دنيا جي ھر معاشري ۽ مذھب جا پنهنجا پنهنجا مذھبي، قومي ۽ ثقافتي ڏڻ ھوندا آھن ۽ سڀنيءَ جو پيغام پنهنجائپ ۽ انسان دوستيءَ ئي ھوندو آھي، پوءِ اهو کڻي عيد، هوليءَ، ڪرسمس يا ايسٽر ڇو نه هجي. سموري دنيا ۾اڄ ڏياري جو ڏڻ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي. هي ڏڻ سنڌوءَ سڀيتا جو قديمي ڏڻ آهي، جنهن کي عام طور تي روشنين جو تهوار به چيو ويندو آهي. اهو تهوار سياري جي آمد جو سنهيو ساڻ ڪري ڪتيءَ جي مهيني شروع ٿيڻ کان ملهايو ويندو آهي، اهو ڏڻ ڏکڻ ايشيا ۾سناتن ڌرم، ٻُڌازم، جين مت ۽ سک مت وارا مذھبي ۽ ثقافتي ڏڻ طور ملھائيندا آھن.
هندن جي تهوان جي اهميت مذهبي هجڻ سان گڏوگڏ سماجي ۽ موسمي پڻ هوندي آهي، هوليءَ بهار جي شروعات ۾ ايندي آهي، اُن وقت هوليءَ جي رنگن جيان، چوطرف رنگ برنگي گل به ٽڙيل هوندا آهن ۽ هوليءَ جا رنگ بهار جي من موهيندڙ مند جي خوبصورتيءَ ۾ وڌيڪ اضافو ڪندا آهن، ٿڌڙي ۽ شري ڪرشن جو جنم ڏڻ وري سانوڻ جي مند ۾ اچي ٿو جڏهن برساتون پون ۽ ٻنين ۾ پوک ڀلي ٿئي.”ڏياري ؛؛جو تهوار، روشنين، ڌماڪن، ڦٽاڪن، مرڪن ۽ خوبصورتيءَ جو احساس پاڻ ۾ سميٽي سال ۾ هڪ ڀيرو سياري جي شروعات جو سنديش کڻي اچي، يعني هلڪي هلڪي سردي جي موسم ۾ هر سال ايندو آهي، ان ڏڻ کي ماڻهو ڏياري، ديوالي، ديپاولي ۽ ديواڙي جهڙن مخلتف نالن سان سڏين ٿا، ڏياري سچ جي جيت ۽ ڪوڙ جي هار جو تهوار آهي، اصولن تان قربان ٿيڻ جو مظهر آهي، رشتن جي پوترتا جو احساس آهي ۽ واعدو نڀائڻ جي ريت کي برقرار رکڻ جو سبق آهي.
رام چندر جي اچڻ جي خوشيءَ ۽ سندس چوڏهن ورهيه بن ۾ رهڻ جي وڇوڙي کان پوءِ ايوڌيا کيس ورلاپ ڏيندي چوي ٿي ته: هي ڏينهن آ ديپ جلائڻ جو، نه ڪي ديپ وسائڻ جو الائي ڪنهن آ آواز ڏنو، من اندر کي جاڳائڻ جو”. ايوڌيا ۾ رام چندر جي آمد جي خوشيءَ ۾، سڄي ايوڌيا کي ڏيئن سان روشن ڪيو ويو ۽ انهيءَ خوشيءَ جي موقعي تي پڻ طرح طرح جي مٺائين جو بندوبست ڪيو ويو ۽ رام چندر جي عظمت جا گيت ڳائيندي، پوري ايوڌيا جهومڻ ۽ ڳائڻ لڳي. اهو ئي سبب آهي جو اسين ديوالي جي ڏڻ کي ڏيئن جي روشنين سان ملهائيندا آهيون ۽ رام چندر جي صبر ۽ قرباني کي ياد ڪندا آهيون. اسان جڏهن به ڏياري جو ڏڻ ملهائيندا آهيون ته سدائين شري رام چندر جي هن چوڏهن ورهين جي سفر ۽ ڪشٽ کي ياد ڪندا آهيون، جيڪو رام چندر ايوڌيا کان لنڪا تائين ۽ لنڪا کان ايوڌيا تائين سٺو، سندس عظمت ۽ فرمانبرداري کي ياد ڪري اسان پرجوش نموني سان ڏياري يعني ”ڏيئن جو تهوار“ ملهائيندا آهيون.
رامائڻ جي ڪٿا ۾ اسان کي راجا دسرت، رام چندر، سيتا، لڪشمڻ، پرت ۽ راوڻ جهڙا اهم ڪردار ملن ٿا پر ڪجهه اهڙا به ڪردار رامائڻ ۾ موجود آهن، جنهن کي اسان شايد نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهيون، جنهن سان اسان کي زندگيءَ جو سبق سکڻ لاءِ ملي ٿو، جيئن دوستيءَ ۽ ڀڳتيءَ جي حوالي سان هنومان ۽ سگريو فرمانبرداري جي حوالي سان شروڻ ڪمار، رامائن جي ڪٿا جي هن اهم ڪردار کي اسان ڪڏهن به وساري نٿا سگهون: جيڪو هن موجوده دؤر جي ٻارڙن / اولاد لاءِ هڪ مثال آهي، شروڻ ڪمار پنهنجي سورداس (نابينا) ماءُ پيءُ جي دل و جان سان خدمت ڪئي ۽ هڪ مثالي پٽ ثابت ٿيندي. پنهنجيءَ ماءُ پيءُ کي پنهنجيءَ ڪلهن تي کڻي تيرٿ ياترا ڪرايا، پيءُ ۽ ماءُ جو هي چئڪار پٽ ايوڌيا جو رهواسي هو، شريرامچندر جي بنواس وڃڻ جو اهم ڪارڻ به شروڻ ڪمار جي ماءُ پيءُ جي ڏنل سراپ (بدعا) جو ئي هڪ ڏيک هيو. جڏهن رات جي اونداهي پهر ۾ راجا دسرت شڪار لاءِ جهنگ ڏانهن روانو ٿيو ته درياهه جي ڪپ تي کيس ڪنهن جانور جي پاڻي پيئڻ جو آواز آيو، راجا دسرت اندازيءَ تي تيز، ايندڙ آواز طرف تير هلايو، شروڻ ڪمار زخمي ٿيو ۽ سندن مرتيو (موت) ٿي ويو.
بنيادي طور تي ڏياري اونداهين کي ختم ڪرڻ جو ڏڻ آهي، هتي اونداهي مان مُراد جھالت يا گھٽ علمي به آهي، اونداهي ختم ڪرڻ جو مقصد آهي ته اسان سماج اندر روشنيءَ پيدا ڪيون. جديد دؤر ۾اسان جو سماج ھر طرف ۽ هر لحاظ کان اونداھين ۾جڪڙيل آهي. حق ۽ علم جي روشنيءَ جي هن ثقافتي ڏڻ ڏياريءَ جون خوشيون اُن اُميد سان ملھائڻ گهرجن ته سموري دُنيا ۾حق، سچ ۽ علم جي روشنيءَ کي پکيڙيندڙ سدائين جدوجهد ۽ ميدان عمل ۾رهن. جيتوڻيڪ اسان سان ٿيندڙ ظلمن جي ته تاريخ ڀري پئي آهي، تڏهن اسان چاهيندا آهيون ته اسان جي وچ ۾مذهب، ذات، رنگ ۽ نسل جو فرق نه هجي. اسان سدائين محبت، اَمن، پيار ۽ پنهنجائپ جا متلاشي رهيا آهيون، اهو ئي سبب آهي جو اسان هڪٻئي جي عقيدن ۽ ڌرمن جا امين رهيا آهيون. هر تهوار تي خوشيون گڏجي ملهائيندا آهيون. جنهن سان نه رڳو مذهبي هم آهنگي کي هٿي ملي ٿي پر پنهنجائپ جو احساس پڻ جاڳي ٿو.
تهوارن جي اصل خوشيءَ ان ۾آهي ته اسان هڪٻئي جي خوشيءَ ۾شريڪ ٿيون، اسان تي اهو پڻ لازم ٿئي ٿو ته ڏياري جي خوشيءَ جي موقعي تي اسان اُنھن ماڻهن کي به ياد ڪيون جيڪي مسڪين آھن، جيڪي حقيقت ۾به خوشين جا مستحق آهن، جن جي گهرن ۾ڏيئا ته ٺهيو چُلهه به اُجهاميل هوندي آهي. سچ اِهو آهي ته اڄ جي نفسا نفسي واري دؤر ۾ پيٽ پالڻ جي ڊوڙ ڊُڪ ۾ڀڄندڙ سماج ۾هر ٻيو ماڻهوءَ ڄڻ ته پنهنجو پاڻ ۽ زندگيءَ کان فرار محسوس ڪري رهيو هوندو آهي، ان لاءِ اسان کي گهرجي ته اُنھن جي گهرن ۾ روشنيءَ آڻي انھن جي ڏکي زندگيءَ آسان بڻايون.
تهوارن جي اصل خوشيءَ ان ۾آهي ته اسان هڪٻئي جي خوشيءَ ۾شريڪ ٿيون، اسان تي اهو پڻ لازم ٿئي ٿو ته ڏياري جي خوشيءَ جي موقعي تي اسان اُنھن ماڻهن کي به ياد ڪيون جيڪي مسڪين آھن، جيڪي حقيقت ۾به خوشين جا مستحق آهن، جن جي گهرن ۾ڏيئا ته ٺهيو چُلهه به اُجهاميل هوندي آهي.