فلسطين جي زمين تي جنگ جاري آھي.اسرائيل ڪارروائيون وڌائي ڇڏيون آھن. اسپتالن توڙي پناھگيرن کي سوڙھو ڪري موت جي منھن ۾ ڌڪيو پيو وڃي.دنيا کي انسانيت ۽ انساني حقن جو درس ڏيندڙ يورپ توڙي دنيا جا شاھوڪار عرب ملڪ مصلحت جو مظاھرو پيا ڪن.فلسطين جي ڌرتيءَ تي وھندڙ رت تي ڪنھن کي بھ سيڪ نھ پيو اچي.پر دنيا ۾ عوامي راءِ جو وڌندڙ دٻاءَ اسرائيل کي جھڪائي رھيو آھي.اھا ئي ھڪ اميد آھي، جيڪا عام مظلوم ماڻھن جو سھارو ٿي سگھي ٿي.
غزا جي سڀ کان وڏي الشفا اسپتال جي انتظاميھ موجب اسرائيلي بمباري سبب اسپتال جا سمورا آپريشن بند ٿي ويا آهن ۽ اسان موت جي ويجھو پھچي چڪا آهيون. 36 ڏينھن جي جنگ ۾ فوتين جو انگ 11ھزار ٿي ويو آھي، جڏھن تھ 15 لک کان وڌيڪ ماڻھون گھرن گھاٽن کان محروم آھن.کاڌي پيتي جي شين جي کوٽ تھ وڌي وئي آھي پر پاڻي پڻ ملڻ مشڪل ٿي ويو آھي.
الشفا اسپتال جي مئنيجر محمد ابو سلميه چيو ته اسرائيلي جهاز الشفا اسپتال جي چوڌاري سڀني کي نشانو بڻائي رهيا آهن، اسان زخمين کي کڻڻ لاءِ اسپتال کان ٻاهر به نٿا وڃي سگهون.ھن چيو ته اسان موت کان صرف چند منٽن جي فاصلي تي آهيون، دنيا اسان کي مرندي ڏسي رهي آهي ۽ الشفا اسپتال جي نرسري ۾ ٻار ۽ آءِ سي يو ۾ مريض بجلي نه هجڻ سبب فوت ٿين پيا.ھن اھو بھ چيو تھ اسپتال اندر پناهگيرن جي خيمن کي باهه لڳي، جيڪا سموري ڪامپليڪس ۾ پکڙجڻ جو خطرو آهي.گڏيل قومن اتر غزا کي جهنم قرار ڏئي ڇڏيو.پرڏيهي غزا ۾ اسرائيل جي زميني ۽ فضائي حملن سبب لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن ۽ اھي پنهنجو سر لڪائڻ لاءِ اسپتالن يا گڏيل قومن جي ڪئمپن ۾ پناهه ورتل آهن. اسپتالن تي به حملن سبب اٽڪل ڏيڍ لک فلسطيني اتر غزا مان پنڌ لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن.
اسرائيلي فوج جي ترجمان موجب گذريل ٻن ڏينهن ۾ ھڪ لک فلسطيني اتر غزا کان ڏکڻ غزا منتقل ٿيا آهن، جن ۾ ٻار ۽ زخمي به شامل آهن.ميڊيا رپورٽن موجب فلسطينين جي نسل ڪشي خلاف اسرائيل جي جارحيت جو سلسلو جاري آهي ۽ صهيوني فوج ڏکڻ غزا ۾ آبادين تي حملا ڪري ڇڏيا آهن.ٻڌايو پيو وڃي ته اسرائيلي فوج هاڻي پناهگيرن جي ڪيمپ الشاطي ۽ اڀرندي علائقن ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.ٻئي طرف گڏيل قومن جي انساني همدردي واري اداري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هو امدادي ٽرڪون غزا جي اتر تائين پهچائڻ ۾ ناڪام آهن جتي لکين ماڻهو اڃا به رهن ٿا، جيڪڏهن زمين تي ڪا دوزخ آهي ته اها اتر غزا آهي.
گڏيل قومن جي انساني حقن بابت ھاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ غزا ۾ "عمومي تباهي جي ڌماڪيدار هٿيارن” جي اسرائيل جي استعمال جي تحقيقات جو مطالبو ڪيو آهي. آمريڪا اسرائيل پاران انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي مذمت ڪري ڇڏي. ھوڏانھن عالمي سطح تي شديد عوامي دٻاءَ سبب اسرائيل پنھنجو موقف تبديل ڪيو آھي،جنھن ۾ ھن چيو ھو تھ غزا جو ڪنٽرول اسرائيل سنڀاليندو.آمريڪي نشرياتي اداري سي اين اين جو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ انتوني بلنڪن اسرائيل جي ڪاررواين جي مذمت نه ڪئي آهي پر بلنڪن جي بيان کي بائيڊن انتظاميا جي اسرائيل بابت بيان ۾ هڪ اهم تبديلي قرار ڏنو پيو وڃي.بلنڪن چيو ته غزا ۾ ڪيترائي فلسطيني مارجي ويا آهن، بيشمار متاثر ٿيا آهن، اسان انهن کي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين.بلنڪن چيو ته اسان به اسرائيل سان ڳالهيون جاري رکنداسين ته جيئن انهن جا مقصد واضح ڪرڻ دوران تمام محتاط قدم کنيا وڃن.هن چيو ته اسرائيل سان ڳالهين دوران غزا مسئلي تي ڪجهه اهم اڳڀرائي ٿي آهي پر هن ان کي ڪافي قرار نه ڏنو.ياد رهي ته آمريڪي عملدار اڃا تائين بائيڊن انتظاميا جي غزا جي حوالي سان اسرائيل جي جنگي حڪمت عملي جي وضاحت جي نتيجن کان مطمئن نه آهن.
اسرائيلي فوج جو موقف آهي ته حماس شهري انفراسٽرڪچر کي پنهنجي پناهه لاءِ استعمال ڪري رهي آهي، حماس کي ختم ڪرڻ لاءِ جيڪو ڪجهه ڪرڻو پوندو اهو ڪنداسين، جڏهن ته اسرائيلي وزيراعظم به آمريڪي جنگ بندي جي مطالبي کي رد ڪندي چيو آهي ته يرغمالين جي آزاد ٿيڻ تائين جنگ بندي نھ ٿيندي.
ٻئي طرف سڄي دنيا ۾ اسرائيلي جارحيت خلاف احتجاجن جو سلسلو جاري آهي، لنڊن، نيويارڪ، روم، استنبول ۽ بغداد سميت دنيا جي وڏن شهرن ۾ هزارين ماڻهو هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي روڊن تي نڪري آيا. فلسطين ۾ جاري نسل ڪشي ۽ غزا ۾ جنگبندي جاري آهي.واشنگٽن ڊي سي ۾ فلسطيني حامي مظاهري ۾ هزارين مظاهرين فلسطيني اسرائيلي جارحيت ۽ شهرين جي قتل عام خلاف سخت نعريبازي ڪئي آھيمظاهرو ڪندڙن وٽ ڪارڊ هيا جن تي لکيل هو ته ’نسل ڪشي بند ڪريو‘، غزا کي جيئڻ ڏيو‘، جڏهن ته مظاهرين آمريڪي صدر بائيڊن کي مخاطب ٿيندي چيو ته، ’بائيڊن، بائيڊن، تون لڪي نٿو سگهين، اسان توکي نسل ڪشي جو مجرم قرار ڏينداسين‘ ۽ ’جنگبندي نه ٿي ته ووٽ نه ڏيو“ جا نعرا به لڳايا ويا.