ڇا ايندڙ حڪومت عوام جا مسئلا حل ڪري سگهندي

تحرير: امانت علي شيخ

ملڪ ۾ نئين حڪومت ڪنهن جي هوندي وقت کان اڳ اهو ٻڌائڻ حماقت هوندي، اهو فيصلو عوام ۽ سندن ووٽ يا وري جيڪي اڄ تائين پاڪستان ۾ حڪومت طئي ڪندا آهيا آهن اهي ئي وقت اچڻ تي طئي ڪندا. پر تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته هن ڀيري حڪومت جي واڳ نواز ليگ جي حوالي ڪئي ويندي، سو ڏسجي ته صورتحال ڪيئن ٿي وڃي بيهي.

اهم سوال اهو ناهي ته حڪومت ڪنهن جي هوندي، پر اهميت ان سوال جي آهي ته عوام جي مسئلن جي حل لاءِ حڪومت وٽ ڪهڙي پاليسي ۽ حڪمت عملي هوندي؟ آئين، قانون ۽ جمهوريت جي بالادستيءَ لاءِ حڪومت ڪهڙيون ڪوششون وٺندي؟ ڇا هن دفعي به حڪمران پنهنجي مفادن جي جنگ وڙهندا يا ملڪي ترقيءَ لاءِ ڪي اپاءَ وٺندا.؟

ملڪ ۾ پي ڊي ايم جي اتحادي حڪومت کان پوءِ منهگائيءَ جو جيڪو طوفان آيل آهي جنهن عوام جي قوت خريد کي بري طرح متاثر ڪيو آهي، ان مهانگائيءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ وٽن ڪهڙي حڪمت عملي هوندي ڇا عوام کي تڪليفن مان نجات ڏيارڻ لاءِ حڪومت ڪو عملي قدم کڻندي؟ اهو سوال اهم هوندو.

هن ڀيري پي ڊي ايم جي اتحادي جماعتن کي اليڪشن مهم ۾ عوام جي سوالن جي سان پريشاني سامهون ايندي جو سندن اتحادي حڪومت کان پوءِ عام ماڻهن جي ڏُکن ۽ تڪليفن ۾ جيڪو اضافو آيو اهو سوالن جي صورت ۾ سندن سامهون هوندو، انهن سوالن کي هو منهن ڪيئن ڏيندا اهو انهن لاءِ وڏو چيلينج هوندو.

پاڪستان جي مين اسٽريم جي سياسي جماعتن کي حقيقي ۽ عوامي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ کپي هڪٻئي جي عيب جوئي ڪرڻ کان بهتر آهي ته گڏجي ويهي مسئلن تي ويچار ڪن ۽ انهن جي حل لاءِ گڏيل طور ڪائي حڪمت عملي جوڙين. عوام طرفان کين مليل مئنڊيٽ جو احترام ڪرڻ گهرجي. سياستدانن کي ”ووٽ کي عزت ڏيو“ جي گهر صرف غير جمهوري قوتن کان نه ڪرڻ گهرجي پر پاڻ به عوام جي ڏنل ووٽ جو احترام ڪندي سندن ڀلي لاءِ قانوسازي ۽ فيصلا ڪرڻ گهرجن.

هن وقت پنجاب ۾ سموگ جو وڏو مسئلو آهي جنهن لاهور شهر کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي، فيڪٽرين مان نڪرندڙ دونهون ان جو ڪارڻ بڻجي رهيو آهي سموگ جو جنهن ماڻهن جي صحت کي بري طرح متاثر ڪيو، سو سياسي جماعتن کي (حڪومت ملڻ کان پوءِ) هن اهم معاملي سوچڻ گهرجي ۽ فيڪٽرين (جيڪي انساني آباديءَ جي ڀرسان آهن) خلاف قانوني ڪاروائي ڪرڻ گهرجي جن پنجاب سميت پوري ملڪ جي ماحوليات کي بگاڙي ڇڏيو آهي.

ماحولياتي تبديلي يا ڪلائيميٽ چينج هن وقت سموري دنيا جو مسئلو آهي جنهن جا انساني زندگيءَ سميت سموري جيوت ۽ فطرت تي منفي اثر پيا آهن، سڄيءَ دنيا ۾ ماحولياتي تبديليءَ جي سوال تي ڪم ٿي رهيو آهي ۽ تحريڪون هلي رهيون آهن پر پاڪستان جي سياسي جماعتن وٽ هن انتهائي اهم ۽ حساس معاملي متعلق واضح پروگرام ڪونهي جنهن جي لپيٽ ۾ لکين ماڻهو آيل آهن هن معاملي تي به نئين ايندڙ حڪومت کي ڪوئي واضح پروگرام ڏيڻ گهرجي.

پاڪستان ۾ عوام جا کوڙ سارا مسئلا آهن جن سندن زندگي تباه ڪري ڇڏي آهي پر تاريخ ۾ ڪڏهن به حڪمرانن انهن مسئلن جي حل لاءِ ڪي به سنجيده ڪوششون نه ورتيون آهن، حڪمرانن سدائين پنهنجا ڀڀ ڀريا آهن ۽ مفاد پورا ڪيا آهن عوامي مسئلن کي هميشه نظرانداز ڪيو ويو آهي پر اسان هن ڀيري اميد ڪريون ٿا جيڪا نئين حڪومت ايندي اها ماضيءَ کي نه ورجائيندي ڪي سٺا فيصلا ۽ پاليسيون جوڙيندي جيڪي عوامي مفادن وٽان هجن اميد ته ايندڙ حڪومت اسان جي اميدن تي پوري لهندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.