سنڌ ۾ قبيلائي ويڙھ سبب ٿيندڙ نقصان

تحرير: ذلفي چاچڙ

سنڌ ۾ ايامن کان جاري قبيلائي جھيڙن ۾ قتل ٿيندڙ ماڻھن جو جيڪڏھن الڳ قبرستان ٺاھيو وڃي ھا ته ھوند اھو قبرستان دنيا جو نه سھي پر ايشيا جو سڀ کان وڏو قبرستان ضرور ھجي ھا. ھتي ڪو اھڙو ڏينھن خالي ناھي ھوندو، جنھن ڏينھن سنڌ جي ڪنھن ڪنڊ ۾ ڪو ڳڀرو قبيلائي ويڙھ ۾ پنھنجي زندگي نه وڃائي ھجي. اھڙن ڏکوئيندڙ واقعن جون خبرون روز اسان جي سماعتن تائين پڄن ٿيون. قبيلائي جھيڙا جيڪي بدقسمتيءَ سان اسان جي حياتي جو حصو ۽ سنڌي سماج جي ڄڻ ته ھڪ سڃاڻپ بڻجي چڪا آھن، اھو ئي سبب آھي جو  سنڌ ۾ ٿيندڙ  ان قسم جي واقعن کي ڏسي ۽ ٻڌي دنيا تعجب ۾ پئجي ويندي آھي ۽ معمولي ڳالھين تي ماڻھن جي قتل تي پنھنجي حيرانگي ظاھر ڪندي رھندي آھي، پر اسان جو سماج، ميڊيا توڙي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان واقعن کي گھربل ڌيان ۽ اھميت ناھن ڏيندا، ڇا ڪاڻ ته ڊاڪٽر اجمل ساوند ۽ جان محمد مھر جي قتل جھڙا واقعا اسان وٽ روز جو معمول بڻجي ويا آھن.

سنڌ ۾ رڳو ھڪ ڏينھن جي اندر مختلف شھرن ۾ قبيلائي جھيڙن ۾ ٻن سڳن ڀائرن سميت ڇھه ڄڻا قتل ٿي ويا آھن ۽ ٻن درجن کان وڌيڪ ماڻھو سخت زخمي ٿي پيا آھن.خبر موجب دادو ويجھو ڪاڇي جي قصبي واري علائقي ۾ لغاري ۽ بروھي برادري ۾ ٿيل ويڙھ ۾ ٻن سڳن ڀائرن سوڌو ٽي ڄڻا گولين جو کاڄ بڻجي ويا.ٽنڊو حيدر ويجھو زمين جي مالڪي تان ٻوچ برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل ويڙھ جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا محمد ارشد ۽ گل محمد قتل ٿي ويا.

ٻئي طرف مانجھد لڳ انڙ پور جي ڪچي ۾ کوسا ۽ ماڇي تڪرار تان ھڪ شخص دوست علي کوسو قتل ٿي ويو آھي. جڏھن ته فائرنگ ۾ چار ڄڻا ڦٽي پڻ ٿيا آھن.ان سان گڏ ساڳئي ڏينھن تي نصير آباد، ٽنڊو مستي ۽ جھول ۾ پڻ اھڙا واقعا پيش آيا آھن، جنھن ۾ مجموعي طور تي پندرنھن ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آھن، جن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.

قبيلائي جھيڙن ۾ نه رڳو ڪٽنب ۽ برادريون متاثر ٿين ٿيون، پر ان عمل سان تعليمي ۽ ترقي جو سرشتو پڻ متاثر ٿئي ٿو، جنھن سان قوم ترقي واري ڊوڙ ۾ دنيا جي ٻين قومن کان گھڻو پٺتي رھجي ويندي آھي. جنھن جي نتيجي ۾ اتان جي پيداواري وسيلن تي ٻيا ماڻھو قابض ٿي ويندا آھن. قبيلائي جھيڙن سبب علائقائي امن امان جي صورتحال سدائين خراب رھڻ سبب ڪيترائي مسئلا پيدا ٿين ٿا، جيڪي اڳتي ھلي  تباه ڪن ثابت ٿيندا آھن، ڇا ڪاڻ ته ان سان ٻھراڙي جي تعليم جيڪا ھونئن به نه ھجڻ جي برابر آھي، سخت متاثر ٿئي ٿي، جنھن سان ٻھراڙي جي ٻارن جو مستقبل تباه ٿي ويندو آھي ۽ اھي مقابلي جي ميدان ۾ پٺتي رھجي ويندا آھن، جن جي جاءِ اچي  ڌاريا والاري ويندا آھن، جنھن سبب شھري ۽ ٻھراڙي جي زندگي ۾ تمام گھڻو فرق پيدا ٿي رھيو آھي.

قبيلائي بدامني جيڪا ڌاڙيل ڪلچر جي واڌ ويجهھ جو سبب بڻجي ٿي، ۽ ان سان ترقياتي منصوبا پڻ رولڙي جو شڪار ٿي وڃن ٿا. جھڙي طرح گھوٽڪي۔ ڪنڌڪوٽ پل ڪيترائي سال گذري وڃڻ جي باوجود به تعمير ٿي نه سگھي آھي.جيڪڏھن گھوٽڪي ۔ ڪنڌڪوٽ پل تيار ٿي وڃي ھا ته علائقي واسين جي زندگي جو ڍنگ ئي تبديل ٿي وڃي ھا. کين علاج معالج، تعليم، بجلي سميت  زندگي جون ٻيون بنيادي سھولتون ميسر  ٿين ھا. جنھن سان سندن زرعي پيداوار جي رسائي مارڪيٽ ۾ آسان ٿيڻ سان گڏ انھن جي زمينن جا اگھه پڻ پنجوڻ تي وڌي وڃن ھا، پر اشرافيه قبيلائي ذھنيت کي ھٿي ڏئي ڪچي جي ھارين جو استحصال جاري رکيو پئي اچي.

سنڌ ۾ ھن وقت تائين قبيلائي جھيڙن ۾ سوين بي گناه ماڻھو قتل ٿي ويا آھن، پر شھيد فاضل راھو جي قاتل کان سواءِ آئون نٿو سمجھان ته ڪنھن قاتل کي ڦاھي جي سزا آئي ھجي. سزا ته ٺھيو پر الميو اھو آھي ته قبيلائي بنيادن تي بي گناھ ماڻھن کي قتل ڪندڙ ڏوھارين کي قانون جي گرفت ۾ به نٿو آندو وڃي، غلام سرور جتوئي، اجمل ساوند ۽ جان محمد مھر سميت ڪيترائي مثال اسان جي سامھون موجود آھن. جن جي قاتلن کي اڃان تائين گرفتار به نه ڪيو ويو آھي.

اھو ئي سبب آھي جو سنڌ ۾ قبيلائي بنيادن تي ٿيندڙ انساني ڪوس رڪجڻ جي بدران پنھنجي تسلسل ۾ جيئن جو تئين جاري آھي. نه ڄاڻ ان رت جي راند ۾ اڃان تائين ڪيترا بي گناه ماڻھو قتل ٿيندا ۽ ڪيترا ٻار يتيم بڻجندا؟قبيلائي دھشتگردي کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ سنڌ سرڪار کي تڪڙا ۽ سخت اپاءُ وٺڻ گھرجن، ڇو ته سنڌ ۾ قبيلائي جھيڙا شدت اختيار ڪري رھيا آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.