عامر خان سٺين فلمن سان گڏ سٺين عورتن جي چونڊ ۾ ماهر آهي: ڪاجول

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ڪاجول فلم لگان جي 25هين سالگرهه جي تقريب دوران عامر خان جي امڪاني شادي بابت دلچسپ انداز ۾ ڳالهائيندي چيو آهي ته عامر خان کي فلمن سان گڏ عورتن جي چونڊ جو به بهترين سليقو حاصل آهي.

تقريب دوران ڪاجول مذاحيه انداز ۾ چيو ته عامر خان بابت هڪ ڳالهه پڪ سان چئي سگهجي ٿي ته سندس پروڊڪشن اهو ثابت ڪيو آهي ته کيس فلمن جي چونڊ ۾ انتهائي سٺو ذوق حاصل آهي، جنهن جي شروعات ”لگان“ کان ٿي ۽ اهو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. هن کلندي وڌيڪ چيو ته عورتن جي معاملي ۾ به سندس چونڊ تمام سٺي رهي آهي.

ان موقعي تي جوهي چاولا به مذاحيه انداز اختيار ڪندي چيو ته عامر خان بابت چوڻ لاءِ وٽس گهڻو ڪجهه آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن هوءَ ڳالهائڻ شروع ڪري ته سڄي شام عامر خان جون ڳالهيون ئي ٿينديون، ڇاڪاڻ ته هوءَ کيس ان وقت کان سڃاڻي ٿي جڏهن هو رڳو ”اي ڪي“ هو، ۽ اڄ هو تمام وڏي مقام تي پهچي چڪو آهي.

واضح رهي ته عامر خان ۽گوري سپراٽ 5 جولاءِ تي شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجڻ وارا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.