاڪ تنظيم آهي.
ٻيو ڪو رستو؟ اسرائيل غزا بابت رٿائن جي حوالي سان ابتڙ پيغام ڏيندو رھيو آهي. اسرائيلي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته هو غزا تي قبضو نٿا ڪرڻ چاهين، ۽ سندن اهو به چوڻ آھي ته اسرائيلي فورسز کي جنگ کانپوءِ غزا ۾ آزادي سان اچ وڃ گھرجي.
ڪجهه اختياري وارن ان ڳالھه تي پڻ بحث ڪيو آھي ته فلسطينين کي سرحد کان پري رکڻ لاءِ ھڪ ’بفر زون‘ ٺاهيو وڃي. جڏهن ته آمريڪا ۽ ٻين ملڪن غزا ۾ فلسطيني اٿارٽي جي واپسي تي زور ڀريو آهي.
فلسطين جي آزاد خودمختيار رياست ئي هن مسئلي جو حل آھي انڪري فوري طور فلسطين جي آزاد رياست جيڪا تاريخي حدن تي ٻڌل هجي ان جو قيام عمل ۾ آندو وجي
جيڪڏھن اسرائيل غزا تي حماس جي 16 سال پراڻي حڪومت ختم ڪرڻ ۽ سندس اڏا تباهه ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته پوءِ به غزا ۾ اسرائيلي فوج جي موجودگي بغاوت کي جنم ڏئي سگهي ٿي، جيئن 1967 کان 2005 تائين اسرائيلي فوجن جي موجودگيءَ سبب ٿيو.