واٽس ايپ دنيا ۾ اربين ماڻهو استعمال ڪن ٿا، پر ان کي سگنل، ٽيليگرام ۽ ٻين ميسيجنگ ايپس سان سخت مقابلي کي به منهن ڏيڻو پوي ٿو. انهيءَ ڪري ميٽا واٽس ايپ ۾ لاڳيتو نوان فيچر متعارف ڪرائي رهي آهي.
هاڻي واٽس ايپ ۾ هڪ اهڙو فيچر شامل ٿيڻ وارو آهي، جنهن جو واهيپدارن پاران ڪافي عرصي کان مطالبو ڪيو پئي ويو. رپورٽن موجب جلد ئي واهپيدار پنهنجا پيغام اڳواٽ شيڊيول ڪري سگهندا.
هي فيچر هن وقت تائين واٽس ايپ جو حصو نه هو، جڏهن ته ٽيليگرام،جي ميل ۽ايڪس سميت ڪيترين ئي ايپس ۾اهڙي سهولت اڳ ۾ ئي موجود آهي.
رپورٽ موجب ٽيڪنالاجي ويب سائيٽ جي رپورٽ موجب آئي او ايس لاءِ واٽس ايپ جي نئين بيٽا ورزن ۾ "شيڊيول ميسيجز” فيچر ڏٺو ويو آهي. هن فيچر ذريعي واهپيدار پنهنجو پيغام لکي، ان لاءِ تاريخ ۽ وقت مقرر ڪري سگهندا، جنهن کان پوءِ اهو پيغام مقرر وقت تي پاڻمرادو موڪليو ويندو.
رپورٽ موجب هي آپشن چيٽ انفارميشن اسڪرين ۾ موجود هوندو، جتان واهپيدار موڪلجڻ کان اڳ شيڊيول ٿيل پيغام کي ختم به ڪري سگهندا.
واضح رهي ته في الحال هي فيچر صرف بيٽا ورزن ۾ ڏٺو ويو آهي، تنهن ڪري اهو سڀني واهپيدارن لاءِ ڪڏهن دستياب ٿيندو، ان بابت اڃا ڪا حتمي ڄاڻ سامهون ناهي آئي.