نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جو تاشقند جو دورو

تحرير: محمود خان

وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ 16هين اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ازبڪستان جي شهر تاشقند جو سرڪاري دورو ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم، اي سي او ويزن 2025 ،واپار، ٽرانسپورٽ،ڪنيڪٽيوٽي،توانائي، سياحت ۽ اقتصادي ترقي ۽ پيداواي شعبن ۾ علائقائي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم  سيمت تنظيم جي مستقبل جي ڪم ۽ علائقائي پاڪستان جو ويزن پيش ڪيو.

ھن ان سان گڏوگڏ تنظيم جي مستقبل جي ڪم ۽ علائقائي سهڪار جي فروغ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.وزيراعظم ازبڪستان جي قيادت ۽ ٻين شريڪ اڳواڻن سان ٻه طرفيون ڳالهيون ڪيون. اي سي او ، باني رڪن جي حيثيت سان پاڪستان اي سي او، جي رابطن ۽ گڏيل خوشحالي جي ڦدفن لاءِ پراميد آھي.ان موقعي تي نگران وزيراعظم ازبڪستان جي راڄڌاني تاشقند ۾ اقتصادي تعاون تنظيم جي 16 هين سربراهه اجلاس جي موقعي تي آذربائيجان جي صدر الهام عليئيف سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن، واپار، دفاع ۽ لاڳاپن  ۾ ھاڻوڪي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ڪاڪڙ ۽ صدر عليئيف اسلامو فوبيا ۽ موسمياتي تبديلي سميت ٻين گڏيل چئلينجز ، علائقائي تعاون ۽ گڏيل خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اي سي او، جي اھم ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.وزيراعظم آذربائيجان ايئر لائنز جي لاءِ پاڪستان لاءِ سڌي فلائيٽ آپريشن جي اعلان جي آجيان ڪئي ۽ ھن ان عمل کي ڪاروبار، سياحت ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌائڻ لاءِ مثبت اڳڀرائي  قرار ڏنو.

ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن غزا ۾ انساني بحران  ۽ والاريل ڪشمير ۾ ھندستان جي ظلمن جي تازي صورتحال تي  خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ڪاڪڙ آذربائيجان جي خودمختاري ۽ علائقائي سالميت جي حمايت خاص ڪري قرھ باغ جي حوالي سان پاڪستان جي مڪمل حمايت ورجائي.اھا ڳالھھ حقيقي آھي تھ آذربائيجان ڪنيڪٽوٽي پروجيڪٽس جي لاءِ ھڪ مرڪز جي طور تي اڀريو آھي.آذر بائيجان جي صدر صدر الهام عليئيف جي متحرڪ قيادت جمھوري آذربائيجان کي اقتصادي مرڪز ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، آذربائيجان توانائي جا وڏا منصوبا شروع ڪيا آهن، گذريل سال پاڪستان مان 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهن آذربائيجان جو سياحت تي آيا آھن. آذربائيجان جي قومي ايئر لائين AZAL  جي پاڪستان لاءِ هوائي آپريشن شروع ڪرڻ ھڪ مثبت عمل  آهي، ان سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ ۾ مدد ملندي. آذربائيجان جي صدر الهام عليئيف جي قيادت، جمهوريه آذربائيجان کي هڪ علائقائي اقتصادي مرڪز ۾ تبديل ڪيو ۽  تازي آزاد ٿيل پنھنجن علائقن جي ترقي م ڪا به ڪسر ناھي ڇڏي. آذربائيجان انهن علائقن ۾ هوائي اڏا، جديد انفراسٽرڪچر اڏيا آھن، ان سان گڏوگڏ شهرن ۽ ڳوٺن کي بحال ڪيو آهي. پاڪستان ۽ آذربائيجان جا ماڻهو گڏيل تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي لاڳاپن ۾ جڙيل آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻن ڀائراڻا لاڳاپا آهن.

جمهوريه آذربائيجان ۽ اسلامي جمهوريه پاڪستان جي وچ ۾ گهڻ طرفي لاڳاپا گذريل ڪجھھ سالن ۾ وڌيا آهن، جنھن سان  اقتصادي تعاون ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن جي ذريعي، پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ واپار ۾ تازو خاصو اضافو ٿيو آهي ۽ مستقبل ۾ ٻه طرفي واپار ۽ لاڳاپن ۾ وڌيڪ پختگيءَ ٿيندي.

آذربائيجان ڪنيڪٽوٽي  منصوبن لاءِ هڪ مرڪز طور اڀري آيو آهي جيڪو اتر ڏکڻ ۽ اوڀراولهه ٽرانسپورٽ جي لاءِ ڪوريڊور جي جو مرڪزي حصو آهن، جنھن  ۾ ٽرانس ڪيسپين انٽرنيشنل روٽ ۽ باڪو تبليسي قارس ريلوي مواصلاتي نظام شامل آهن. اهي ڪنيڪشن جا جامع ڪوريڊور آهن جيڪي پوري خطي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.

ٻئي طرف نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ازبڪستان جي شهر تاشقند ۾ 16 هين اي سي او، سربراهه اجلاس جي موقعي تي سيڪريٽري جنرل، اي سي او خسرو نوزيري سان پڻ ملاقات ڪئي.

ٻنهي اڳواڻن واپار، مواصلات ۽ اقتصادي تعاون جي شعبن ۾ تنظيم جي تازي پيش رفت جو جائزو ورتو.تاشقند ۾ اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي سربراهه اجلاس کي خطاب ڪندي انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته اي سي او جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. ھن 16 هين سربراهه اجلاس۾ سندس پرتپاڪ استقبال تي پاڪستاني وفد کي خراج تحسين پيش ڪيو.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ اسرائيل جي جارحيت جي سخت مذمت ڪئي،ھن چيو تھ معصوم ٻارن ۽ عورتن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، غزا ۾ جاري جنگ فوري طور بند ڪئي وڃي. وزيراعظم جو چوڻ ھو تھ   اي سي او ۽  خطي ۾ وڌيڪ سرحدي ۽ واپاري راهداري جي ضرورت آهي، حڪومت پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ خصوصي ڪائونسل قائم ڪئي وئي آهي، پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، اقتصادي تعاون تنظيم  خطي جي ترقي لاءِ  اهم فورم آهي،جنھن سان خطي ۾ واپاري سرگرمين کي ھٿي ملندي جنھن سان ئي اڳتي وڌڻ ۽ ترقي ممڪن آهي. اي سي او ميمبر ملڪ معدني وسيلن سان مالا مال آهن، اي سي او ملڪن وچ ۾ واپاري راهداري اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اي سي او خطي ۾ وڌيڪ سرحدي ۽ واپاري راهدارين جي گھڻي گھرج آھي، پاڪستان حڪومت سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ خصوصي ڪائونسل قائم ڪري ڇڏي آهي، پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، پاڪستان ٻين اي سي او ملڪن سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي، نگران وزيراعظم  اجلاس ۾ اسرائيلي جارحيت ۽ غزا ۾ جاري جنگ کي فوري طور تي بند  ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته اي سي او ملڪن کي ان حوالي سان ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.