آءِ فون 18 پرو ميڪس ڪيئن هوندو؟ نيون تصويرون سامهون اچي ويون!

ايپل جي نئين آءِ فون 18 سيريز کي متعارف ڪرائڻ ۾ اڃا لڳ ڀڳ 3 مهينا باقي آهن، پر ان بابت ليڪس ۽ افواهن جو سلسلو جاري آهي. هاڻي 2026ع جي آءِ فون 18 پرو ميڪس جون امڪاني تصويرون سامهون آيون آهن.

پرڏيهي ميڊيا موجب اهي تصويرون ايڪس (ٽوئيٽر) تي شيئر ڪيون ويون آهن، جن ۾ آءِ فون 18 پرو ميڪس مختلف رنگن ۽ مختلف زاوين کان ڏيکاريو ويو آهي. تصويرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته نئين ماڊل جو ڊيزائن وڏي حد تائين آءِ فون 17 پرو سيريز جهڙو ئي هوندو.

رپورٽن موجب آءِ فون 18 پرو ماڊلز چار رنگن ۾ دستياب هوندا، جن ۾هلڪو سرمائي، چٽو خاڪي، چاندي ۽ ڊارڪ چيري رنگ شامل آهن. جڏهن ته آءِ فون 17 سيريز جو مشهور نارنگي رنگ هن ڀيري متعارف نه ڪرايو ويندو ۽ ان جي جاءِ ڊارڪ چيري رنگ وٺندو.

ٻئي پاسي ايپل هن سال آءِ فون متعارف ڪرائڻ جي روايتي حڪمت عملي ۾ به تبديلي آڻڻ جو ارادو رکي ٿي. رپورٽن مطابق سيپٽمبر ۾ آءِ فون 18 پرو ماڊلز سان گڏ ايپل جو پهريون فولڊ ايبل آءِ فون به متعارف ڪرايو ويندو، جڏهن ته آءِ فون 18 ۽ آءِ فون ايئر 2 کي 2027ع جي شروعات ۾ پيش ڪرڻ جو امڪان آهي.

ٽيڪنالاجي رپورٽن موجب آءِ فون 18 پرو سيريز ۾ ايپل جو نئون اي 20 پرو بائيونڪ پروسيسر شامل هوندو، جڏهن ته ٻنهي ماڊلز ۾ اڳ کان وڌيڪ بهتر سي ٽي موڊيم پڻ ڏنو ويندو. ان کانسواءِ سيلفي ڪئميرا لاءِ استعمال ٿيندڙ ڊائنامڪ آءِ لينڊ جو سائيز به وڌيڪ ننڍو ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.